Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 11:14 - Sindhi Bible

14 ۽ هن ان کي چيو تہ اڄ ڏينهن کان وٺي ڪوبہ تو مان ڪڏهن ڦل نہ کائي، ۽ سندس شاگردن اها ڳالهہ ٻڌي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

14 تنهن تي يسوع انجير جي وڻ کي چيو تہ ”اڄ کان پوءِ وري ڪڏهن بہ ڪو تو مان انجير نہ لهندو.“ سندس چيلن اهو ٻڌو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

14 تنهن تي عيسيٰ انجير جي وڻ کي چيو تہ ”اڄ کان پوءِ وري ڪڏهن بہ ڪو تو مان انجير نہ لهندو.“ سندس شاگردن اهو ٻڌو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

14 تنھن تي عيسيٰ انجير جي وڻ کي چيو تہ ”اڄ کان پوءِ وري ڪڏھن بہ ڪو تو مان انجير نہ لھندو.“ سندس شاگردن اھو ٻڌي ورتو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 11:14
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ رستي جي ڀرسان هڪڙو انجير جو وڻ ڏسي انهي ڏانهن آيو، ۽ ڏٺائين تہ پنن کانسواءِ منجهس ٻيو ڪي ڪينهي، سو هن کي چوڻ لڳو تہ اڄ ڏينهن کان وٺي ڪڏهن بہ تو ۾ ڦل نہ ٿئي، ۽ انهي دم اُهو انجير جو وڻ سُڪي ويو.


ٻيو مثال ٻڌو: هڪڙو گهر جو مالڪ هو، تنهن هڪڙو ڊاک جو باغ لڳايو. ۽ انهي جي چوڌاري لوڙهو ڏنائين، ۽ رس پيڙي ڪڍڻ لاءِ منجهس هڪڙو حوض کوٽيائين، ۽ هڪڙو ٺلهہ ٺهرايائين، ۽ اُهو ڪن آبادگارن کي ٺيڪي تي ڏيئي پاڻ ڪنهن ٻئي ملڪ ڏانهن هليو ويو.


۽ جيڪو هن پهڻ تي ڪِرندو سو ڀڄي پرزا پرزا ٿي پوندو، پر جنهن تي اُهو ڪِرندو، تنهن کي چور چور ڪري ڇڏيندو.


بلڪ هينئر ئي وڻن جي پاڙ تي ڪهاڙي رکي ويئي آهي، تنهنڪري جيڪو وڻ چڱو ڦل نٿو ڏئي، سو وڍي باهہ ۾ وجهبو.


جيڪو وڻ چڱو ڦل نٿو ڏئي، سو وڍي باهہ ۾ وجهبو آهي.


۽ پري کان هڪڙو انجير جو وڻ ڏٺائين، جنهن ۾ پن هئا، ۽ اُتي آيو تہ من ڪو ڦل مليس: پر جڏهن هو اُنهي وٽ آيو، تڏهن ڏٺائين تہ پنن کانسواءِ ٻيو ڪي بہ ڪين آهي؛ ڇالاءِ جو اُها انجير جي مند نہ هئي.


پوءِ اُهي يروشلم ۾ آيا: ۽ هو هيڪل ۾ گهڙيو، ۽ جن اُتي خريد ۽ فروخت ويٺي ڪيو، تن کي ٻاهر ڪڍڻ لڳو، ۽ صرافن جا صندل، ۽ ڪبوتر وڪڻڻ وارن جون صندليون، اونڌيون ڪري ڇڏيائين؛


جيڪڏهن ڪو مون ۾ نہ رهندو، تہ ٽاريءَ وانگر اُن کي ڪڍي ڦٽو ڪبو، ۽ اُهو سُڪي ويندو؛ ۽ پوءِ اُنهن کي ميڙي چونڊي باهہ ۾ ٿا وجهن، ۽ اُهي سڙي ڀسم ٿا ٿين.


ڇالاءِ تہ جيڪڏهن اُهي خداوند ۽ نجات ڏيندڙ يسوع مسيح جي سڃاڻپ جي ڪري دنيا جي ناپاڪائيءَ کان ڇُٽن ٿا، پر وري بہ انهيءَ ۾ ڦاسي مغلوب ٿا ٿين، تہ انهن جي پوئين حالت پهرينءَ کان خراب ٿي ٿئي.


جيڪو ناراست آهي سو ڀلي ناراستي پيو ڪري؛ ۽ جيڪو ڪميڻو آهي سو ڀلي ڪميڻو رهي؛ ۽ جيڪو راستباز آهي، سو ڀلي راستبازي پيو ڪري: جيڪو پاڪ آهي سو ڀلي پاڪ ٿيندو وڃي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ