Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 10:27 - Sindhi Bible

27 يسوع انهن ڏي نهاري چيو، تہ ماڻهن لاءِ اها ڳالهہ اڻ ٿيڻي آهي، پر خدا لاءِ نہ، ڇالاءِ جو خدا کان سڀ ڪجهہ ٿي ٿو سگهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

27 يسوع انهن ڏانهن نهاري چيو تہ ”اها ڳالهہ انسان جي وس کان ٻاهر آهي، پر ايشور جي وس کان نہ، ڇاڪاڻ تہ ايشور هر شيءِ تي شڪتيوان آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

27 عيسيٰ انهن ڏانهن نهاري چيو تہ ”اها ڳالهہ انسان جي وس کان ٻاهر آهي، پر خدا جي وس کان نہ، ڇاڪاڻ تہ خدا هر شيءِ تي قادر آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

27 عيسيٰ انھن ڏانھن چتائي ڏٺو ۽ چيائين تہ ”اھا ڳالھہ ماڻھن کان ٿي نہ ٿي سگھي، پر خدا ڪري سگھي ٿو، ڇالاءِ⁠جو خدا ھر شيءِ تي قادر آھي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 10:27
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ اها خداوند جي نظر ۾ هڪڙي خسيس ڳالهہ آهي: هو موآبين کي بہ اوهانجن هٿن ۾ ڏيندو.


تڏهن جنهن سردار جي هٿ تي بادشاهہ ٽيڪ ڏيو بيٺو هو، تنهن ورندي ڏيئي اُنهيءَ خدا جي مرد کي چيو تہ ڏس، جيڪڏهن خداوند آسمان ۾ دريون جوڙيندو تہ بہ اها ڳالهہ ٿي سگهندي ڇا؟ ۽ هن چيو تہ ڏس، تون اهو پنهنجين اکين سان ڏسندين، مگر اُنهيءَ مان کائيندين ڪين.


مون کي خبر آهي تہ تون سڀ ڪجهہ ڪري سگهين ٿو، ۽ تنهنجو ڪو بہ ارادو روڪجي نٿو سگهي.


اي خداوند خدا، ڏس، تو پنهنجي وڏي قدرت سان ۽ ڊگهيريل ٻانهن سان آسمان ۽ زمين ٻئي جوڙيا آهن؛ تنهنجي لاءِ ڪوبہ ڪم مشڪل ناهي:


ڏس، آءٌ خداوند، سڀني انسانن جو خدا آهيان: منهنجي لاءِ ڪو ڪم مشڪل آهي ڇا؟


لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ جيڪڏهن اها ڳالهہ قوم جي باقي بچيلن جي نظر ۾ اُنهن ڏينهن ۾ عجيب ڏسڻ ۾ ٿي اچي، تہ بہ اها منهنجي نظر ۾ ڪا عجيب ڳالهہ آهي ڇا؟ لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي.


۽ يسوع انهن ڏانهن نهاري چيو تہ ماڻهن کان اها ڳالهہ اڻ ٿيڻي آهي، پر خدا کان سڀ ڪجهہ ٿي ٿو سگهي.


تنهن تي هو ڏاڍي عجب ۾ پئجي ويا، ۽ چوڻ لڳس تہ تڏهن ڪنهن کي نجات حاصل ٿي سگهندي؟


ڇو جو خدا جو ڪوبہ ڪلام بي تاثير ڪين ٿيندو.


پر هن چيو تہ جي ڳالهيون ماڻهن کان ٿي نہ ٿيون سگهن، سي خدا کان ٿي سگهنديون.


تہ جنهن قدرت جي اثر سان هو سڀ شيون پنهنجي تابع ڪري سگهي ٿو، تنهن سان اسان جي حقير بدن کي بدلائي پنهنجي جلال واري بدن جي صورت جهڙو ڪندو.


ڇالاءِ جو هن سمجهيو تہ خدا کي مُئلن مان جيارڻ جي قدرت آهي؛ ۽ مثال طرح انهن مان ئي هو کيس وري مليو.


تنهنڪري جيڪي سندس وسيلي خدا کي ويجهو ٿا وڃن، تن کي هو پوري پوري طرح بچائي ٿو سگهي، ڇو جو هو سندن شفاعت لاءِ هميشہ جيئرو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ