Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 10:23 - Sindhi Bible

23 ۽ يسوع آس پاس نظر ڪري پنهنجن شاگردن کي چيو، تہ دولتمند ماڻهو خدا جي بادشاهت ۾ ڪهڙي نہ مشڪلات سان داخل ٿا ٿين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

23 تڏهن يسوع چوڌاري نهاريندي پنهنجي چيلن کي چيو تہ ”شاهوڪار ماڻهن جو ايشور جي راڄ ۾ داخل ٿيڻ ڏاڍو ڏکيو آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

23 تڏهن عيسيٰ چوڌاري نهاريندي پنهنجي شاگردن کي چيو تہ ”شاهوڪار ماڻهن جو خدا جي بادشاهيءَ ۾ داخل ٿيڻ ڏاڍو ڏکيو آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

23 عيسيٰ چوڌاري نھاريندي پنھنجن شاگردن کي چيو تہ ”شاھوڪار ماڻھو ڪھڙي نہ مشڪلات سان خدا جي بادشاھت ۾ داخل ٿيندا.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 10:23
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪڏهن مون سون کي پنهنجو آسرو ڪيو آهي، ۽ خالص سون کي چيو اٿم تہ تون منهنجو ڀروسو آهين؛


۽ چيائين تہ آئون اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيسين اوهين ڦري ننڍڙن ٻارن جهڙا نہ ٿيندا، تيسين ڪنهن بہ طرح آسمان جي بادشاهت ۾ داخل ڪين ٿيندا.


آئون اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪو خدا جي بادشاهي ننڍڙن ٻارن وانگر قبول نہ ڪندو، سو ڪنهن بہ طرح انهيءَ ۾ داخل نہ ٿيندو.


پر انهي چوڻ تي هن جي منهن جو پنو ئي لهي ويو، ۽ غمگين ٿي هليو ويو: ڇالاءِ جو هو گهڻي ملڪيت وارو هو.


تڏهن ڪاوڙ مان هنن ڏانهن نهاريائين، ڇو جو هنن جي سنگدليءَ تي ارمان ٿي آيس؛ پوءِ انهي ماڻهوءَ کي چيائين، تہ پنهنجو هٿ ڊگهير. ۽ هن اهو ڊگهيريو، تہ هٿ ڇُٽي پيس.


هن هيڏانهن هوڏانهن نهاريو، تہ ڏسان تہ ڪنهن اهو ڪم ڪيو آهي.


۽ يسوع هن کي ڏسي چيو، تہ دولتمند ماڻهو خدا جي بادشاهت ۾ ڪهڙي نہ مشڪلات سان داخل ٿا ٿين!


يسوع جواب ڏنس تہ آئون توکي سچ سچ ٿو چوان تہ جيڪڏهن ڪوبہ ماڻهو پاڻيءَ ۽ روح مان پيدا نہ ٿيندو، تہ خدا جي بادشاهت ۾ داخل ٿي ڪين سگهندو.


ڇالاءِ جو اي ڀائرو، اوهان کي جا ڪوٺ ٿي آهي، تنهن تي نظر ڪري ڏسو، اوهان مان ڪي گهڻا دنياوي طور ڏاها نہ هئا، نڪي گهڻا زوراور هئا، نڪي گهڻا شاهاڻا هئا.


منهنجا پيارا ڀائرو ٻُڌو، خدا هن جهان جي غريبن کي ايمان ۾ ڀرپور ۽ انهي بادشاهت جو وارث ٿيڻ لاءِ پسند نہ ڪيو آهي ڇا، جنهن جو واعدو هن پنهنجي محبت ڪندڙن سان ڪيو آهي؟


اي زناڪار انسان، اوهان کي خبر ناهي ڇا تہ دنيا جي دوستي خدا سان دشمني آهي؟ تنهنڪري جيڪو دنيا جو دوست ٿيڻ ٿو گهُري، سو پاڻ کي خدا جو دشمن ٿو ڪري.


ڇالاءِ جو ائين ڪرڻ سان اوهين فتحمند ٿي اسان جي خداوند ۽ نجات ڏيندڙ يسوع مسيح جي ابدي بادشاهت ۾ چڱيءَ طرح داخل ٿيندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ