Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 10:22 - Sindhi Bible

22 پر انهي چوڻ تي هن جي منهن جو پنو ئي لهي ويو، ۽ غمگين ٿي هليو ويو: ڇالاءِ جو هو گهڻي ملڪيت وارو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

22 جيئن تہ هو وڏو شاهوڪار ماڻهو هو، سو هن ڳالهہ تي سندس منهن لهي ويو ۽ ڏک وچان هليو ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

22 جيئن تہ هو وڏو شاهوڪار ماڻهو هو، سو هن ڳالهہ تي سندس منهن لهي ويو ۽ ڏک وچان هليو ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

22 اھو ماڻھو ھن ڳالھہ تي ڏاڍو ڪومائجي ويو ۽ ڏک ۾ ھليو ويو، ڇالاءِ⁠جو ھو وڏو شاھوڪار ماڻھو ھو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 10:22
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هو تو وٽ ائين اچن ٿا جيئن اُمت جا ماڻهو ايندا آهن، ۽ منهنجي قوم وانگر تنهنجي اڳيان ويهن ٿا ۽ تنهنجون ڳالهيون ٻُڌن ٿا، پر انهن تي عمل نٿا ڪن: ڇالاءِ جو هو پنهنجي وات سان محبت ڏيکارين ٿا، پر سندن دل سندن نفعي جي پٺيان ٿي وڃي.


۽ جيڪو ڪنڊين ۾ پوکيو ويو هو سو اُهو آهي، جو ڪلام ٻڌي ٿو پر دنيا جو فڪر ۽ دولت جو فريب ڪلام کي گهُٽيو ڇڏي، ۽ اُهو ڦل جهلڻ کان رهجيو وڃي.


پر جڏهن انهي جوان اها ڳالهہ ٻڌي، تڏهن غمگين ٿي هليو ويو؛ ڇو جو گهڻيءَ ملڪيت وارو هو.


تڏهن يهوداهہ، جنهن جهلايو هوس، تنهن جڏهن ڏٺو تہ هن کي ڏوهاري ٺهرايو اٿن، تڏهن پڇتائي اُهي ٽيهہ روپيا سردار ڪاهنن ۽ بزرگن وٽ کڻي آيو،


يسوع هن ڏانهن نظر ڪري کيس پيار ڪيو، ۽ چيائينس تہ اڃا تو ۾ هڪڙي گهٽتائي آهي: وڃ جيڪي اٿيئي سو وڪڻي غريبن کي ڏي، ۽ توکي آسمان ۾ خزانو ملندو: ۽ اچي منهنجو پوئلڳ ٿيءُ.


۽ يسوع آس پاس نظر ڪري پنهنجن شاگردن کي چيو، تہ دولتمند ماڻهو خدا جي بادشاهت ۾ ڪهڙي نہ مشڪلات سان داخل ٿا ٿين.


ڇالاءِ جو هيروديس کي خبر هئي تہ يوحنا پاڪ ۽ راستباز ماڻهو آهي، تنهنڪري کانئس ڊڄندو هو، ۽ کيس صحيح سلامت رکندو هو؛ ۽ جڏهن هن جون ڳالهيون ٻُڌندو هو، تڏهن ڏاڍو مُنجهي پوندو هو، پر ٻُڌندو خوشيءَ سان هوس.


تنهن تي بادشاهہ کي ڏاڍو ارمان ٿيو؛ پر پنهنجن قسمن جي ڪري، ۽ مهمانن جي خاطر، هن جو چوڻ موٽائي نہ سگهيو.


۽ هن چين تہ سنڀالجو، ۽ پاڻ کي هر طرح جي لالچ کان بچائيندا رهجو، ڇالاءِ جو ماڻهوءَ جي حياتيءَ جو مدار سندس ججهي مال متاع تي نہ آهي.


پر جڏهن هن اهي ڳالهيون ٻُڌيون، تڏهن ڏاڍو غمگين ٿيو؛ ڇو جو هو ڏاڍو شاهوڪار هو.


ڇالاءِ تہ اهڙي غمگيني، جا خدا جي مرضيءَ موجب آهي سا توبهہ ٿي پيدا ڪري؛ اهڙي توبهہ جنهن جو نتيجو نجات آهي، تنهن ۾ ڪا بہ پشيماني نہ ٿي ٿئي؛ پر دنياوي غم جي ڪري موت ٿو ٿئي.


پڪ ڄاڻو تہ ڪوبہ زناڪار، يا ناپاڪ، يا لالچي ماڻهو جو بُت پرست جي برابر آهي، تنهن جو مسيح ۽ خدا جي بادشاهت ۾ ڪوبہ ورثو ڪونهي.


ڇالاءِ جو ديماس هن دنيا کي پسند ڪري مون کي ڇڏي ويو ۽ ٿسلونيڪيءَ ڏانهن هليو ويو؛ ڪريسڪينس گلتيہ ڏانهن، ۽ طيطس دلمتيہ ڏانهن هليو ويو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ