Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 10:1 - Sindhi Bible

1 ۽ هو اُتان اُٿيو ۽ يهوداہ جي حدن ۾ يردن نديءَ جي پرينءَ ڀر آيو: ۽ وري بہ ماڻهن جو ميڙاڪو وٽس اچي گڏ ٿيو؛ ۽ جيئن سندس عادت هئي تيئن وري بہ انهن کي تعليم ڏيڻ لڳو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

1 پوءِ يسوع گليل علائقي مان روانو ٿي يهوديہ جي علائقي ۾ ۽ اردن درياءَ جي اوڀر پار ويو. اتي بہ ماڻهن جا ميڙ هن وٽ گڏ ٿيڻ لڳا ۽ پنهنجي دستور موجب هو انهن کي سکيا ڏيڻ لڳو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 پوءِ عيسيٰ گليل علائقي مان روانو ٿي يهوديہ جي علائقي ۾ ۽ اردن درياءَ جي اوڀر پار ويو. اتي بہ ماڻهن جا ميڙ هن وٽ گڏ ٿيڻ لڳا ۽ پنهنجي دستور موجب هو انهن کي تعليم ڏيڻ لڳو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

1 عيسيٰ اتان اٿي اردن درياءَ جي ٻيءَ ڀر يھوديہ جي حدن ۾ آيو. وري بہ ماڻھن جا ميڙ ھن وٽ گڏ ٿيڻ لڳا ۽ پنھنجي دستور موجب ھو انھن کي تعليم ڏيڻ لڳو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 10:1
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ وڌيڪ هي بہ تہ واعظ ڏاهو هو تنهن ڪري هن هميشہ ماڻهن کي علم سيکاريو؛ هائو، هن خيال ڪيو ۽ ڳولي ڪڍيائين، ۽ گهڻا ئي پهاڪا ترتيب وار بيهاريائين.


۽ هنن منهن ڦيرائي مون ڏي پٺ ڪئي آهي: ۽ جيتوڻيڪ صبح جو سوير اُٿي مون هنن کي تعليم پئي ڏني آهي، تہ بہ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ هنن ڌيان ڪونہ ڏنو آهي.


اوڏيءَ مهل يسوع ميڙاڪن کي چوڻ لڳو تہ جيئن ڪنهن ڌاڙيل تي ڪاهي اچبو آهي، تيئن اوهين بہ مون کي جهلڻ لاءِ تراريون ۽ لٺيون کڻي آيا آهيو ڇا؟ آئون هر روز هيڪل ۾ ويهي تعليم ڏيندو هوس، ۽ اوهان مون کي ڪين پڪڙيو،


۽ يسوع ساري گليل ۾ هنن جي عبادتخانن ۾ تعليم ڏيندو، ۽ بادشاهت جي خوشخبريءَ جي منادي ڪندو، ۽ سڀني قسمن جي مرضن، ۽ سڀني قسمن جي بيمارين کان ماڻهن کي ڇُٽائيندو گهمندو رهيو.


پوءِ اُهي ڪفرناحوم ۾ ويا، ۽ هو يڪدم سبت جي ڏينهن عبادتگاهہ ۾ وڃي تعليم ڏيڻ لڳو.


۽ فريسي وٽس آيا، ۽ آزمائڻ لاءِ پڇيائونس تہ اهو روا آهي يا نہ، تہ مڙس پنهنجي زال کي ڪڍي ڇڏي؟


۽ يسوع هيڪل ۾ تعليم ڏيندي چيو، تہ فقيهہ ڪيئن ٿا چون تہ مسيح ابن دائود آهي؟


مون هر روز اوهان وٽ هيڪل ۾ تعليم پئي ڏني، ۽ اوهان تہ مون کي پڪڙيو ئي ڪين! پر هي انهي ڪري ٿيو آهي تہ پاڪ لکيتون پوريون ٿين.


هو وري سمنڊ جو ڪنارو ڏيئي اُٿي هليو، ۽ ساري خلق وٽس آئي، ۽ هو انهن کي تعليم ڏيڻ لڳو.


۽ هو اُنهن کي ڪيتريون ئي ڳالهيون مثالن ۾ سيکارڻ لڳو، ۽ پنهنجي تعليم ڏيندي چيائين،


۽ جڏهن سبت جو ڏينهن آيو، تڏهن هو عبادتگاهہ ۾ تعليم ڏيڻ لڳو: ۽ گهڻا ماڻهو ٻڌي عجب ۾ پئجي ويا، ۽ چوڻ لڳا تہ هن ماڻهوءَ کي اِهي ڳالهيون ڪٿان آيون؟ ۽ اها ڪهڙي دانائي آهي جا هن ماڻهوءَ کي ملي آهي، ۽ سندس هٿان ڪيڏا نہ معجزا ٿا ٿين؟


پوءِ هو لهي آيو ۽ ماڻهن جو وڏو ميڙاڪو ڏٺائين، ۽ هن کي مٿن رحم آيو، ڇالاءِ تہ هو نڌڻڪين رڍن وانگر هئا؛ ۽ هو کين گهڻيون ئي ڳالهيون سيکارڻ لڳو.


۽ هنن جي بي اعتقاديءَ تي ڏاڍو عجب لڳس. پوءِ هو چوڌاري ڳوٺن ۾ تعليم ڏيندو گهمندو رهيو.


پوءِ هو موٽي يردن جي پرئين ڀر انهي هنڌ هليو ويو، جتي يوحنا پهريائين بپتسما ٿي ڏني؛ ۽ اتي هو رهي پيو.


تنهن کانپوءِ شاگردن کي چيائين، تہ هلو تہ وري يهوديہ ۾ هلون.


يسوع جواب ڏنس تہ مون کُليو کُلايو دنيا سان ڳالهايو آهي، مون هميشہ عبادتخانن ۽ هيڪل ۾، جتي سڀ يهودي اچي ڪَٺا ٿيندا آهن، اتي تعليم ڏني آهي؛ ۽ ڳُجهو ڪي بہ ڪين چيو اٿم.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ