Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 1:8 - Sindhi Bible

8 مون اوهان کي پاڻيءَ سان بپتسما ڏني آهي؛ پر هو اوهان کي پاڪ روح سان بپتسما ڏيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

8 آءٌ اوهان کي پاڻيءَ سان بپتسما ڏيان ٿو پر هو اوهان کي پوِتر آتما سان بپتسما ڏيندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 آءٌ اوهان کي پاڻيءَ سان بپتسما ڏيان ٿو پر هو اوهان کي پاڪ روح سان بپتسما ڏيندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

8 آءٌ اوھان کي پاڻيءَ سان بپتسما ڏيان ٿو پر اھو اوھان کي پاڪ روح سان بپتسما ڏيندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 1:8
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اوهين منهنجي عتاب تي ڦرو: ڏسو آءٌ پنهنجو روح اوهان تي اوتي وجهندس، آءٌ اوهان کي پنهنجون ڳالهيون سمجهائيندس.


جيسين ڪ مٿان اسان تي روح نازل ٿئي، ۽ بيابان آباد ٻني ٿي پوي، ۽ آباد ٻني ٻيلي وانگر شمار ٿئي.


ڇالاءِ جو آءٌ اُڃايل تي پاڻي هاريندس، ۽ سڪيءَ زمين تي نهرون وهائيندس: آءٌ تنهنجي نسل تي پنهنجو روح، ۽ تنهنجي اولاد تي پنهنجي برڪت نازل ڪندس.


۽ انهي کانپوءِ هيئن ٿيندو تہ آءٌ پنهنجو روح سڀني انسانن تي اوتي وجهندس؛ ۽ اوهان جا پٽ ۽ اوهان جون ڌيئون نبوت ڪنديون، اوهان جا ٻڍا ماڻهو خواب لهندا، ۽ اوهان جا جوان ماڻهو رويا ڏسندا.


آئون تہ اوهان کي توبهہ جي لاءِ پاڻيءَ سان بپتسما ٿو ڏيان، مگر اُهو جو منهنجي پٺيان ٿو اچي، سو مون کان وڌيڪ طاقت وارو آهي، جنهن جي جُتيءَ کڻڻ جو بہ آئون لائق نہ آهيان: اُهو اوهان کي پاڪ روح ۽ باهہ سان بپتسما ڏيندو.


هن منادي ڪري چيو، تہ منهنجي پٺيان هڪڙو اچي ٿو، جو مون کان وڌيڪ طاقت وارو آهي؛ جنهن جي جُتيءَ جا ڌاڳا نِوڙي ڇوڙڻ جو بہ آئون لائق نہ آهيان.


۽ انهن ڏينهن ۾ هيئن ٿيو جو يسوع گليل جي ناصرت مان اچي يوحنا کان يردن ۾ بپتسما ورتي.


تہ يوحنا وراڻي ڏيئي اُنهن مڙني کي چيو، تہ آئون تہ اوهان کي پاڻيءَ سان بپتسما ٿو ڏيان؛ پر اُهو اچڻو آهي جو مون کان وڌيڪ قدرت وارو آهي، جنهن جي جُتيءَ جي ڌاڳن ڇوڙڻ جو بہ آئون لائق نہ آهيان. اُهو اوهان کي پاڪ روح ۽ باهہ سان بپتسما ڏيندو:


يوحنا جواب ڏيئي چين، تہ آئون پاڻيءَ سان بپتسما ٿو ڏيان، پر اوهان جي وچ ۾ هڪڙو بيٺو آهي، جنهن کي اوهين نٿا سڃاڻو،


۽ مون هن کي نٿي سُڃاتو: پر جنهن مون کي پاڻيءَ سان بپتسما ڏيڻ لاءِ موڪليو، تنهن ئي مون کي چيو تہ جنهن تي روح کي لهندو ۽ مٿس ويهندو ڏسين، سو ئي اٿيئي جو پاڪ روح سان بپتسما ٿو ڏئي.


ڇالاءِ جو يوحنا تہ پاڻيءَ سان بپتسما ڏني؛ پر اوهان کي ٿورن ئي ڏينهن کانپوءِ پاڪ روح سان بپتسما ملندي.


۽ جيڪي مختون ايمان وارا پطرس سان گڏجي آيا هئا، سي سڀيئي حيران ٿي ويا تہ روح جي بخشش غير قومن کي بہ ملي.


تہ ”خدا ٿو فرمائي تہ پوين ڏينهن ۾ هيئن ٿيندو، جو آئون پنهنجو روح انسان ذات تي نازل ڪندس، ۽ اوهان جا پٽ ۽ اوهان جون ڌيئون نبوت ڪنديون، ۽ اوهان جا جوان رويا ڏسندا، ۽ اوهان جا پير مرد خواب ڏسندا:


۽ اهي سڀ پاڪ روح سان ڀرجي ويا، ۽ ڌاريون ٻوليون ڳالهائڻ لڳا، جيئن ڪ روح سندن هدايت ڪئي.


ڇو جو اسان سڀني کي هڪڙي ئي روح جي ڪري هڪڙي ئي بدن ۾ بپتسما ملي، پوءِ ڇا يهودي، ڇا يوناني، ڇا غلام، ڇا آزاد، ۽ سڀني کي هڪڙي ئي روح مان پياريو ويو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ