Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 1:7 - Sindhi Bible

7 هن منادي ڪري چيو، تہ منهنجي پٺيان هڪڙو اچي ٿو، جو مون کان وڌيڪ طاقت وارو آهي؛ جنهن جي جُتيءَ جا ڌاڳا نِوڙي ڇوڙڻ جو بہ آئون لائق نہ آهيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

7 يوحنا ماڻهن ۾ پرچار ڪندو هو تہ ”منهنجي پٺيان هڪ اهڙو ماڻهو ٿو اچي جنهن جهڙو آءٌ ڪين آهيان، ڇو تہ هو شڪتيءَ وارو آهي. آءٌ انهيءَ لائق بہ نہ آهيان جو نِوڙي سندس جتيءَ جون ڪهيون کوليان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 يحيٰ ماڻهن ۾ منادي ڪندو هو تہ ”منهنجي پٺيان هڪ اهڙو ماڻهو ٿو اچي جنهن جهڙو آءٌ ڪين آهيان، ڇو تہ هو قدرت وارو آهي. آءٌ انهيءَ لائق بہ نہ آهيان جو نِوڙي سندس جتيءَ جون ڪهيون کوليان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

7 يحيٰ ماڻھن ۾ منادي ڪندو ھو تہ ”منھنجي پٺيان ھڪ اھڙو ٿو اچي جو مون کان بہ وڌيڪ قدرت وارو آھي. آءٌ انھيءَ لائق بہ نہ آھيان جو نِوڙي سندس جتيءَ جون ڪھيون کوليان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 1:7
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آئون تہ اوهان کي توبهہ جي لاءِ پاڻيءَ سان بپتسما ٿو ڏيان، مگر اُهو جو منهنجي پٺيان ٿو اچي، سو مون کان وڌيڪ طاقت وارو آهي، جنهن جي جُتيءَ کڻڻ جو بہ آئون لائق نہ آهيان: اُهو اوهان کي پاڪ روح ۽ باهہ سان بپتسما ڏيندو.


پر يوحنا منع ڪرڻ لڳس، تہ مون کي تہ پاڻ توکان بپتسما وٺڻ گهرجي، ۽ تون مون وٽ ٿو اچين؟


۽ يوحنا کي ملس جا ڪپڙا پيل هئا، ۽ چم جو ڪمربند چيلهہ تي ٻَڌل هوس، ۽ هو مڪڙ ۽ جهنگ جي ماکي کائيندو هو.


مون اوهان کي پاڻيءَ سان بپتسما ڏني آهي؛ پر هو اوهان کي پاڪ روح سان بپتسما ڏيندو.


تہ يوحنا وراڻي ڏيئي اُنهن مڙني کي چيو، تہ آئون تہ اوهان کي پاڻيءَ سان بپتسما ٿو ڏيان؛ پر اُهو اچڻو آهي جو مون کان وڌيڪ قدرت وارو آهي، جنهن جي جُتيءَ جي ڌاڳن ڇوڙڻ جو بہ آئون لائق نہ آهيان. اُهو اوهان کي پاڪ روح ۽ باهہ سان بپتسما ڏيندو:


اُهو ئي آهي جو منهنجي پٺيان ٿو اچي، جنهن جي جُتيءَ جي ڌاڳن ڇوڙڻ جو بہ آئون لائق نہ آهيان.


۽ جڏهن يوحنا پنهنجو دور پورو ڪرڻ تي هو، تڏهن چيائين، تہ اوهين ڀانئيو ٿا تہ آئون ڪير آهيان؟ آئون اُهو ناهيان؛ پر ڏسو، مون کانپوءِ اُهو شخص ٿو اچي، جنهن جي پيرن جي جُتيءَ جي ڌاڳن ڇوڙڻ جو بہ آئون لائق نہ آهيان.


تنهن تي پولس چيو، تہ يوحنا توبهہ جي بپتسما ڏيندو هو، ۽ ماڻهن کي چوندو هو تہ جيڪو مون کانپوءِ اچڻ وارو آهي، يعني يسوع، تنهن تي ايمان آڻجو.


تڏهن هوءَ اُٿي، ۽ منهن زمين تي رکي سجدو ڪيائين ۽ چيائين تہ ڏس، تنهنجي ٻانهي پنهنجي ڌڻيءَ جي نوڪرن جي پيرن ڌوئڻ واري پورهيت آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ