Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 1:27 - Sindhi Bible

27 تنهن تي اُهي سڀيئي حيران ٿي ويا، ايتري قدر جو پاڻ ۾ پڇڻ لڳا تہ هي ڇا آهي؟ هيءَ نئين تعليم آهي! هو ڀوتن تي بہ اختياريءَ سان حڪم ٿو هلائي، ۽ اُهي کيس مڃين ٿا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

27 تنهن تي سڀ ماڻهو ايترو تہ حيران ٿي ويا جو هڪٻئي کي چوڻ لڳا تہ ”هي آهي ڇا؟ هيءَ تہ نئين سکيا آهي. هيءَ تہ وڏي اختياري آهي. هو ڀوتن کي بہ حڪم ٿو ڏئي ۽ اهي کيس مڃين ٿا.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

27 تنهن تي سڀ ماڻهو ايترو تہ حيران ٿي ويا جو هڪٻئي کي چوڻ لڳا تہ ”هي آهي ڇا؟ هيءَ تہ نئين تعليم آهي. هيءَ تہ وڏي اختياري آهي. هو ڀوتن کي بہ حڪم ٿو ڏئي ۽ اهي کيس مڃين ٿا.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

27 تنھن تي سڀ ماڻھو ايترو تہ حيران ٿي ويا جو ھڪٻئي کان پڇڻ لڳا تہ ”ھي آھي ڇا؟ ھيءَ تہ نئين تعليم آھي. ھو ڀوتن تي بہ اختياريءَ سان حڪم ھلائي ٿو ۽ اھي کيس مڃين ٿا.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 1:27
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ايتري قدر جو جڏهن ماڻهن گونگن کي ڳالهائيندو، ۽ ٽُنڊن کي سڄو ٿيندو، ۽ منڊن کي هلندو، ۽ انڌن کي ڏسندو ڏٺو، تڏهن عجب لڳي وين، ۽ هو اسرائيل جي خدا جي وڏائي ڪرڻ لڳا.


ڇالاءِ جو آئون بہ ٻئي جي هٿ هيٺ آهيان، ۽ خود منهنجي هٿ هيٺ سپاهي آهن: ۽ آئون هڪڙي کي چوان تہ وڃ، تہ وڃي ٿو، ۽ ٻئي کي چوان تہ اچ تہ اچي ٿو. ۽ پنهنجي نوڪر کي چوان تہ هي ڪر تہ ڪري ٿو.


۽ جڏهن هن ڀوت ڪڍيو، تڏهن خلق عجب ۾ پئجي چوڻ لڳي تہ اسرائيل ۾ اڳي ائين ڪونہ ڏسڻ ۾ آيو.


پوءِ اهو ڀوت هن کي پتوڙي، ۽ ڏاڍيون رڙيون ڪري هن مان نڪري آيو.


۽ يڪدم گليل جي ساري پرڳڻي ۾ چوڌاري جتي ڪٿي سندس هاڪ پئجي ويئي.


۽ شاگرد هن جي ڳالهين تي حيران ٿي ويا، پر يسوع وري ورندي ڏيئي چين، تہ اي ٻارو، جنهن جو ڀروسو دولت تي آهي، تنهن جو خدا جي بادشاهت ۾ گهڙڻ ڪهڙو نہ مشڪل آهي!


پوءِ هو يروشلم ڏانهن رستو وٺيو پئي ويا، ۽ يسوع سندن اڳيان پئي ويو: ۽ اُهي عجب ۾ هئا؛ ۽ جيڪي سندن پٺيان پئي آيا سي ڊنا پئي، ۽ هو وري بہ انهن ٻارهن کي وٺي جيڪي ڳالهيون ساڻس ٿيڻيون هيون، سي ٻڌائڻ لڳو.


۽ قبر ۾ گهڙي ڏسن تہ هڪڙو جوان ماڻهو اڇن ڪپڙن سان ساڄي پاسي ويٺو آهي؛ ۽ هو عجب ۾ پئجي ويون.


۽ انهي کين چيو تہ حيران نہ ٿيو، اوهين يسوع ناصريءَ کي ٿيون ڳوليو، جنهن کي صليب تي چاڙهيو هئائون: هو جي اُٿيو آهي؛ هو هتي ڪونهي: اِجها اها جاءِ جتي رکيو هئائونس!


۽ هنن کي بيحد عجب لڳو، ۽ چوڻ لڳا تہ هن سڀ جيڪي ڪيو آهي سو چڱو آهي: بلڪ هو ٻوڙن کي ٻڌڻ جي، ۽ گونگن کي ڳالهائڻ جي بہ طاقت ٿو ڏئي.


۽ سڀني کي عجب لڳو، ۽ پاڻ ۾ چوڻ لڳا تہ هي ڪهڙو ڪلام آهي؟ ڇالاءِ جو هو اختياريءَ ۽ قدرت سان ڀوتن کي حڪم ٿو ڏئي، ۽ اُهي نڪريو اچن.


۽ هن پنهنجن ٻارهن شاگردن کي سڏي کين طاقت بخشي تہ هو سڀني ڀوتن تي اختياري رکن ۽ بيمارن کي شفا ڏين.


پوءِ هو انهي کي اريوپگس نالي هڪڙيءَ جاءِ تي وٺي ويا، ۽ چوڻ لڳس تہ اسان کي ٻُڌاءِ تہ هيءَ نئين تعليم جا تون ڏين ٿو سا ڪهڙي آهي؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ