Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 1:21 - Sindhi Bible

21 پوءِ اُهي ڪفرناحوم ۾ ويا، ۽ هو يڪدم سبت جي ڏينهن عبادتگاهہ ۾ وڃي تعليم ڏيڻ لڳو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

21 پوءِ يسوع پنهنجي انهن چيلن سميت ڪفرناحوم شهر ۾ آيو جتي سبت جي ڏينهن تي ڀڳتيءَ واري جاءِ ۾ وڃي سکيا ڏيڻ لڳو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

21 پوءِ عيسيٰ پنهنجي انهن شاگردن سميت ڪفرناحوم شهر ۾ آيو جتي سبت جي ڏينهن تي عبادت‌خاني ۾ وڃي تعليم ڏيڻ لڳو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

21 پوءِ ھو ڪفرناحوم شھر ۾ آيا ۽ عيسيٰ سبت جي ڏينھن تي عبادت⁠خاني ۾ وڃي تعليم ڏيڻ لڳو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 1:21
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ ناصرت ڇڏي اچي ڪفرناحوم ۾ رهڻ لڳو، جو سمنڊ جي ڪناري تي زبولون ۽ نفتاليءَ جي حدن اندر آهي:


۽ يسوع ساري گليل ۾ هنن جي عبادتخانن ۾ تعليم ڏيندو، ۽ بادشاهت جي خوشخبريءَ جي منادي ڪندو، ۽ سڀني قسمن جي مرضن، ۽ سڀني قسمن جي بيمارين کان ماڻهن کي ڇُٽائيندو گهمندو رهيو.


۽ انهن کي يڪدم سڏيائين، ۽ هو پنهنجي پيءُ زبديءَ کي مزدورن سان ٻيڙيءَ ۾ ڇڏي، پاڻ سندس پٺيان هليا.


پوءِ جڏهن هو عبادتگاهہ مان نڪتا، تڏهن يعقوب ۽ يوحنا سان گڏجي يڪدم شمعون ۽ اندرياس جي گهر آيا.


۽ سڄو شهر دروازي تي اچي گڏ ٿيو.


۽ هو ساري گليل ۾ انهن جي عبادتگاهن ۾ وڃي منادي ڪندو ۽ ڀوت ڪڍندو رهيو.


۽ هو اُتان اُٿيو ۽ يهوداہ جي حدن ۾ يردن نديءَ جي پرينءَ ڀر آيو: ۽ وري بہ ماڻهن جو ميڙاڪو وٽس اچي گڏ ٿيو؛ ۽ جيئن سندس عادت هئي تيئن وري بہ انهن کي تعليم ڏيڻ لڳو.


۽ ڪن ڏينهن کانپوءِ جڏهن وري هو ڪفرناحوم ۾ آيو، تڏهن هل پئجي ويو تہ هو گهر آيو آهي.


۽ هو وري عبادتخاني ۾ ويو، ۽ اُتي هڪڙو ماڻهو هو جنهن جو هٿ سُڪل هو.


۽ جڏهن سبت جو ڏينهن آيو، تڏهن هو عبادتگاهہ ۾ تعليم ڏيڻ لڳو: ۽ گهڻا ماڻهو ٻڌي عجب ۾ پئجي ويا، ۽ چوڻ لڳا تہ هن ماڻهوءَ کي اِهي ڳالهيون ڪٿان آيون؟ ۽ اها ڪهڙي دانائي آهي جا هن ماڻهوءَ کي ملي آهي، ۽ سندس هٿان ڪيڏا نہ معجزا ٿا ٿين؟


۽ اي ڪفرناحوم، ڇا تون ڀانئين ٿو تہ توکي آسمان تائين چاڙهيندا؟ نہ، اُٽلندو توکي لاهي هيٺ عالم ارواح ۾ وجهندا.


۽ سبت جي ڏينهن هڪڙي عبادتخاني ۾ ويٺي تعليم ڏنائين.


۽ هو ناصرت شهر ۾ آيو، جتي پاڻ نپنو هو، ۽ پنهنجي دستور موجب سبت جي ڏينهن عبادتخاني ۾ ويو، ۽ پڙهڻ لاءِ اُٿي بيٺو،


تڏهن چيائينس تہ اوهين ضرور مون کي هيءُ مثال ڏيندا تہ اي طبيب، پاڻ کي تہ ڇُٽاءِ: جيڪي اسان ٻڌو آهي تہ تو ڪفرناحوم ۾ ڪيو آهي، سو هت پنهنجي وطن ۾ بہ ڪري ڏيکار.


۽ پولس پنهنجي دستور موجب انهن وٽ ويو، ۽ ٽن هفتن تائين هر سبت جي ڏينهن پاڪ ڪتاب مان ساڻن بحث ڪيائين،


۽ هو هر ڪنهن سبت جي ڏينهن عبادتخاني ۾ وڃي بحث ڪندو هو، ۽ يهودين توڙي يونانين کي مڃائيندو هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ