Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 1:2 - Sindhi Bible

2 جيئن يسعياہ نبيءَ جي ڪتاب ۾ لکيل آهي تہ ”ڏس، آئون پنهنجو پيغمبر توکان اڳ ۾ ٿو موڪليان، جو تنهنجو رستو تيار ڪندو؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

2 سنديش ڏيندڙ سنت يسعياہ جي شاستر ۾ لکيل آهي تہ ”ايشور چيو تہ ’ڏس، آءٌ پنهنجي سنديش ڏيندڙ کي تو کان اڳ ۾ موڪليان ٿو، تہ هو تنهنجي لاءِ رستو تيار ڪري.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 يسعياہ نبيءَ جي ڪتاب ۾ لکيل آهي تہ ”خدا چيو تہ ’ڏس، آءٌ پنهنجو پيغمبر تو کان اڳ ۾ موڪليان ٿو، تہ هو تنهنجي لاءِ رستو تيار ڪري.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

2 يسعياہ نبيءَ جي ڪتاب ۾ لکيل آھي تہ ”خدا چيو تہ ’ڏس، آءٌ پنھنجو پيغمبر تو کان اڳ ۾ موڪليان ٿو، تہ ھو تنھنجي لاءِ رستو تيار ڪري.‘“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 1:2
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن مون چيو تہ ڏس، آءٌ حاضر آهيان؛ ڪتاب جي ورق ۾ مون بابت هيئن لکيل آهي.


ڏسو آءٌ پنهنجو پيغمبر موڪليندس، ۽ هو منهنجي اڳيان راهہ تيار ڪندو: ۽ خداوند، جنهن جا اوهين طالب آهيو، سو اوچتو پنهنجي هيڪل ۾ ايندو؛ ڏسو، لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي تہ عهد جو پيغمبر، جنهن جا اوهين خواهشمند آهيو، اُهو ايندو.


هي اُهو آهي جنهن جي بابت لکيل آهي تہ ”ڏس، آئون پنهنجي پيغمبر کي توکان اڳ ۾ ٿو موڪليان، جو تنهنجو رستو تنهنجي اڳيان تيار ڪندو.“


۽ هنن چيس تہ يهوديہ واري بيت الحم ۾، ڇالاءِ جو نبيءَ جي معرفت هيئن لکيو ويو آهي تہ


ابن آدم بابت جيئن لکيل آهي تيئن هو وڃي ٿو: پر افسوس آهي انهي ماڻهوءَ تي، جنهن جي هٿان ابن آدم جهلائجي ٿو! اهو ماڻهو جي پيدا ئي نہ ٿئي ها تہ چڱو.


پوءِ يسوع هنن کي چيو تہ اوهين سڀ اڄ رات منهنجي سبب ڪري ٺوڪر کائيندا: ڇالاءِ جو لکيل آهي تہ ”آئون ريڍار کي ماريندس ۽ ڌڻ جون رڍون رلي ڇلي وينديون.“


(جيئن ڪ اُنهي پنهنجن پاڪ نبين جي واتان فرمايو هو، جي جهان جي شروعات کان وٺي ٿيندا آيا آهن.)


۽ اي ٻچا، تون خدا تعاليٰ جو نبي ڪري ڪوٺبين، ڇوتہ تون خداوند جا رستا تيار ڪرڻ لاءِ سندس اڳيان ٿي هلندين،


۽ هن ٻارهن ئي کي پاڻ وٽ سڏي چيو، تہ ڏسو، اسين يروشلم ڏانهن هلون ٿا، ۽ جيڪي ڳالهيون ابن آدم جي بابت نبي لکي ويا آهن، سي سڀيئي پوريون ٿينديون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ