Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 1:15 - Sindhi Bible

15 تہ وقت ڀرجي آيو آهي ۽ خدا جي بادشاهت ويجهي آئي آهي: توبهہ ڪريو ۽ انجيل تي ايمان آڻيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

15 ”وقت اچي ڀريو آهي ۽ ايشور جو راڄ ويجھو آيو آهي، سو توبهہ ڪريو ۽ انهيءَ خوشخبريءَ تي وشواس آڻيو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

15 ”وقت اچي ڀريو آهي ۽ خدا جي بادشاهي ويجھي آئي آهي، سو توبهہ ڪريو ۽ انهيءَ خوشخبريءَ تي ايمان آڻيو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

15 ”وقت اچي ڀريو آھي ۽ خدا جي بادشاھت ويجھي آئي آھي، سو توبھہ ڪريو ۽ خدا جي خوشخبريءَ تي ايمان آڻيو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 1:15
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ انهن بادشاهن جي ڏينهن ۾ آسمان وارو خدا هڪڙي بادشاهت برپا ڪندو جا ڪڏهن بہ ناس نہ ٿيندي، ۽ نہ انهي جي بادشاهت ٻي ڪنهن قوم کي ملندي؛ پر اُها ٻيون سڀ بادشاهتون ڀڃي پرزا پرزا ڪري چٽ ڪندي، ۽ پاڻ هميشہ لاءِ قائم رهندي.


تنهنڪري ڄاڻ ۽ معلوم ڪر، تہ يروشلم کي وري اڏڻ ۽ آباد ڪرڻ جي حڪم جاري ٿيڻ کان وٺي، انهي مسح ڪيل بادشاهہ تائين، ست هفتا ٿيندا: ۽ ٻاهٺ هفتن ۾ اُهو وري اڏجي ويندو، ۽ تڪليف جهڙي زماني ۾ بہ انهي ۾ بازارون ۽ کاهيون ٺهي وينديون.


۽ ويندي ويندي اها منادي ڪريو، تہ آسمان جي بادشاهت ويجهي آئي آهي.


اوهين توبهہ ڪريو، ڇالاءِ جو آسمان جي بادشاهت ويجهي آئي آهي.


انهي وقت کان وٺي يسوع منادي ڪري چوڻ لڳو تہ توبهہ ڪريو، ڇالاءِ جو آسمان جي بادشاهت ويجهي آئي آهي.


تہ اوهان جي شهر جي مٽي جا اسان جي پيرن تي لڳي پيئي آهي سا بہ اوهان تي ڇنڊي ٿا ڇڏيون: پر ايترو ڄاڻجو تہ خدا جي بادشاهت ويجهي آئي آهي.


۽ جيڪي اتي بيمار هجن تن کي چڱو ڀلو ڪجو، ۽ انهن کي چئجو تہ خدا جي بادشاهت اچي ويجهي پهتي اٿوَ.


۽ يروشلم کان وٺي سڀني قومن ۾ سندس نالي توبهہ ۽ گناهن جي معافيءَ جي منادي ڪئي وڃي.


۽ يهودين توڙي يونانين وٽ اها شاهدي پئي ڏني اٿم، تہ خدا جي حضور ۾ توبهہ ڪريو، ۽ اسان جي خداوند يسوع مسيح تي ايمان آڻيو.


تنهن راز جي ظاهر ٿيڻ موجب خدا منهنجي خوشخبري، يعني يسوع مسيح جي بابت جيڪا منادي ٿي آهي، تنهن ۾ اوهان کي مضبوط ڪري؛


پر جڏهن وقت اچي پورو ٿيو، تڏهن خدا پنهنجو فرزند موڪليو، جو زال مان پيدا ٿيو، ۽ شريعت جي ماتحت پيدا ٿيو،


انهي لاءِ تہ زمانن جي پوري ٿيڻ تي اهڙو بندوبست ٿئي، جو سڀ شيون جي آسمان توڙي زمين تي آهن، سي مسيح ۾ گڏجي وڃن.


جنهن پاڻ کي سڀني جي لاءِ قربان ڪري ڏيئي ڇڏيو، تہ مناسب وقتن تي اها شاهدي ڏني وڃي.


پر هن مناسب وقتن تي پنهنجي ڪلام کي انهي پيغام ۾ ظاهر ڪيو، جي اسان جي نجات ڏيندڙ خدا جي حڪم موجب، منهنجي حوالي ڪيو ويو؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ