Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 1:13 - Sindhi Bible

13 ۽ هو چاليهہ ڏينهن رڻ پٽ ۾ هو، جتي شيطان هن کي پئي آزمايو، ۽ هو جهنگلي جانورن سان ٿي رهيو؛ ۽ ملائڪن سندس خدمت پئي ڪئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

13 جتي يسوع کي چاليهن ڏينهن تائين شيطان آزمائيندو رهيو. اتي هن جھنگلي جانورن جي وچ ۾ پئي گذاريو ۽ دوتن سندس سيوا پئي ڪئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

13 جتي عيسيٰ کي چاليهن ڏينهن تائين شيطان آزمائيندو رهيو. اتي هن جھنگلي جانورن جي وچ ۾ پئي گذاريو ۽ ملائڪن سندس خدمت پئي ڪئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

13 جتي شيطان کيس چاليھن ڏينھن تائين آزمائيندو رھيو. عيسيٰ جھنگلي جانورن سان گڏ ھو پر ملائڪن سندس سنڀال پئي ڪئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 1:13
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ موسيٰ ڪڪر جي وچ ۾ گهڙي جبل تي چڙهي ويو؛ ۽ موسيٰ جبل تي چاليهہ ڏينهن ۽ چاليهہ راتيون هو.


۽ هو اتي خداوند وٽ چاليهہ ڏينهن ۽ چاليهہ راتيون هو؛ هن نڪا ماني کاڌي، نڪو پاڻي پيتائين. ۽ هن انهن تختين تي انهي عهد واريون ڳالهيون يعني ڏهہ حڪم لکيا.


يا تون ڀانئين ٿو تہ آئون پنهنجي پيءُ کي عرض ڪري نٿو سگهان ڇا، تہ هو هينئر جو هينئر مون ڏانهن ٻارهن فوجن کان بہ مٿي ملائڪ موڪلي ڏئي؟


تنهن کانپوءِ روح يسوع کي رڻ پٽ ڏانهن وٺي ويو، انهي لاءِ تہ شيطان کيس آزمائي.


۽ يسوع پاڪ روح سان ڀرجي يردن نديءَ تان موٽي آيو، ۽ روح جي هدايت تي رڻ پٽ ۾ پئي گهُميو،


۽ چاليهن ڏينهن ۽ چاليهن راتين کان پوءِ، خداوند مون کي پٿر جون ٻہ تختيون، يعني عهد جون تختيون ڏنيون،


۽ آءٌ اڳئين وانگر، چاليهہ ڏينهن ۽ چاليهہ راتيون، خداوند جي اڳيان سجدي ۾ پيو هوس؛ ۽ مون نڪا ماني کاڌي نڪي پاڻي پيتم؛ ڇالاءِ جو اوهان وڏو گناهہ ڪيو هو، ۽ جيڪي خداوند جي نظر ۾ بڇڙو هو سو ڪري، اوهان خداوند کي ڪاوڙايو هو.


انهي ڪري آءٌ چاليهہ ڏينهن ۽ چاليهہ راتيون خداوند جي اڳيان سجدي ۾ پيو هوس؛ ڇالاءِ جو خداوند فرمايو هو تہ هو اوهان کي برباد ڪندو.


بيشڪ دينداريءَ جو راز وڏو آهي، (اُهو هي آهي) تہ هو جسم ۾ ظاهر ٿيو ۽ روح ۾ راستباز ثابت ٿيو، ۽ ملائڪن کي ڏسڻ ۾ آيو، قومن ۾ سندس منادي ڪئي ويئي، دنيا ۾ مٿس ايمان آندائون، جلال ۾ مٿي کڄي ويو.


ڇالاءِ جو اسان جو سردار ڪاهن اهڙو ناهي جو اسان جي ڪمزورين ۾ اسان سان همدردي ڪري نہ سگهي، پر اهڙو آهي جو سڀني ڳالهين ۾ اسان وانگر آزمايو ويو، تہ بہ بيگناهہ رهيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ