Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ميڪاہ 7:7 - Sindhi Bible

7 باقي آءٌ، سو خداوند ڏي نهاريندس؛ آءٌ پنهنجي نجات بخشيندڙ خدا جي لاءِ منتظر ٿي ويهندس: منهنجو خدا منهنجي ٻڌندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 باقي رهيس آءٌ، سو منهنجي توڪل خداوند تي آهي، هو ئي مون کي بچائيندو. هائو، آءٌ خدا ڏانهن پيو واجھائيندو رهندس، خدا جيڪو منهنجو معبود آهي سو منهنجي دعا ضرور ٻڌندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ميڪاہ 7:7
33 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اي خداوند، آءٌ تنهنجي نجات جو منتظر آهيان.


اُهي منهنجي پيار جي عيوض مون سان دشمني ٿا ڪن، پر آءٌ دعا ۾ مشغول ٿو رهان.


آءٌ خداوند جي انتظار ۾ آهيان، منهنجي جان مشتاق آهي ۽ سندس ڪلام ۾ منهنجي اميد آهي.


مون کي پنهنجيءَ سچائيءَ ۾ هلاءِ، ۽ مون کي تعليم ڏي؛ ڇالاءِ جو تون ئي منهنجي ڇوٽڪاري جو خدا آهين؛ آءٌ سڄو ڏينهن تنهنجي انتظار ۾ آهيان.


خداوند جي حضور ۾ راضي رهہ، ۽ صبر سان سندس انتظار ڪر: جيڪو ماڻهو پنهنجين واٽن ۾ ڪامياب ٿو ٿئي ۽ بڇڙا منصوبا ٻڌي پورا ٿو ڪري، تنهنجي ڪري پاڻ کي خفي نہ ڪر.


ڇالاءِ جو اي خداوند مون کي تو ۾ اُميد آهي؛ ۽ اي خداوند منهنجا خدا تون منهنجي ٻڌندين.


مصيبت جي ڏينهن مونکي پڪار، آءٌ توکي ڇڏائيندس، ۽ تون منهنجو جلال ظاهر ڪندين.


اي دعا جا ٻڌڻ وارا، سڀ انسان تو وٽ ايندا.


تون هميشہ تائين اسان سان غصي رهندين ڇا؟ تنهنجو غصو سڀني پيڙهين تي پيڙهيءَ بہ پيڙهيءَ جاري رهندو ڇا؟


ڏسو، خداوند منهنجي نجات آهي؛ آءٌ ويساهہ ڪندس ۽ ڪين ڊڄندس: ڇالاءِ جو خداوند يهوواہ منهنجي طاقت ۽ منهنجو راڳ آهي؛ ۽ اهو منهنجي نجات ٿيو آهي.


انهي ڏينهن انسان پنهنجي خالق ڏي نظر ڪندو، ۽ ان جون اکيون اسرائيل جي پاڪ خدا ڏانهن نهارينديون.


۽ انهيءَ ڏينهن چوڻ ۾ ايندو تہ ڏسو، هي اسان جو خدا آهي؛ اسان هن جي لاءِ منتظر رهيا آهيون، ۽ هو اسان کي بچائيندو: هي خداوند آهي؛ اسين هن جي لاءِ منتظر رهيا آهيون، اسين هن جي نجات ڪري خوش ۽ سرها ٿينداسين.


اي زمين جا رهاڪو اوهين سڀ مون ڏانهن نهاريو ۽ نجات حاصل ڪريو: ڇالاءِ جو آءٌ خدا آهيان، ۽ ٻيو ڪو بہ ڪونهي.


۽ آءٌ خداوند جي لاءِ منتظر رهندس، جو يعقوب جي گهراڻي کان پنهنجو منهن لڪائي ٿو، ۽ آءٌ انهيءَ جي واٽ نهاريندس.


منهنجو روح ٿو چوي تہ خداوند منهنجو حصو آهي؛ تنهن ڪري آءٌ هن ۾ اُميد آسرو رکندس.


جيڪڏهن ائين ٿيندو تہ اسان جو خدا، جنهن جي اسين عبادت ٿا ڪريون، سو اسان کي باهہ جي ٻرندڙ کوري مان بہ بچائي سگهندو؛ ۽ اُهو، اي بادشاهہ، اسان کي تنهنجي هٿان ڇڏائيندو.


تنهنڪري تون خداوند ڏانهن ڦر، نيڪي ۽ راستيءَ کي قائم ڪر، ۽ هميشہ پنهنجي خدا تي ڀروسو رک.


اي خداوند آءٌ تنهنجي اڳيان فرياد ٿو ڪريان: ڇالاءِ جو باهہ بيابان جا چراگاهہ ڳهي ڇڏيا آهن، ۽ شعلن جهنگ جا سڀ وڻ ساڙي ڇڏيا آهن.


آءٌ پنهنجي ديدگاهہ تي بيهندس، ۽ ٺلهہ تي بيهي نگاهہ ڪندس تہ ڏسان تہ هو مون سان ڇا ٿو ڳالهائي، ۽ پنهنجي فرياد بابت آءٌ ڪهڙو جواب ڏيان.


ڇالاءِ جو رويا اڃا بہ مقرر ڪيل وقت تائين آهي، ۽ اُهو پڇاڙيءَ ڏي تڪڙو لنگهندو وڃي ٿو، ۽ ڪوڙ نہ چوندو: جيتوڻيڪ اُهو دير ڪندو، تہ بہ تون انهيءَ لاءِ منتظر رهہ، ڇالاءِ جو اُهو ضرور ايندو ۽ دير ڪين ڪندو.


پر جيڪڏهن اها زال ناپاڪ نہ ٿي هوندي ۽ پاڪ هوندي، تہ هوءَ بچي ويندي، ۽ اڳتي کيس اولاد ٿيندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ