Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ميڪاہ 7:20 - Sindhi Bible

20 تون يعقوب کي سچائي ڏيندين، ۽ ابرهام کي رحم بخشيندين، جيئن تو قديم وقت کان وٺي اسان جي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

20 تو پنهنجي قوم، جيڪي ابراهيم ۽ يعقوب جو اولاد آهن، تن جي ابن ڏاڏن سان گھڻو اڳي وفا ۽ دائمي شفقت جو واعدو فرمايو هو، تن کي هاڻي تون انهيءَ واعدي موجب وري نئين سر نوازيندين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ميڪاہ 7:20
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ چيائين تہ سڳورو آهي خداوند، منهنجي مالڪ ابرهام جو خدا، جنهن پنهنجي رحم ۽ راستيءَ کان منهنجي مالڪ ابرهام کي وانجهي نہ رکيو آهي: ۽ خداوند منهنجي رهبري ڪري مون کي منهنجي مالڪ جي ڀائرن ۾ آندو آهي.


۽ هاڻي جيڪو رحم ۽ وفاداري تو پنهنجي ٻانهي تي ڪيو آهي، تنهن سڀ جي ذري جو بہ آءٌ لائق نہ آهيان؛ ڇالاءِ جو آءٌ تہ فقط پنهنجي لٺ کڻي يردن جي پار ويو هوس، پر هاڻي مون وٽ ٻہ ٽوليون آهن.


ڏس، آءٌ انهي جي لاءِ شفا ۽ علاج آڻيندس، ۽ انهن کي تندرستي بخشيندس؛ ۽ آءٌ هنن تي گهڻي سلامتي ۽ سچائي ظاهر ڪندس.


۽ هيئن ٿيندو تہ، جيڪڏهن اوهين هي فيصلا ٻڌي، انهن تي خبرداريءَ سان عمل ڪندا، تہ خداوند تنهنجو خدا بہ پنهنجو عهد ۽ رحم توسان قائم رکندو، جنهن بابت هن تنهنجي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو:


پر خداوند اوهان کي پيار ٿو ڪري، ۽ جيڪو قسم هن اوهان جي ابن ڏاڏن سان کنيو هو، سو پورو ڪرڻ ٿو چاهي؛ تنهنڪري خداوند پنهنجي زوراور هٿ سان اوهان کي ٻاهر ڪڍي آندو، ۽ غلاميءَ جي گهر، يعني مصر جي بادشاهہ فرعون جي هٿ مان اوهان کي ڇڏايائين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ