ميڪاہ 7:18 - Sindhi Bible18 تو جهڙو ٻيو ڪهڙو خدا آهي جو گناهہ معاف ڪري ٿو، ۽ پنهنجي ميراث جي باقي رهيلن جي ڏوهہ کان گذر ڪري ٿو؟ هو هميشہ لاءِ ڪاوڙيل نٿو رهي، ڇالاءِ جو هن کي رحم ڪرڻ پسند آهي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Muslim Sindhi Bible18 اي خداوند! تو جهڙو ڪو ٻيو معبود آهي ئي ڪونہ. تون پنهنجي قوم جون بدڪاريون معاف ٿو ڪرين. هائو، تون انهن باقي بچي ويلن جا گناهہ درگذر ٿو ڪرين. تون سدائين ڪاوڙيل نہ ٿو رهين، بلڪ اسان تي پنهنجي دائمي شفقت ڪري تون خوش ٿئين ٿو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
۽ انهن جي مڃڻ کان انڪار ڪيائون، ۽ جيڪي عجيب ڪم تو هنن ۾ ڪيا سي هنن ياد نہ ڪيا؛ پر پنهنجي گردن سخت ڪيائون، ۽ باغي ٿي هڪڙو سردار مقرر ڪيائون، تہ موٽي پنهنجي ٻانهپ ۾ وڃي پون: پر تون اهڙو خدا آهين جو بخشڻ لاءِ تيار، ۽ مهربان، ۽ رحم ڀريو، ۽ ڪاوڙ ۾ ڍرو، ۽ گهڻي رحم وارو آهين، ۽ تو هنن کي ڦٽو ڪري ڇڏي نہ ڏنو.