Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ميڪاہ 7:12 - Sindhi Bible

12 انهي ڏينهن هو اسور مان ۽ مصر جي شهر مان، بلڪ مصر کان وٺي نديءَ تائين؛ سمنڊ کان سمنڊ تائين، ۽ جبل کان جبل تائين نڪري تو وٽ ايندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

12 انهن ڏينهن ۾ اوهان جي قوم جا جلاوطن ٿيل ماڻهو هر طرف کان اوهان وٽ موٽي ايندا. هائو، اهي اوڀر طرف اشور مان، ڏکڻ طرف مصر مان، بلڪ مصر کان وٺي اشور جي فرات نديءَ تائين سڄي علائقي کان ۽ ڏورانهن سمنڊن کان توڙي پري پري جي جابلو علائقن کان اوهان وٽ موٽي ايندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ميڪاہ 7:12
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ انهيءَ ڏينهن هيئن ٿيندو تہ خداوند وري ٻيو ڀيرو پنهنجو هٿ کڻندو انهي لاءِ تہ سندس قوم جا جيڪي اسور مان ۽ مصر ۽ فطروس مان ۽ قوش مان ۽ عيلام ۽ سنعار مان ۽ حمات مان، ۽ سمنڊ جي ٻيٽن مان، باقي بچيا هوندا، تن کي گڏ ڪري.


۽ سندس قوم مان، جيڪي اسور مان باقي بچندا تن جي لاءِ هڪڙي شاهي سڙڪ ٿيندي جهڙي ڪ اسرائيل جي لاءِ انهيءَ ڏينهن ٿي هئي جڏهن هو مصر جي زمين مان نڪري آيا هئا.


آءٌ اُتر کي چوندس تہ ڇڏي ڏي؛ ۽ ڏکڻ کي چوندس تہ رکي نہ ڇڏ؛ منهنجا پٽ پري کان آڻ ۽ منهنجون ڌيئر زمين جي ڇيڙي کان.


ڏس، اُهي پري کان ايندا: ڏس، اهي اُتر کان، ۽ اُلهندي کان، ۽ سينيم جي ملڪ کان ايندا.


۽ جن جن ملڪن ۾ مون پنهنجي ڌڻ مان باقي بچيلن کي هڪالي ڇڏيو آهي، اُتان انهن کي اُڻي گڏ ڪندس، ۽ سندن واڙي ۾ موٽائي آڻيندس؛ ۽ هو ڦردار ٿيندا ۽ وڌندا ويجهندا.


انهن ڏينهن ۾ يهوداہ جو گهراڻو اسرائيل جي گهراڻي سان هلندو، ۽ اهي گڏجي اُتر واري ملڪ مان نڪري انهي ملڪ ۾ ايندا، جو مون اوهان جي ابن ڏاڏن کي ورثو ڪري ڏنو آهي.


ڏس، آءٌ هنن کي اُتر واري ملڪ مان آڻيندس ۽ زمين جي تمام پرانهن ڀاڱن مان هنن کي گڏ ڪندس، ۽ انهن سان گڏ انڌا ۽ منڊا هوندا، ۽ پيٽ واري زال ۽ ويم جي سورن واري زال هوندي: هو وڏي جماعت ٿي هيڏي موٽي ايندا.


پر اي منهنجا ٻانها يعقوب، تون ڊڄ نہ، اي اسرائيل، خوف نہ ڪر: ڇالاءِ جو ڏس، آءٌ توکي ڏورانهين ملڪ کان بچائيندس ۽ تنهنجي نسل کي سندن قيد جي ملڪ کان: ۽ يعقوب موٽي ايندو ۽ ماٺ ۽ آرام ۾ رهندو، ۽ ڪوبہ نہ ڊيڄاريندس.


انهي ڏينهن آءٌ اسرائيل جي گهراڻي لاءِ هڪڙو سڱ اُٿاريندس، ۽ انهي جي وچ ۾ آءٌ تنهنجو وات کوليندس: ۽ هو ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند آهيان.


۽ انهن کي چئو تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏس، آءٌ بني اسرائيل کي انهن قومن مان ڪڍي وٺندس جن ۾ هو وڃي پيا آهن، ۽ هر طرف هنن کي گڏ ڪندس، ۽ کين سندن ملڪ ۾ آڻيندس:


اُهي اهڙيءَ طرح ڏڪندا ايندا، جهڙيءَ طرح ڪو پکي مصر مان اچي، ۽ ڪو ڪبوتر اسور جي ملڪ مان اچي: ۽ خداوند ٿو فرمائي تہ آءٌ هنن کي سندن گهرن ۾ رهائيندس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ