Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ميڪاہ 7:11 - Sindhi Bible

11 تنهنجين ڀتين جوڙڻ جو ڏينهن! انهيءَ ڏينهن تنهنجي حد وڌائي ويندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

11 اي يروشلم جا رهاڪؤ! شهر جي ڀتين جي نئين سر تعمير جو وقت اچي رهيو آهي. انهيءَ وقت اوهان جي علائقي جون حدون وڌايون وينديون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ميڪاہ 7:11
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن مون هنن کي چيو تہ اوهين ڏسو ٿا تہ اسان جو ڪهڙو بڇڙو حال آهي ۽ ڪيئن يروشلم ويران ٿيو پيو آهي، ۽ ان جا دروازا باهہ سان سڙيا پيا آهن: اچو تہ يروشلم جي ڀت اڏيون، تہ اڳتي خوار خراب نہ ٿيون.


۽ هڪڙو خط آسف بادشاهہ جي ٻيلي جي نگهبان ڏانهن ڏئي، تہ هو مون کي ڪاٺ ڏئي، تہ جيڪو قلعو گهر سان تعلق ٿو رکي، تنهن جي دروازن جا ۽ شهر جي ڀت جا، ۽ انهيءَ گهر جا شهتير جوڙيان، جنهن ۾ آءٌ وڃڻو آهيان. تڏهن، ڇالاءِ جو منهنجي خدا جو مون تي چڱائيءَ لاءِ هٿ هو، تنهنڪري بادشاهہ منهنجو عرض قبول ڪيو.


هاڻي طوبياہ عموني انهيءَ جي پاسي هو، انهيءَ چيو تہ جيڪي هو جوڙين ٿا، تنهن تي جيڪڏهن ڪو لومڙ چڙهي ويندو تہ اها سندن ڀت ڀڃي ڪيرائي وجهندو.


انهيءَ طرح اسان ڀت جوڙي؛ ۽ سڄي ڀت ان جي اڌ اوچائيءَ تائين ڳنڍجي ويئي؛ ڇالاءِ جو ماڻهن جي مرضي هئي تہ ڪم ڪن.


اي ڏکويل تون جا طوفان جي ستايل ۽ بنا تسليءَ جي آهين سا ڏس، آءٌ تنهنجا پهڻ سهڻن رنگن ۾ جڙيندس، ۽ تنهنجي بنياد ۾ نيلم رکندس.


پنهنجي تنبوءَ جي جاءِ ڪشادي ڪر، ۽ پنهنجي جاءِ جي پردن کي پکيڙ؛ ڍرائي نہ ڪر؛ پنهنجون طنابون ڊگهيون ڪر، ۽ پنهنجا ڪِلا مضبوط ڪر.


۽ جيڪي تنهنجي نسل مان ٿيندا سي جهونيون ويران جايون وري جوڙيندا: تون گهڻين پيڙهين جي بنياد تي اڏاوت ڪندين؛ ۽ تون ڊٺلن جي مرمت ڪندڙ ۽ رهڻ لاءِ واٽن جو سنواريندڙ سڏبين.


۽ اهي قديم ويران جايون اڏيندا، ۽ اڳوڻيون سڃيون جايون کڙيون ڪندا، ۽ اهي ويران شهرن ۾ گهڻين پيڙهين جي سڃين جاين جي مرمت ڪندا.


تنهنڪري ڄاڻ ۽ معلوم ڪر، تہ يروشلم کي وري اڏڻ ۽ آباد ڪرڻ جي حڪم جاري ٿيڻ کان وٺي، انهي مسح ڪيل بادشاهہ تائين، ست هفتا ٿيندا: ۽ ٻاهٺ هفتن ۾ اُهو وري اڏجي ويندو، ۽ تڪليف جهڙي زماني ۾ بہ انهي ۾ بازارون ۽ کاهيون ٺهي وينديون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ