Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ميڪاہ 6:7 - Sindhi Bible

7 خداوند هزارن گهيٽن ۽ ڏهن هزارن تيل جي ندين سان خوش ٿيندو ڇا؟ آءٌ پنهنجي خطا لاءِ پنهنجو پهريون ڄاول ٻار، ۽ پنهنجي روح جي گناهہ لاءِ پنهنجي جسم جو ڦر ڏيان ڇا؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 ڇا خداوند هزارين گھيٽن يا زيتون جي تيل جون نديون پيش ڪرڻ سان اسان تي راضي ٿيندو؟ ڇا اسين پنهنجي گناهن جي عيوض پنهنجا پهريتا ٻار سندس آڏو پيش ڪريون، جيڪي اسان کي پنهنجيءَ جان کان بہ وڌيڪ پيارا آهن؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ميڪاہ 6:7
29 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر هو اسرائيل جي بادشاهن جي رستي تي هليو، هائو، ۽ جن غير قومن کي خداوند بني اسرائيل جي اڳيان ڪڍي ڇڏيو هو، تن جي ڪراهت جهڙين رسمن موجب هن پنهنجي پٽ کي باهہ مان لنگهايو.


۽ هن پنهنجي پٽ کي باهہ مان لنگهايو، ۽ فالون وجهارايائين، ۽ جادو ڪم ۾ آندائين، ۽ جن کي جن اُپندا هئا تن سان، ۽ ڏائڻن سان واهپو رکيائين: هن خداوند کي ڪاوڙائڻ لاءِ سندس نظر ۾ گهڻي خرابي ڪئي.


۽ توفت، جو بني هنوم جي واديءَ ۾ آهي، تنهن کي هن پليت ڪيو، انهيءَ لاءِ تہ ڪوبہ ماڻهو پنهنجي پٽ يا پنهنجي ڌيءَ کي مولڪ جي لاءِ باهہ مان نہ لنگهائي.


تڏهن هن پنهنجو وڏو پٽ کنيو، جو کانئس پوءِ بادشاهہ ٿيڻو هو، ۽ اُنهيءَ کي ڀت جي مٿان سوختني قرباني ڪري چاڙهي ڇڏيائين. ۽ اُنهيءَ ڪري ماڻهو اسرائيل تي ڏاڍو ڪاوڙيا: ۽ هن کي ڇڏي ويا، ۽ موٽي پنهنجي ملڪ ڏانهن هليا ويا.


جڏهن منهنجا قدم مکڻ سان ڌوپندا هئا، ۽ ٽڪر مون کي تيل جون نديون وهائي ڏيندو هو!


آءٌ تنهنجي گهر مان ڍڳو ڪين وٺندس، نڪي تنهنجي واڙي مان ٻڪر.


ڇو جو تون قربانيءَ مان خوش نٿو ٿين، نہ تہ آءٌ اها پيش ڪريان: سوختني قربانيءَ ۾ بہ توکي خوشي ڪانهي.


پنهنجي مهربانيءَ ڪري صيون سان ڀلائي ڪر؛ ۽ يروشلم جون ڀتيون اڏ.


شريرن جي قرباني خداوند جي لاءِ ڪراهت جهڙي شيءِ آهي: پر سچن جي دعا اُن جي خوشي آهي.


انصاف ۽ عدالت ڪرڻ خداوند وٽ قربانيءَ کان زيادہ قبول پوڻ جوڳو آهي.


يسعياہ بن آموص جو رويا، جو هن يهوداہ جي بادشاهن عزياہ، يوتام، آخز، حزقياہ جي ڏينهن ۾، يهوداہ ۽ يروشلم بابت ڏٺو.


لبنان ٻارڻ جي لاءِ پورو نہ آهي، نڪي انهي جا جانور سوختني قربانيءَ لاءِ پورا آهن.


۽ بعل جي واسطي مٿانهان مڪان ٺاهيا اٿن، انهي لاءِ تہ پنهنجن پٽن کي سوختني قربانيءَ لاءِ بعل جي اڳيان باهہ ۾ ساڙين؛ جڏهن تہ مون اهڙو حڪم ڪونہ ڏنو، ۽ نہ ڪو ذڪر ڪيم، ۽ نہ ڪو اهڙو خيال منهنجي دل ۾ آيو:


سبا مان لوبان، ۽ پرانهين ملڪ مان اگر، منهنجي خاطر ڪهڙي ڪم جي لاءِ ٿو اچي؟ اوهان جون سوختني قربانيون قبول پوڻ جهڙيون نہ آهن، نڪي اوهان جون ذبح ڪرڻ واريون قربانيون مون کي وڻن ٿيون.


۽ هنن توفت، جو هنوم جي پٽ جي واديءَ ۾ آهي، تنهن تي مٿانهان مڪان اڏيا آهن، انهي لاءِ تہ پنهنجن پٽن ۽ پنهنجين ڌيئن کي باهہ ۾ ساڙين؛ پر مون اهڙو حڪم نہ ڪيو، ۽ نہ اهڙي ڳالهہ منهنجي دل ۾ آئي.


ڇالاءِ جو هنن زناڪاري ڪئي آهي ۽ انهن جي هٿن تي رت آهي، ۽ پنهنجن بُتن سان هنن زنا ڪئي آهي؛ ۽ جيڪي پٽ هنن مون مان ڄڻيا تن کي بہ هنن انهن لاءِ باهہ مان لنگهايو آهي، تہ ڳڙڪي وڃن.


هو پنهنجن گلن ۽ پنهنجن ڌڻن سان خداوند کي ڳولڻ ويندا، پر انهي کي نہ لهندا: انهي پاڻ کي هنن کان لڪائي ڇڏيو آهي.


ڇالاءِ جو مون کي رحم پسند آهي، نہ قرباني؛ ۽ خدا جي ڄاڻپ، سوختني قربانين کان وڌيڪ پسند ٿو ڪريان.


تون پنهنجي اولاد مان ڪنهن کي بہ مولڪ جي واسطي باهہ مان لنگهڻ نہ ڏج، نڪي تون پنهنجي خدا جي نالي جي بي حرمتي ڪج: آءٌ خداوند آهيان.


۽ خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ


هائو، جيتوڻيڪ اوهين پنهنجون سوختني قربانيون ۽ کاڌي جون قربانيون منهنجي لاءِ پيش ڪندا، تہ بہ اُهي آءٌ قبول نہ ڪندس: نڪي اوهان جي ٿلهن جانورن سان سلامتيءَ جي قرباني تي ڪو ڌيان ڏيندس.


انهي کي، يعني خود پنهنجي جگر جي ٽڪري کي، آئون تو ڏانهن موٽائي ٿو موڪليان.


تہ هيئن ٿيندو تہ جڏهن آءٌ بني عمون وٽان صحيح سلامت موٽي ايندس، تڏهن منهنجي گهر جي دروازي مان جيڪي ٻاهر نڪرندو، سو خداوند جو ٿيندو، ۽ انهي کي آءٌ سوختني قرباني ڪري چاڙهيندس.


۽ انهن ٻن مهينن جي پوري ٿيڻ کان پوءِ هيئن ٿيو جو هوءَ پنهنجي پيءُ وٽ موٽي آئي؛ ۽ انهيءَ جيڪا مڃتا مڃي هئي، اُن موجب هن سان ڪيائين: ۽ هوءَ ڪنهن مرد کي نہ ڄاڻندي هئي. ۽ بني اسرائيل ۾ اهو دستور ٿي ويو،


۽ سموئيل چيو تہ خداوند کي جهڙي سندس حڪم جي مڃڻ مان خوشي ٿيندي آهي، اهڙي ڪا سوختني قربانيءَ ۽ ذبح ڪرڻ وارين قربانين مان ٿيندي آهي ڇا؟ ڏس، فرمانبرداري قربانيءَ کان بهتر آهي، ۽ حڪم مڃڻ گهٽن جي چرٻي کان بهتر آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ