Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ميڪاہ 6:6 - Sindhi Bible

6 ڪهڙي شيءِ کڻي آءٌ خداوند جي اڳيان اچان، ۽ خدا تعاليٰ جي اڳيان سجدو ڪريان؟ آءٌ سوختني قربانين يا هڪ سالن جي وهڙن سان اچان ڇا؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 پوءِ بني اسرائيل سوال ڪيو تہ ”جڏهن اسين خدا تعاليٰ جي آڏو سجدو ڪرڻ لاءِ اچون تہ ڪهڙا نذرانا کڻي آڻي سندس حضور ۾ پيش ڪريون؟ ڇا اسين کيس خوش ڪرڻ لاءِ ڀلا ڀلا وهڙا ساڙڻ واري قربانيءَ طور سندس حضور ۾ آڻيون؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ميڪاہ 6:6
39 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ دائود جبعونين کي چيو تہ آءٌ اوهان جي لاءِ ڇا ڪريان؟ ۽ ڪهڙي طرح انهيءَ گناهہ جو عيوض ڏيان تہ اوهين خداوند جي ميراث لاءِ دعا گهرو؟


خداوند مون کي جيڪي نعمتون ڏنيون آهن تن جي عيوض آءٌ هن کي ڇا ڏيان؟


دنيا جا سڀ آسودا ماڻهو کائيندا ۽ سجدو ڪندا: ۽ جيڪي مٽيءَ ۾ وڃڻ وارا هوندا، بلڪ جيڪو پنهنجيءَ جان کي جيئرو نہ رکي سگهندو، سي سڀ هن جي اڳيان سجدو ڪندا.


شڪرگذاري ڪري سندس حضور ۾ حاضر ٿيون، ۽ گيت ڳائي سندس حضور ۾ خوشيءَ جو آواز ڪريون.


اچو تہ اسين جهڪي سجدو ڪريون؛ ۽ پنهنجي خالق خداوند جي اڳيان گوڏا کوڙيون.


اوهان جو گهيٽو بي عيب هڪ سالو نر هئڻ گهرجي: اوهين رڍن مان گهيٽو، يا ٻڪرين مان ڇيلو ڪڍجو:


فطيري ماني جي عيد ياد رکج: جيئن مون توکي اڳيئي حڪم ڪيو آهي، تيئن ابيب مهيني ۾ ٺهرايل وقت تي ست ڏينهن فطيري ماني کائج (ڇالاءِ جو انهي مهيني ۾ تون مصر مان نڪتين)؛ ۽ ڪوبہ منهنجي حضور ۾ هٿين خالي نہ اچي.


شريرن جي قرباني خداوند جي لاءِ ڪراهت جهڙي شيءِ آهي: پر سچن جي دعا اُن جي خوشي آهي.


انصاف ۽ عدالت ڪرڻ خداوند وٽ قربانيءَ کان زيادہ قبول پوڻ جوڳو آهي.


لبنان ٻارڻ جي لاءِ پورو نہ آهي، نڪي انهي جا جانور سوختني قربانيءَ لاءِ پورا آهن.


سبا مان لوبان، ۽ پرانهين ملڪ مان اگر، منهنجي خاطر ڪهڙي ڪم جي لاءِ ٿو اچي؟ اوهان جون سوختني قربانيون قبول پوڻ جهڙيون نہ آهن، نڪي اوهان جون ذبح ڪرڻ واريون قربانيون مون کي وڻن ٿيون.


پر جڏهن ملڪ جا سڀ ماڻهو مقرر ڪيل عيدن تي خداوند جي اڳيان اچن، تڏهن جيڪو سجدي ڪرڻ لاءِ اُتر واري دروازي جي رستي اندر اچي، سو ڏکڻ واري دروازي کان ٻاهر نڪري وڃي؛ ۽ جيڪو ڏکڻ واري دروازي جي رستي اندر اچي، سو اُتر واري دروازي کان ٻاهر نڪري وڃي؛ جنهن دروازي جي رستي کان اندر آيو هجي، انهي رستي کان ٻاهر نہ وڃي، پر سڌو نڪ سامهون نڪري هليو وڃي.


تڏهن نبوڪدنضر باهہ جي ٻرندڙ کوري جي منهن کي ويجهو آيو: ۽ هن چيو تہ اي سدرڪ، ميسڪ ۽ عبدنجو، خدا تعاليٰ جا ٻانها، اوهين نڪري هيڏي اچو، تڏهن سدرڪ، ميسڪ ۽ عبدنجو باهہ منجهان آيا.


اي بيلطشضر، جادوگرن جا اُستاد، مون کي خبر آهي تہ پاڪ الاهي روح تو ۾ آهي، ۽ ڪوبہ ڳجهہ توکي منجهائي نٿو، سو جيڪو خواب مون ڏٺو آهي، تنهن جا رويا ۽ انهي جو تعبير مون کي بيان ڪري ٻڌاءِ.


اي بادشاهہ، خدا تعاليٰ تنهنجي پيءُ نبوڪدنضر کي بادشاهي ۽ وڏائي ۽ عزت ۽ هشمت عطا ڪئي:


۽ هو بني آدم مان هڪاليو ويو، ۽ هن جي دل جانورن جهڙي ڪئي ويئي، ۽ هن جو رهڻ گورخرن سان ٿيو؛ ۽ هن کي ڏاندن وانگي گاهہ ٿي کارايائون، ۽ هن جو بدن ماڪ سان پُسيل ٿي رهيو: جيستائين ڪ هن سمجهيو تہ خدا تعاليٰ ماڻهن جي بادشاهت ۾ حڪم هلائي ٿو، ۽ جنهن کي وڻيس ٿو تنهن کي انهيءَ تي ويهاري ٿو.


هو پنهنجن گلن ۽ پنهنجن ڌڻن سان خداوند کي ڳولڻ ويندا، پر انهي کي نہ لهندا: انهي پاڻ کي هنن کان لڪائي ڇڏيو آهي.


هائو، جيتوڻيڪ اوهين پنهنجون سوختني قربانيون ۽ کاڌي جون قربانيون منهنجي لاءِ پيش ڪندا، تہ بہ اُهي آءٌ قبول نہ ڪندس: نڪي اوهان جي ٿلهن جانورن سان سلامتيءَ جي قرباني تي ڪو ڌيان ڏيندس.


۽ سوختني قربانيءَ لاءِ هڪڙو وهڙو، هڪڙو گهٽو، ۽ هڪڙو يڪسالو گهيٽو؛


۽ ڏسو، هڪڙو ماڻهو وٽس اچي چوڻ لڳو تہ اي اُستاد، آئون ڪهڙي نيڪي ڪريان، جنهنڪري مون کي هميشہ جي زندگي ملي؟


۽ انهي کي ساريءَ دل سان، ۽ ساري سمجهہ سان ۽ ساريءَ طاقت سان پيار ڪرڻ، ۽ پنهنجي پاڙيسري کي پاڻ جهڙو پيار ڪرڻ سڀني سوختني قربانين، ۽ صدقن کان وڌيڪ آهي.


۽ وڏي سڏ رڙ ڪري چيائين، تہ اي يسوع، خدا تعاليٰ جا فرزند، منهنجو توسان ڪهڙو واسطو؟ خدا جي واسطي مون کي عذاب نہ ڏي.


۽ ڏسو، هڪڙو شريعت جو اُستاد اُٿي بيٺو، ۽ کيس آزمائڻ لاءِ چيائين، تہ اي اُستاد، آئون ڇا ڪريان جو هميشہ جي زندگيءَ جو وارث ٿيان؟


يسوع جواب ڏيئي چين، تہ آئون اوهان کي سچ سچ ٿو چوان، تہ اوهين جو مون کي ڳوليو ٿا، سو انهي لاءِ نہ تہ معجزا ڏٺا اٿوَ، پر انهي لاءِ جو مانيون کائي ڍءُ ڪيو اٿوَ.


۽ اُها پولس ۽ اسان جي پٺيان اچي واڪا ڪري چوڻ لڳي، تہ هي ماڻهو خدا تعاليٰ جا بندا آهن، جي اوهان کي نجات جي واٽ ٿا ڏيکارين.


پوءِ کين ٻاهر وٺي آيو، ۽ چوڻ لڳو تہ سائين، آئون ڇا ڪريان تہ نجات مليم؟


هاڻي جڏهن هنن اها ڳالهہ ٻُڌي، تڏهن اها سندن دلين ۾ چُڀي ويئي، ۽ پطرس ۽ ٻين رسولن کي چوڻ لڳا تہ اي ڀائرو، هاڻ اسين ڇا ڪريون؟


انهي سبب آئون انهي پيءُ جي اڳيان سجدو ڪري، عرض ٿو ڪريان،


۽ سڀڪو ڪاهن تہ روز بروز بيهي عبادت ٿو ڪري، ۽ اُهي ئي ساڳيون قربانيون وري وري پيو چاڙهي، جي ڪڏهن بہ گناهن کي مٽائي نہ ٿيون سگهن:


۽ سموئيل چيو تہ خداوند کي جهڙي سندس حڪم جي مڃڻ مان خوشي ٿيندي آهي، اهڙي ڪا سوختني قربانيءَ ۽ ذبح ڪرڻ وارين قربانين مان ٿيندي آهي ڇا؟ ڏس، فرمانبرداري قربانيءَ کان بهتر آهي، ۽ حڪم مڃڻ گهٽن جي چرٻي کان بهتر آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ