Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ميڪاہ 6:3 - Sindhi Bible

3 اي منهنجي قوم، مون اوهان کي ڇا ڪيو آهي؟ ۽ ڇا ۾ مون اوهان کي ڪڪ ڪيو آهي؟ اوهين مون تي شاهدي ڏيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي منهنجي قوم! آءٌ اوهان سان ڪهڙو غلط هليو آهيان؟ مون اوهان تي ڪهڙو ٻوجھہ وڌو آهي؟ اوهين مون تي ثابت ڪريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ميڪاہ 6:3
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اي منهنجي اُمت ٻڌ، آءٌ فرمائيندس؛ اي اسرائيل آءٌ توتي شاهدي ڏيندس؛ آءٌ خدا آهيان، يعني تنهنجو خدا آهيان.


مون رڳو تنهنجو ئي گناهہ ڪيو آهي، ۽ جيڪي تنهنجي نظر ۾ خراب آهي سو ڪيو اٿم: تہ جڏهن تون ڳالهائين تڏهن سچار ثابت ٿين، ۽ جڏهن انصاف ڪرين تڏهن بي عيب هجين.


شل منهنجي اُمت منهنجو آواز ٻڌي، ۽ اسرائيل منهنجن واٽن تي هلي!


اي منهنجي اُمت ٻڌ، اي اسرائيل جيڪڏهن تون منهنجي ٻڌندين، تہ آءٌ توکي تاڪيد ٿو ڪريان،


منهنجي ڊاک جي منهہ ۾ ٻيو وڌيڪ ڇا ڪري سگهجي ها جو مون انهيءَ ۾ نہ ڪيو آهي؟ انهي ڪري جڏهن مون کي اميد هئي تہ انگور پيدا ڪري تڏهن انهي جهنگلي انگور پيدا ڪيو؟


اي هن پيڙهيءَ جا ماڻهو، اوهين خداوند جو ڪلام ڏسو. آءٌ اسرائيل جي لاءِ ڪو بيابان ٿيو آهيان ڇا؟ يا گهاٽي اونداهيءَ واري زمين آهيان ڇا؟ منهنجي قوم ڇو ٿي چوي تہ اسين ڇوڙي ڇڏيا ويا آهيون، اسين اڳتي وري تو وٽ نہ اينداسين؟


خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ اوهان جن ابن ڏاڏن مون ۾ ڪهڙي بي انصافي ڏٺي جو مون کان پري هليا ويا آهن، ۽ بيهودگيءَ جي پٺيان پئي رليا آهن، ۽ مغرور ٿي ويا آهن؟


اي منهنجي قوم، هاڻي ياد ڪر تہ موآب جي بادشاهہ ڪهڙي صلاح پڇي، ۽ بلعام بن بعور هن کي ڪهڙو جواب ڏنو؛ شتيم کان وٺي جلجال تائين ياد ڪريو، تہ اوهان کي خداوند جي سچن ڪمن جي خبر پوي.


هاڻي اسان کي خبر آهي تہ جيڪي شريعت فرمائي ٿي، سو اُنهن کي ٿي فرمائي جيڪي شريعت جي تابع آهن، انهي لاءِ تہ ڪوبہ ڪُڇي نہ سگهي، ۽ سارو جهان خدا جي اڳيان سزا جو لائق ٺهرايو وڃي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ