Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ميڪاہ 6:10 - Sindhi Bible

10 ڇا شرير جي گهر ۾ اڃا شرارت جا خزانا آهن ۽ ڪوڙا وٽ، جي ڪراهت جهڙا آهن؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

10 بدڪار ماڻهن پنهنجن گھرن ۾ بي‌ايمانيءَ سان حاصل ڪيل خزانا گڏ ڪري رکيا آهن. هو ماپ تور جا کوٽا پئمانا استعمال ٿا ڪن، جن کان مون کي نفرت آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ميڪاہ 6:10
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

شرارت جا خزانا ڪوبہ فائدو نٿا رسائين؛ پر سچائي موت کان ڇڏائي ٿي.


ڪوڙيءَ ساهميءَ کان خداوند کي نفرت اچي ٿي: پر سچيءَ تور ڪري هو خوش ٿئي ٿو.


ٻن قسمن جا تورا ۽ ٻن قسمن جا ماڻ، ٻنهي کان خداوند کي نفرت آهي.


ٻن قسمن جا تورا خداوند جي لاءِ نفرت جهڙي شيءِ آهن؛ ۽ کوٽي ساهمي چڱي نہ آهي.


ڪوڙ ڳالهائيندڙ زبان جي وسيلي خزانا هٿ ڪرڻ اُها ٻاڦ آهي، جا هيڏي هوڏي اُڏامي ٿي، جيڪي انهن کي ڳولين ٿا سي موت کي ڳولين ٿا.


ڇالاءِ جو خداوند فرمائي ٿو تہ هو چڱائي ڪرڻ نٿا ڄاڻن، ۽ پنهنجن محلاتن ۾ هو زبردستي ۽ ڦرمار ڪري رکن ٿا.


اشدود جي محلاتن ۾، ۽ مصر جي محلاتن ۾، اوهين پڌرائي ڪريو، ۽ چئو تہ اوهين سامريہ جي جبلن ۾ گڏ ٿيو ۽ جيڪي وڏا هنگاما ۽ ظلم انهيءَ ۾ آهن، سي ڏسو.


خداوند جو آواز شهر کي پڪاري چوي ٿو، ۽ ڏاها ماڻهو سندس نالي کان ڊڄندا: لٺ ۽ انهي جي مقرر ڪرڻ واري جي ٻڌو.


۽ انهيءَ ڏينهن آءٌ انهن سڀني کي سزا ڏيندس جي چانئٺ ٽپي ٿا وڃن، ۽ پنهنجي مالڪ جو گهر ظلم ۽ ٺڳيءَ سان ٿا ڀرين.


۽ مون چيو تہ اهو ڇا آهي؟ ۽ هن چيو تہ اهو ايفہ آهي جو وڃي ٿو. ۽ ايترو بہ وڌيڪ چيائين تہ سڄي ملڪ ۾ اها هنن جي شڪل آهي.


بني اسرائيل لعنت ٿيل شين جي نسبت ۾ هڪڙو قصور ڪيو: ڇالاءِ جو يهوداهہ جي فرقي واري عڪن، بن ڪرمي، بن زبدي، بن زارح، انهن لعنت ڪيل شين مان ڪا کنئي: ۽ انهي ڪري خداوند جي ڪاوڙ بني اسرائيل تي ڀڙڪي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ