Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ميڪاہ 6:1 - Sindhi Bible

1 هاڻي جيڪي خداوند ٿو فرمائي سو اوهين ٻڌو: اُٿي جبلن اڳيان حجت دليل ڪر، ۽ ڀلي تہ ٽڪريون تنهنجو آواز ٻڌن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 اي دنيا جي مخلوق! خداوند جو مقدمو ٻڌو. اي خداوند! اچي پنهنجي قوم خلاف شڪايت ائين ٻڌاءِ جو جبل ۽ ٽڪر تنهنجو آواز ٻڌن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ميڪاہ 6:1
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

خدا، هائو، خداوند خدا فرمايو آهي، ۽ اُڀرندي کان اُلهندي تائين دنيا کي سڏيو اٿس.


هو پنهنجن ماڻهن جي عدالت ڪرڻ لاءِ، مٿئين آسمان کي ۽ زمين کي سڏيندو:


اي آسمان ٻڌو، ۽ اي زمين ڪن ڏي، ڇالاءِ جو خداوند فرمايو آهي: تہ ٻارن کي مون پالي وڏو ڪيو آهي، پر اهي مون کان باغي ٿيا آهن.


خداوند قومن جي پاران حجت دليل ڪرڻ لاءِ ۽ انهن جي عدالت ڪرڻ لاءِ بيهي ٿو.


اوهين ٻڌو ۽ ڪن ڏيو؛ مغرور نہ ٿيو؛ ڇالاءِ جو خداوند فرمايو آهي.


اي زمين، زمين، زمين، خداوند جو ڪلام ٻڌ،


اي آدمزاد، تون اسرائيل جي جبلن لاءِ نبوت ڪر ۽ چئين تہ اي جبل، خداوند جو ڪلام ٻڌو.


پر اي اسرائيل جا جبل، اوهين پنهنجون ٽاريون ڪڍي منهنجي قوم اسرائيل کي پنهنجو ڦر ڏيندا؛ ڇالاءِ جو هو اچي پهچڻ تي آهن.


وري هن مون کي چيو تہ تون هنن هڏين تي نبوت ڪري چئُہ، تہ اي سُڪل هڏيون، اوهين خداوند جو ڪلام ٻڌو.


۽ چئُہ تہ اي اسرائيل جا جبل، خداوند خدا جو ڪلام ٻڌو: خداوند خدا جبلن کي ۽ ٽڪرن کي، نهرن کي ۽ وادين کي هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏسو، آءٌ، بلڪ آءٌ پاڻ، اوهان تي ترار نازل ڪندس، ۽ اوهان جا سڀ مٿانهان مڪان ناس ڪندس.


اي بني اسرائيل، هي ڪلام ٻڌ، جو خداوند اوهان جي برخلاف فرمايو آهي، ۽ انهن سڀني قبيلن جي برخلاف، جن کي هن مصر جي زمين مان ڪڍي آندو:


اي قومون، اوهين سڀ ٻڌو: اي زمين ۽ جيڪي اُن ۾ آهي سي ٻڌو، ۽ خداوند، هائو خداوند پنهنجي پاڪ هيڪل مان ڀلي تہ اوهان تي شاهدي ڏئي.


۽ جبل سندس هيٺان ڳري ويندا، ۽ واديون ڦاٽي پونديون، جيئن ميڻ باهہ جي اڳيان، يا جيئن پاڻي اُڀ ڪپريءَ تان هيٺ وهي.


۽ آءٌ غصي ۽ ڪاوڙ جي جوش ۾ انهن قومن کان وير وٺندس جن منهنجي نہ ٻڌي آهي.


اي جبل ۽ زمين جا جٽاءُ ڪندڙ بنياد، اوهين خداوند جي حجت دليل ٻڌو، ڇالاءِ جو خداوند جو پنهنجي قوم سان تڪرار آهي، ۽ هو اسرائيل سان بحث ڪندو.


هن جواب ڏيئي چيو تہ آئون اوهان کي چوان ٿو تہ جي هنن ماٺ ڪئي، تہ خود پهڻ وٺي پڪاريندا.


اي آسمانو ڪن ڏيو، جو آءٌ ڳالهايان ٿو؛ ۽ ڀلي تہ زمين منهنجي وات جون ڳالهيون ٻڌي.


تہ آءٌ اڄوڪي ڏينهن آسمان ۽ زمين کي اوهان تي شاهد ٿو ڪريان، تہ جنهن ملڪ کي هٿ ڪرڻ لاءِ اوهين يردن جي پار ٿا وڃو، تنهن ۾ اوهين جلد ئي پوريءَ طرح تباهہ ٿي ويندا؛ اوهين اتي گهڻا ڏينهن ڪين گذاريندا، پر بلڪل ئي برباد ٿي ويندا.


تنهنڪري هاڻي ماٺ ڪري بيهو، تہ جيڪي نيڪيءَ جا ڪم خداوند اوهان سان، ۽ اوهان جي ابن ڏاڏن سان ڪيا، تن سڀني کي آءٌ خداوند جي اڳيان اوهان تي ثابت ڪريان.


تڏهن سموئيل سائول کي چيو تہ بيهہ، آءٌ توکي ٻڌايان تہ رات خداوند مون کي ڇا چيو آهي. هن چيو تہ ٻڌاءِ.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ