Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ميڪاہ 5:8 - Sindhi Bible

8 ۽ يعقوب جا باقي بچيل ملڪن ۽ گهڻين قومن جي وچ ۾ ائين هوندا، جيئن شينهن ٻيلي جي جانورن ۾، ۽ جوان شينهن رڍن جي ڌڻن ۾ ٿيندو آهي: جو جڏهن انهن مان لنگهي وڃي ٿو، تڏهن انهن کي لتاڙي ڦاڙي ٽڪر ٽڪر ڪريو ڇڏي، ۽ ڪوبہ انهن کي ڇڏائڻ وارو ڪونهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 جيتوڻيڪ اهي مختلف قومن ۾ ٽڙيل پکڙيل هوندا، تنهن هوندي بہ اهي ائين حملو ڪندا، جيئن ڪو خوفناڪ شينهن جھنگلي جانورن يا رڍن جي ڌڻ ۾ ڪاهي پوندو آهي. جڏهن اهو ڌڻ ۾ گھڙي پوندو آهي تڏهن رڍن کي چيري ڦاڙي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيندو آهي، ۽ ڪوبہ انهن کي ڇڏائڻ وارو نہ هوندو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ميڪاہ 5:8
29 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

يهوداہ شينهن جو ٻچو آهي؛ اي منهنجا پٽ، تون شڪار تان آيو آهين: هو شينهن وانگي ۽ شينهڻ وانگي ڇپ ماري ويٺو، ڪير هن کي اُٿاريندو؟


تون اونداهي ٿو ڪرين تہ رات ٿي ٿئي؛ جنهن ۾ جهنگ جا سڀيئي جانور ٻاهر نڪري ٿا اچن.


تنهنجيءَ مدد سان اسين پنهنجن دشمنن کي ڌڪي ڪيرائينداسين: جيڪي اسان جي برخلاف کڙا ٿا ٿين تن کي تنهنجي نالي جي ڪري لتاڙي ڇڏينداسين.


هاڻي اوهين جي خدا کي وساريو ٿا سي هن ڳالهہ تي غور ڪريو، متان آءٌ، اوهان کي چيري ٽڪر ٽڪر ڪريان، ۽ ڪو بہ ڇڏائڻ وارو نہ هجي:


شينهن، جو جانورن ۾ تمام زور وارو آهي، ۽ ڪنهن بہ شيءِ ڪري منهن ڦيرڻ وارو ناهي:


انهن جي گجگار شينهن جهڙي ٿيندي ۽ اُهي جوان شينهن وانگي گجندا: هائو، هو گجندا، ۽ شڪار جهليندا، ۽ انهي کي بي روڪ ٽوڪ کڻي هليا ويندا، ۽ ڪوبہ ڪونہ ڇڏائيندن.


جنهنڪري هنن کي جهنگ مان ڪابہ ڪاٺي آڻڻ جي ضرورت نہ پوندي، ۽ نہ ٻيلن مان ڪو وڻ وڍڻو پوندو؛ ڇالاءِ جو هو هٿيارن سان باهيون ٻاريندا: ۽ جن کين ٿي لٽيو، تن کي هو لٽيندا، ۽ جن کين ٿي ڦريو تن کي ڦريندا؛ خداوند خدا ائين ٿو فرمائي.


ڇالاءِ جو آءٌ افرائيم جي لاءِ شينهن ٿيندس، ۽ يهوداہ جي گهراڻي لاءِ جوان شينهن: آءٌ، هائو آءٌ، ڦاڙي هليو ويندس، ۽ ڪوبہ ڇڏائڻ وارو ڪونہ ٿيندو.


اي يعقوب، آءٌ ضرور اوهان سڀني کي ميڙيندس؛ آءٌ ضرور اسرائيل جي باقي رهيلن کي گڏ ڪندس؛ آءٌ بصراہ جي رڍن وانگي هنن کي ميڙي گڏ ڪندس: ۽ جيئن ڌڻ پنهنجي چراگاهہ جي وچ ۾، تيئن هو شمار ٿي وڏو هُل ڪندا.


اي صيون جي ڌيءَ، اُٿي ڳاهہ: ڇالاءِ جو آءٌ تنهنجي سڱ کي لوهہ وانگر ڪندس ۽ تنهنجي کرن کي پتل، ۽ تون گهڻين قومن کي ڀڃي پرزا پرزا ڪندينءَ، ۽ انهن جو مال خداوند جي نذر ڪندينءَ ۽ انهن جي دولت سڄي زمين جي خداوند جي لاءِ مخصوص ڪندينءَ.


۽ جن منڊڪايو ٿي تن کي باقي بچيل، ۽ جي جلاوطن هئا تن کي هڪڙي زور واري قوم بنائيندس: ۽ اڄ کان وٺي هميشہ تائين صيون جي جبل تي خداوند اُنهن تي بادشاهي ڪندو.


تنهنڪري هو انهن کي تيستائين ڇڏي ڏيندو، جيستائين ڪ جنهن کي سور ٿيا آهن سا ڪجهہ ڄڻي: جڏهن سندس ڀائرن مان جيڪي باقي بچيل آهن سي بني اسرائيل سان گڏ موٽي ايندا.


تو جهڙو ٻيو ڪهڙو خدا آهي جو گناهہ معاف ڪري ٿو، ۽ پنهنجي ميراث جي باقي رهيلن جي ڏوهہ کان گذر ڪري ٿو؟ هو هميشہ لاءِ ڪاوڙيل نٿو رهي، ڇالاءِ جو هن کي رحم ڪرڻ پسند آهي.


۽ اُهي پهلوانن وانگر لڙائيءَ ۾ دشمنن کي رستي جي گپ وانگر لتاڙيندا؛ ۽ اهي وڙهندا، ڇالاءِ جو خداوند انهن سان آهي: ۽ گهوڙي سوار مُنجهي پوندا.


تنهنڪري خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ بہ ملڪ جي رهاڪن تي رحم ڪين ڪندس: پر ڏس، آءٌ هر ڪنهن شخص کي سندس پاڙيسريءَ جي هٿ ۾، ۽ سندس بادشاهہ جي هٿ ۾ ڏيندس: ۽ هو ملڪ کي تباهہ ڪندا، ۽ آءٌ کين انهن جي هٿان نہ ڇڏائيندس.


۽ آءٌ انهيءَ ڏينهن يروشلم کي سڀني قومن لاءِ هڪڙو ڳورو پٿر بنائيندس، ۽ جيڪي ان کي کڻندا، سي سڀ سخت ڦٽجي پوندا؛ ۽ زمين جون سڀ قومون گڏجي اُن جي برخلاف ٿينديون.


۽ جي مصر جا قبيلا مٿي نہ ايندا، انهن تي بہ مينهن نہ وسندو: ۽ انهن تي بہ اُها ئي آفت نازل ٿيندي جا خداوند انهن غير قومن تي نازل ڪندو، جي تنبن جي عيد ملهائڻ لاءِ نہ ايندا.


لشڪرن جو خداوند سندن بچاءُ ڪندو؛ ۽ هو پنهنجن دشمنن کي ڳهي ويندا، ۽ لسن پٿرن کي لتاڙيندا؛ ۽ هو شرابين وانگر پي متوالا ٿيندا، ۽ اهڙا ڀرجي ويندا، جهڙا قربانگاهہ جي ڪنڊن وارا پيالا.


۽ اوهين شريرن کي لتاڙيندا؛ ڇالاءِ جو لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ جنهن ڏينهن آءٌ اهو ڪندس، انهي ڏينهن هو اوهان جي پيرن جي ترين هيٺان خاڪ وانگر ٿيندا.


هو هڪڙي شينهن وانگي، ۽ هڪڙيءَ شينهڻ وانگي ڇپ ماري ويٺو، ۽ سمهي پيو؛ ڪير هن کي جاڳائيندو؟ جيڪو توکي برڪت ٿو ڏئي سو مبارڪ ٿيندو، ۽ جيڪو توتي لعنت ٿو ڪري سو لعنتي ٿيندو.


۽ جيڪو اوهان کي قبول نہ ڪري، نڪي اوهان جي ڳالهہ ٻڌي، تہ جيئن اُنهي گهر يا شهر مان نڪرو، تيئن پنهنجن پيرن جي مٽي ڇنڊي ڇڏجو.


۽ جڏهن اُهي سندس سامهون ٿيڻ ۽ ڪفر بڪڻ لڳا، تڏهن هن پنهنجا ڪپڙا ڇنڊي کين چيو، تہ اوهان جو خون اوهان ئي جي سر تي هجي؛ آئون ڇُٽل آهيان. اڄ کانپوءِ آئون غير قومن ڏانهن ويندس.


خبردار متان اُنهي کان انڪار ڪريو جو ڳالهائي ٿو. ڇالاءِ جو جڏهن اُهي ماڻهو جن زمين تي هدايت ڪرڻ وارن کان انڪار ڪيو، سي بچي نہ سگهيا، تڏهن اسين آسمان مان هدايت ڪرڻ واري کان منهن موڙي ڪيئن بچي سگهنداسين.


تہ پوءِ جيڪڏهن هيڏيءَ وڏيءَ نجات کان غافل رهياسين، تہ ڪيئن ڇُٽي سگهنداسين؟ جنهن جو بيان پهرين خداوند جي وسيلي ڪيو ويو هو، ۽ جن اُهو ٻُڌو، تن اسان وٽ انهي جي ثابتي ڏني؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ