Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ميڪاہ 4:9 - Sindhi Bible

9 سو هاڻي تون ڇو ٿي رڙيون ڪرين؟ تو ۾ ڪو بادشاهہ ناهي ڇا، يا تنهنجو ڪو صلاحڪار مري ويو آهي ڇا، جو توکي ويم جي سورن اچي ورايو آهي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 اي يروشلم جي وسندي! تون ڇو ٿي رڙيون ڪري روئين؟ ڇا تو ۾ ڪو بادشاهہ ڪونهي؟ ڇا تنهنجا صلاحڪار مري کپي ويا آهن؟ ڇو تون اهڙي تڪليف ۾ آهين، جو ڄڻ تو کي ويم واري عورت جي سورن اچي ورايو هجي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ميڪاہ 4:9
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هو ڊڄي ويندا؛ عذاب ۽ درد هنن کي وڪوڙي ويندا، سورن واري زال وانگي هنن کي سور ٿيندا: هو هڪ ٻئي جي حال تي حيران ٿيندا؛ هنن جا منهن باهہ جي شعلي جهڙا ٿيندا.


تنهن ڪري منهنجي ڪمر درد سان ڀريل آهي؛ جيئن ويامندڙ زال کي سور ٿيندا آهن، تيئن مون کي سورن اچي ورايو آهي: مون کي ايترو سور آهي جو آءٌ ٻڌي نٿو سگهان؛ آءٌ اهڙو ڊڄي ويو آهيان جو ڏسي نٿو سگهان.


جيئن ڪنهن پيٽ واري زال جي ويم جو وقت ويجهو اچي، ۽ اُن کي سور ٿين ۽ سورن ۾ دانهون ڪري؛ انهيءَ طرح اسين بہ، اي خداوند، تنهنجي اڳيان آهيون.


اي لبنان جا رهاڪو، تون جو ديودارن ۾ پنهنجو آکيرو ٿو جوڙين، جڏهن تو تي ويم واريءَ زال جهڙا سور ايندا، تڏهن توتي ڪيترو نہ گهڻو افسوس ٿيندو:


تنهن ڪري خداوند ٿو فرمائي، تہ اي منهنجا ٻانها يعقوب، تون ڊپ نہ ڪر؛ نڪي اي اسرائيل تون پريشان ٿي: ڇالاءِ جو ڏس، آءٌ توکي پري کان بچائيندس، ۽ تنهنجي اولاد کي هنن جي قيد جي ملڪ کان؛ ۽ يعقوب موٽي ايندو ۽ امن ۽ آرام ۾ رهندو، ۽ ڪوبہ هن کي نہ ڊيڄاريندو.


ڪيستائين آءٌ اهو جهنڊو ڏسندس ۽ قرناءِ جو آواز ٻڌندس؟


ڇالاءِ جو مون هڪڙو آواز ٻڌو آهي جو انهي زال جهڙو آهي جا سورن ۾ هجي، انهي زال جهڙي دانهن جا پهريون ٻار ڄڻيندي آهي، صيون جي ڌيءَ جو آواز، جا پيئي سهڪي ۽ پنهنجا هٿ کڻي چوي ٿي تہ هاڻ مون سان ويل آهي! ڇالاءِ جو منهنجي جان هنن خونين جي اڳيان ماندي ٿي ٿئي.


قريوت وٺجي ويو آهي، ۽ مضبوط قلعا اوچتا هٿ ڪيا ويا آهن، ۽ موآب جي بهادر مردن جي دل انهي ڏينهن اهڙي ٿيندي جهڙي سورن واري زال جي دل.


بابل جي بادشاهہ هنن جي ناموس ٻڌي آهي ۽ انهي جا هٿ ڍرا ٿا ٿين: ڏکن ۽ سورن انهي کي آڻي ورايو آهي، جيئن سورن واري زال جو حال ٿيندو آهي.


ڏس، منهنجي قوم جي ڌيءَ جي دانهن جو آواز ڪنهن پرانهين ملڪ مان ٿو اچي: خداوند صيون ۾ ناهي ڇا؟ انهي جو بادشاهہ ان ۾ ڪونهي ڇا؟ ڇالاءِ هنن پنهنجن اُڪريلن مورتن سان ۽ ڌارين اجاين ڳالهين سان مون کي ڪاوڙ ڏياري آهي؟


اسان جي زندگي جو دم، يعني خداوند جو مسح ڪيل، هنن جي کڏن ۾ پڪڙجي پيو؛ جنهن بابت اسين چوندا هئاسين تہ هن جي پاڇي هيٺ اسين قومن ۾ حياتي گذارينداسين.


هاڻي هو ضرور چوندا تہ اسان جو ڪو بادشاهہ ڪونهي: ڇالاءِ جو اسين خداوند کان نٿا ڊڄون؛ ۽ بادشاهہ اسان جي لاءِ ڇا ڪري سگهندو؟


سورن واري زال جا درد هن تي ايندا: هو هڪڙو نادان پٽ آهي؛ مناسب آهي تہ هاڻي هو ڄمڻ ۾ دير نہ ڪري.


ڇالاءِ جو بني اسرائيل گهڻا ئي ڏينهن بادشاهہ کان سواءِ، ۽ حاڪم کانسواءِ، ۽ قربانيءَ کانسواءِ، ۽ کوڙيل ٿنڀ کانسواءِ، ۽ اُفود يا ترافيم کانسواءِ رهندا.


تنهنڪري هو انهن کي تيستائين ڇڏي ڏيندو، جيستائين ڪ جنهن کي سور ٿيا آهن سا ڪجهہ ڄڻي: جڏهن سندس ڀائرن مان جيڪي باقي بچيل آهن سي بني اسرائيل سان گڏ موٽي ايندا.


زال کي جڏهن سور ٿيندا آهن، تڏهن تڪليف ٿيندي اٿس، ڇالاءِ جو سندس گهڙي اچي پهتي آهي، پر جڏهن ٻار ڄڻي ٿي وٺي، تڏهن جا خوشي ٿي ٿئيس، تہ هڪڙو انسان دنيا ۾ ڄائو آهي، تنهنڪري اُهو اهنج ياد ئي ڪونہ ٿو پويس.


۽ اها حاملہ هئي ۽ ويم جي سورن کان رڙيون پئي ڪيائين، ۽ ٻار ڄڻڻ جي تڪليف هُيس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ