ميڪاہ 4:7 - Sindhi Bible7 ۽ جن منڊڪايو ٿي تن کي باقي بچيل، ۽ جي جلاوطن هئا تن کي هڪڙي زور واري قوم بنائيندس: ۽ اڄ کان وٺي هميشہ تائين صيون جي جبل تي خداوند اُنهن تي بادشاهي ڪندو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Muslim Sindhi Bible7 اهي پنهنجي وطن کان پري ۽ بيوس آهن. بلڪ جيڪي بہ بني اسرائيل جا باقي بچي ويل آهن، تن سڀني کي آءٌ وري بحال ڪري هڪ زورآور قوم بڻائيندس. ان وقت کان وٺي آءٌ خداوند صيئون جبل تان هميشہ تائين مٿن حڪومت ڪندو رهندس. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
۽ اُنهي مون کي چيو تہ اي آدمزاد، هيءَ منهنجي تختگاهہ آهي، ۽ منهنجي پيرن جي ترين رکڻ جي جاءِ آهي، جتي آءٌ هميشہ لاءِ بني اسرائيل جي وچ ۾ رهندس: ۽ اسرائيل جو گهراڻو اڳتي وري منهنجي پاڪ نالي کي پنهنجي زناڪاريءَ سان، ۽ پنهنجن مٿانهن مڪانن تي پنهنجي بادشاهن جي لاشن سان، ناپاڪ نہ ڪندو، ۽ نہ هو ۽ نہ سندن بادشاهہ.