Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ميڪاہ 4:4 - Sindhi Bible

4 پر هرڪو ماڻهو، پنهنجي ڊاک ۽ پنهنجي انجير جي وڻ هيٺان ويهندو، ۽ ڪوبہ هنن کي نہ ڊيڄاريندو؛ ڇالاءِ جو لشڪرن جي خداوند جو اهو فرمان آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 تڏهن هر ڪو ماڻهو بي‌خوف ٿي پنهنجي پنهنجي انگورن ۽ انجيرن جي باغن ۾ امن وَ سلامتيءَ سان زندگي گذاريندو. اهو قادر‌مطلق خداوند جو پڪو واعدو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ميڪاہ 4:4
25 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ يهوداہ ۽ اسرائيل جا سڀ ماڻهو سليمان جي ساري حياتيءَ جي ڏينهن ۾، دان کان وٺي بيرسبع تائين، پنهنجي پنهنجي ڊاک جي منهہ، ۽ انجير جي وڻ هيٺ صحيح سلامت رهندا آيا.


۽ ڏس، منهنجو ارادو آهي تہ جيئن خداوند منهنجي پيءُ دائود کي چيو هو تہ تنهنجو پٽ جنهن کي آءٌ تنهنجي بجاءِ تخت تي ويهاريندس، سو منهنجي نالي تي گهر جوڙيندو، تيئن آءٌ خداوند پنهنجي خدا جي نالي تي هڪڙو گهر جوڙيان.


تون وڃي سمهي رهندين ۽ ڪوبہ توکي نہ ڊيڄاريندو؛ هائو، گهڻيئي توکي عرض ڪندا.


تنهنجي اُمت جي لاءِ جبلن مان سلامتي، ۽ ٽڪرين مان راستبازي پيدا ٿيندي.


اوچتي خوف کان متان ڊڄين، نڪي شريرن جي خرابيءَ جي اچڻ کان:


پر جي اوهين منڪر ۽ باغي ٿيندا تہ ترار اوهان کي کائي ويندي: ڇالاءِ جو خداوند پنهنجي واتان ائين فرمايو آهي.


عروعير جا شهر ويران ٿي ويا آهن؛ اهي ڌڻن جي لاءِ آهن، جي اتي سمهندا ۽ ڪوبہ انهن کي نہ ڊيڄاريندو.


انهي ڏينهن، لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ جيڪا ڪلي مضبوط جاءِ تي قابو ڪئي وئي هئي، سا نڪري پوندي؛ ۽ اها وڍي ويندي ۽ ڪري پوندي، ۽ جيڪو بار ان تي هو سو بہ وڍجي ويندو؛ ڇالاءِ جو خداوند ائين فرمايو آهي.


اي خداوند، تڪليف جي وقت هو تو وٽ آيا آهن، جڏهن هنن جي مٿان تنهنجي سيکت آئي تڏهن هو دعا گهرڻ لڳا.


۽ راستبازيءَ جو ڪم سلامتي ٿيندو، ۽ راستبازيءَ جو نتيجو هميشہ لاءِ آرام ۽ تسلي ٿيندو.


حزقياہ جو چوڻ نہ ٻڌو، ڇو جو اسور جو بادشاهہ هيئن ٿو فرمائي تہ اوهين مون سان صلح ڪريو ۽ مون ڏانهن هليا اچو؛ ۽ اوهان مان هرڪو پنهنجي ڊاک ۽ پنهنجي انجير جي وڻ جو ميوو کائي، ۽ هرڪو پنهنجي حوض جو پاڻي پيئي:


۽ خداوند جو جلال ظاهر ٿيندو، ۽ سڀيئي ماڻهو انهي کي گڏ ڏسندا: ڇالاءِ جو خداوند پنهنجي واتان ائين فرمايو آهي.


تون راستبازيءَ ۾ قائم ڪئي ويندينءَ: تون ظلم کان پري رهندينءَ ڇالاءِ جو تون ڊپ نہ ڪندينءَ؛ تون خوف کان پري رهندينءَ، ڇالاءِ جو اهو توکي ويجهو نہ ايندو.


تہ پوءِ تون خداوند ۾ خوش رهندين؛ ۽ آءٌ توکي زمين جي مٿانهين جاين تي چاڙهيندس: ۽ توکي تنهنجي پيءُ يعقوب جي ميراث مان کارائيندس: ڇالاءِ جو خداوند جي واتان ائين چيو ويو آهي.


۽ خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ آءٌ انهن تي ڌنار مقرر ڪندس، جي انهن کي چاريندا: ۽ هو وري اڳتي نڪي ڊڄندا نڪي خوف ڪندا، ۽ نہ ڪو ڪو انهن مان گهٽ ٿيندو.


تنهن ڪري خداوند ٿو فرمائي، تہ اي منهنجا ٻانها يعقوب، تون ڊپ نہ ڪر؛ نڪي اي اسرائيل تون پريشان ٿي: ڇالاءِ جو ڏس، آءٌ توکي پري کان بچائيندس، ۽ تنهنجي اولاد کي هنن جي قيد جي ملڪ کان؛ ۽ يعقوب موٽي ايندو ۽ امن ۽ آرام ۾ رهندو، ۽ ڪوبہ هن کي نہ ڊيڄاريندو.


۽ آءٌ هنن سان صلح جو عهد اقرار ڪندس، ۽ خراب جانورن کي انهي زمين مان موقوف ڪري ڇڏيندس: پوءِ هو سلامتيءَ سان بيابان ۾ رهندا ۽ ٻيلي ۾ سمهندا.


۽ هو اڳتي وري غير قومن جو شڪار نہ ٿيندا، ۽ نہ زمين جا جانور انهن کي ڳهي ويندا؛ پر هو سلامتيءَ سان رهندا ۽ ڪوبہ هنن کي نہ ڊيڄاريندو.


۽ تون چوندين تہ آءٌ انهن ڏانهن ويندس جي آرام ۾ آهن ۽ سلامتيءَ سان ٿا رهن؛ جي سڀ ڀِتين، ۽ درن، ۽ گزن کان سواءِ رهن ٿا؛ ۽ آءٌ انهي کليل ملڪ ۾ ويندس:


۽ هو پنهنجي شرمندگي کڻندا ۽ پنهنجون سڀ بدڪاريون بہ، جن سان هنن منهنجي نافرماني ڪئي آهي؛ تنهن کان پوءِ هو سلامتيءَ سان پنهنجي زمين ۾ رهندا ۽ ڪوبہ ڪونہ ڊيڄاريندن؛


۽ آءٌ ملڪ ۾ صلح ۽ آرام قائم ڪندس، ۽ اوهين سمهي ننڊون ڪندا، ۽ ڪوبہ اوهان کي ڪونہ ڊيڄاريندو: ۽ آءٌ جهنگلي جانورن کي ملڪ مان ڪڍي ڇڏيندس، ۽ اوهان جي ملڪ ۾ ترار ڪانہ هلندي.


تنهنڪري هو انهن کي تيستائين ڇڏي ڏيندو، جيستائين ڪ جنهن کي سور ٿيا آهن سا ڪجهہ ڄڻي: جڏهن سندس ڀائرن مان جيڪي باقي بچيل آهن سي بني اسرائيل سان گڏ موٽي ايندا.


اسرائيل جا باقي رهيل ماڻهو بڇڙائي نہ ڪندا ۽ نڪي ڪوڙ ڳالهائيندا: نڪي انهن جي وات ۾ دغاباز زبان ڏني ويندي؛ ڇالاءِ جو هو کائيندا، ۽ سمهي رهندا، ۽ ڪوبہ انهن کي نہ ڊيڄاريندو.


انهيءَ ڏينهن، لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ اوهان مان هرڪو ماڻهو پنهنجي پاڙيسريءَ کي ڊاک ۽ انجير جي وڻ هيٺان سڏيندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ