Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ميڪاہ 4:2 - Sindhi Bible

2 ۽ گهڻيئي قومون چونديون تہ اچو تہ خداوند جي جبل تي، ۽ يعقوب جي خدا جي گهر ڏي چڙهي هلون؛ ۽ اسين سندس رستن تي هلنداسين، ۽ هو اسان کي پنهنجون راهون سيکاريندو: ڇالاءِ جو شريعت صيون مان نڪرندي ۽ خداوند جو ڪلام يروشلم مان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 اهي قومون ائين چونديون اينديون تہ ”هلو تہ خداوند جي جبل ڏانهن هلون، يعني بني يعقوب جي خدا جي گھر ڏانهن. هو اسان کي پنهنجي واٽ تي هلڻ سيکاريندو، تان‌تہ اسين سندس انهيءَ ٻڌايل واٽ تي هلون، ڇاڪاڻ تہ صيئون تان ئي خداوند جي شريعت جاري ڪئي ويندي. هائو، انهيءَ تي اڏيل شهر يروشلم مان سندس فرمان ظاهر ٿيندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ميڪاہ 4:2
35 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

خداوند صيون مان تنهنجي زور جي لٺ موڪليندو: سو تون پنهنجي دشمنن تي حڪومت هلاءِ.


مبارڪ آهن اهي جي سنئين واٽ ٿا وٺن، ۽ خداوند جي شريعت تي عمل ٿا ڪن.


شل منهنجي واتان تنهنجي تعريف ٿئي؛ ڇالاءِ جو تون مون کي پنهنجا قانون ٿو سيکارين.


جڏهن هنن مون کي چيو تہ هلو تہ خداوند جي گهر هلون، تڏهن آءٌ خوش ٿيس.


اهو ڪهڙو ماڻهو آهي جو خداوند کان ڊڄي ٿو؟ هو ان کي اهو رستو ڏيکاريندو جو کيس پسند آهي.


۽ گهڻيون قومون وينديون ۽ چونديون تہ اچو تہ خداوند جي جبل ڏانهن، يعني يعقوب جي خدا جي گهر ڏانهن هلون؛ ۽ هو اسان کي پنهنجا رستا سيکاريندو، ۽ اسين انهي جي واٽن تي هلنداسين: ڇالاءِ جو صيون مان شريعت ۽ يروشلم مان خداوند جو ڪلام ظاهر ٿيندو.


۽ تنهنجن سڀني ٻارن کي خداوند جي تعليم ڏني ويندي، ۽ تنهنجي ٻارن کي گهڻي سلامتي ملندي.


تن کي بہ آءٌ پنهنجي پاڪ جبل تي آڻيندس، ۽ پنهنجي عبادتخاني ۾ خوش رکندس؛ انهن جون سوختني قربانيون، ۽ ذبح ڪرڻ واريون قربانيون منهنجيءَ قربانگاهہ تي قبول پونديون: ڇالاءِ جو منهنجو گهر سڀني قومن لاءِ عبادتگاهہ سڏبو.


ڇالاءِ جو هڪڙو اهڙو ڏينهن ٿيندو جو افرائيم جي ٽڪرن تي پهري وارو پڪاري چوندو تہ اوهين اُٿو، هلو تہ صيون ڏي خداوند پنهنجي خدا وٽ هلون.


من خداوند تنهنجو خدا اسان کي اهو رستو ڏيکاري جنهن تي هلون ۽ اُهو ڪم ڏيکاري جو ڪريون.


۽ اچو تہ ڳولا ڪريون، ۽ خداوند کي سڃاڻڻ لاءِ پيروي ڪريون؛ هن جو اچڻ يقيناً صبح وانگر آهي: ۽ هو اسان وٽ مينهن وانگر ايندو، انهي پوئين مينهن وانگر جو زمين کي ريج ٿو ڏئي.


۽ هيئن ٿيندو تہ جيڪي قومون يروشلم سان وڙهڻ لاءِ آيون هيون، تن سڀني مان جيڪي بچندا، سي هر سال بادشاهہ، لشڪرن جي خداوند کي سجدو ڪرڻ لاءِ، ۽ تنبن جي عيد ملهائڻ لاءِ ايندا.


۽ اُنهيءَ ڏينهن گهڻيون ئي قومون خداوند سان شامل ٿينديون، ۽ منهنجي قوم ٿينديون: ۽ آءٌ تنهنجي وچ ۾ رهندس، ۽ توکي معلوم ٿيندو تہ لشڪرن جي خداوند مون کي تو وٽ موڪليو آهي.


۽ آءٌ افرائيم مان رٿ، ۽ يروشلم مان گهوڙو وڍي ڇڏيندس، ۽ جنگي ڪمان ڀڃي ڇڏيندس؛ ۽ هو قومن سان صلح سلامتيءَ جون ڳالهيون ڪندو: ۽ هن جي بادشاهي سمنڊ کان سمنڊ تائين ۽ فرات نديءَ کان زمين جي حد تائين ٿيندي.


۽ هنن وڃي هنڌ هنڌ منادي ڪئي، ۽ خداوند انهي ڪم ۾ ساڻن شامل رهيو، ۽ نشانيون جي پئي ٿيون، تن سان ڪلام کي ثابت ڪندو رهيو. آمين.


۽ يروشلم کان وٺي سڀني قومن ۾ سندس نالي توبهہ ۽ گناهن جي معافيءَ جي منادي ڪئي وڃي.


نبين جي ڪتابن ۾ لکيل آهي، تہ ”اُهي سڀ خدا پاران سيکاريا ويندا.“ هرڪو جنهن پيءُ کان ٻُڌو آهي، ۽ وٽانئس سکيو آهي، سو مون وٽ ٿو اچي.


جيڪڏهن ڪو ماڻهو سندس مرضيءَ تي هلڻ ٿو گهُري، تہ کيس انهيءَ تعليم بابت خبر پوندي، تہ اُها خدا وٽان آهي يا آئون پاڻو ٿو چوان.


پر جڏهن پاڪ روح اوهان تي نازل ٿيندو، تڏهن اوهان کي طاقت ملندي: ۽ اوهين يروشلم ۾ توڙي سڄي يهوديہ ۽ سامريہ، بلڪ زمين جي حدن تائين منهنجا شاهد ٿيندا.


۽ جڏهن هو ٻاهر نڪتا، تڏهن ماڻهن کين منٿ ڪري چيو، تہ اهي ڳالهيون ورندي سبت جي ڏينهن بہ اسان کي ٻُڌائجو.


يعني اُهي ڳالهيون جي نشانين ۽ معجزن جي طاقت سان، ۽ پاڪ روح جي قدرت سان ظاهر ٿيون؛ ايتري قدر جو مون يروشلم کان وٺي چئني پاسي اِلرڪم تائين مسيح جي خوشخبريءَ جي پوريءَ طرح منادي ڪئي آهي.


هاڻي اهي حڪم، ۽ قانون، ۽ فيصلا هي آهن، جن جو خداوند اوهان جي خدا اوهان کي سيکارڻ جو حڪم ڏنو آهي، انهي لاءِ تہ جنهن ملڪ تي قبضو ڪرڻ لاءِ اوهين پار ٿا وڃو، تنهن ۾ انهن تي عمل ڪريو:


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ