Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ميڪاہ 4:12 - Sindhi Bible

12 پر هنن کي خداوند جي خيالن جي خبر ڪانهي، ۽ نہ هو انهي جي مصلحت سمجهن ٿا، ڇالاءِ جو هن انهن کي ائين گڏ ڪيو آهي، جيئن گڏا ڳاهڻ لاءِ گڏ ڪبا آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

12 پر اهي خداوند جي ارادن کي نہ ٿا ڄاڻين، اهي اها ڳالهہ سمجھن ئي نہ ٿا تہ خداوند کين اهڙي سزا ڏيڻ لاءِ هتي آڻي گڏ ڪيو آهي، جيئن اناج جا گڏا ڳاهڻ لاءِ گڏ ڪبا آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ميڪاہ 4:12
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هو يعقوب کي پنهنجو ڪلام ۽ اسرائيل کي پنهنجا قانون ۽ فيصلا ٿو ڏيکاري.


هن ڪنهن بہ قوم سان اهڙو سلوڪ نہ ڪيو آهي: هن جي فيصلن جي انهن کي خبر ڪانهي. اوهين خداوند جي تعريف ڪريو.


انهيءَ هوندي بہ هن جو مطلب اهو ناهي، نڪي هن جي دل جو اهو خيال آهي؛ پر هن جي دل ۾ آهي تہ ناس ڪري گهڻين قومن کي وڍي ڇڏي.


اڙي تون، جو منهنجو ڳاهہ ۽ منهنجي پڙ جو اَنُ آهين: جيڪي مون لشڪرن جي خداوند، اسرائيل جي خدا کان ٻڌو آهي، سو مون اوهان کي ٻڌايو آهي.


۽ انهن سڀني قومن جون ٽوليون جي اريئيل سان وڙهنديون، يعني اهي سڀ، جي انهي سان، ۽ انهي جي قلعي سان وڙهندا، ۽ کيس تڪليف ڏيندا؛ اهو سڀ هڪڙي خواب يا رات جي رويا وانگي ٿيندو.


خداوند فرمائي ٿو تہ منهنجا خيال اوهان جا خيال نہ آهن، نڪي اوهان جا رستا منهنجا رستا آهن.


ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي، تہ جيڪي اوهان جي حق ۾ منهنجا خيال آهن، سي آءٌ ڄاڻان ٿو، اُهي خير سلامتيءَ جا خيال آهن نہ خرابي جا، يعني تہ اوهان جي پڇاڙيءَ ۾ اوهان کي اُميد ڏيان.


تون منهنجي جنگي تبر آهين ۽ جنگ جا هٿيار آهين: تو سان آءٌ قومن کي ڀڃي پرزا پرزا ڪري ڇڏيندس؛ ۽ تو سان آءٌ بادشاهتون ناس ڪري ڇڏيندس؛


ڇالاءِ جو لشڪرن جو خداوند، اسرائيل جو خدا، هيئن ٿو فرمائي، تہ بابل جي ڌيءَ انهي ڳاهڻ جي پڙ وانگي آهي جنهن ۾ لتڙ ٿيندي آهي؛ اڃا ٿوري وقت کان پوءِ ان جي فصل جي لاباري جو وقت ايندو.


تڏهن آءٌ سڀ قومون گڏ ڪندس، ۽ سڀني کي يهوسفط جي واديءَ ۾ لاهيندس؛ ۽ اُتي آءٌ پنهنجي اُمت جي لاءِ، ۽ پنهنجي ميراث اسرائيل جي لاءِ ساڻن حجت دليل ڪندس، جو هنن انهن کي قومن ۾ پکيڙي ڇڏيو آهي ۽ منهنجي زمين ورهائي ڇڏي اٿن.


جنهن کي پنهنجو ڇڄ هٿ ۾ آهي، تہ پنهنجي ڳاهہ جي پڙ کي چڱيءَ طرح صاف ڪري، ۽ ڪڻڪ کي ميڙي پنهنجي ڀانڊي ۾ رکي، پر بهہ کي اهڙي باهہ ۾ ساڙي ڇڏيندو جا وسامڻ جي نہ آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ