Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ميڪاہ 4:11 - Sindhi Bible

11 هاڻي گهڻيئي قومون اچي تنهنجي برخلاف گڏ ٿيون آهن، ۽ چون ٿيون تہ ڀلي اها ڳالهہ پوري ٿئي، تہ اسان جون اکيون صيون کي ڏسي خوش ٿين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

11 اي يروشلم جي وسندي! گھڻين ئي قومن وارن اچي تنهنجو گھيرو ڪيو آهي. اهي چون ٿا تہ ”اسين يروشلم جي عزت لٽينداسين، ۽ اسان جون اکيون انهيءَ کي خوار خراب ٿيندي ڏسنديون.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ميڪاہ 4:11
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪي صيون سان عداوت ٿا رکن، سي سڀيئي شل ڦڪا ٿي پٺ تي هٽجن.


ڇو جو انهن يڪمشت ٿي صلاح ڪئي آهي؛ ۽ تنهنجي برخلاف پاڻ ۾ عهد ڪيو اٿن:


انهيءَ هوندي بہ هن جو مطلب اهو ناهي، نڪي هن جي دل جو اهو خيال آهي؛ پر هن جي دل ۾ آهي تہ ناس ڪري گهڻين قومن کي وڍي ڇڏي.


هاءِ، گهڻين قومن جو گوڙ، جي سمنڊ جي گجڻ وانگي گجن ٿيون؛ ۽ گهڻين قومن جو جوش، جو زور واري پاڻيءَ جي وهڪري جهڙو آهي!


۽ انهن سڀني قومن جون ٽوليون جي اريئيل سان وڙهنديون، يعني اهي سڀ، جي انهي سان، ۽ انهي جي قلعي سان وڙهندا، ۽ کيس تڪليف ڏيندا؛ اهو سڀ هڪڙي خواب يا رات جي رويا وانگي ٿيندو.


۽ ان جي حڪومت جي نائين سال ۾، ڏهين مهيني جي ڏهين تاريخ هيئن ٿيو تہ نبوڪدرضر، بابل جو بادشاهہ، پنهنجو سڄو لشڪر وٺي يروشلم تي ڪاهي آيو، ۽ اُن جي چوڌاري منزل ڪري لهي پيو؛ ۽ ان جي چوڌاري ساڻس وڙهڻ لاءِ دمدما جوڙيائون.


تنهنڪري خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏس، اي صور آءٌ تنهنجي برخلاف آهيان، ۽ گهڻين قومن کي توتي چاڙهي آڻيندس، جيئن سمنڊ پنهنجون لهرون چاڙهي ايندو آهي.


خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ تون اُهو آهين ڇا جنهن جي بابت مون قديم زماني ۾ پنهنجي بندن نبين جي معرفت ڳالهايو، جن اُنهن ڏينهن ۾ گهڻن سالن تائين نبوت ڪري چيو، تہ آءٌ توکي هنن تي چاڙهي آڻيندس؟


پر تون پنهنجي ڀاءُ جي مصيبت جي ڏينهن نہ بيهي نهار، ۽ يهوداہ جي اولاد تي سندن تباهي جي ڏينهن خوشي نہ ڪر؛ نڪي مصيبت جي ڏينهن فخر جون ڳالهيون ڪر.


تڏهن منهنجو دشمن اهو ڏسي شرمندگيءَ سان ڍڪجي ويندو، جنهن مون کي چيو تہ خداوند تنهنجو خدا ڪٿي آهي؟ منهنجون اکيون انهي کي ڏسنديون؛ هاڻي هو گهٽين جي مٽيءَ وانگي لتاڙجي ويندو.


۽ آءٌ انهيءَ ڏينهن يروشلم کي سڀني قومن لاءِ هڪڙو ڳورو پٿر بنائيندس، ۽ جيڪي ان کي کڻندا، سي سڀ سخت ڦٽجي پوندا؛ ۽ زمين جون سڀ قومون گڏجي اُن جي برخلاف ٿينديون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ