ميڪاہ 4:10 - Sindhi Bible10 اي صيون جي ڌيءَ سور جهل، ۽ ويم واري زال وانگر تڪليف سهي ڪجهہ ڄڻ: ڇالاءِ جو هاڻي تون شهر مان نڪرندينءَ ۽ ميدان ۾ ۽ بابل ۾ ايندينءَ، ۽ اُتي تون ڇڏائي ويندينءَ؛ اُتي خداوند توکي تنهنجن دشمنن جي هٿ مان ڇڏائيندو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Muslim Sindhi Bible10 تون ڀلي هڪ ويم واري عورت وانگر تڙپندي لڇندي رڙيون ڪر، ڇاڪاڻ تہ هاڻي تنهنجا رهاڪو تو کي ڇڏي کُليل ميدان ۾ وڃي رهڻ وارا آهن، بلڪ هو بابل ملڪ ڏانهن جلاوطن ٿيڻ وارا آهن. پر تنهن هوندي بہ اتي خداوند اچي انهن کي بچائيندو. هائو، اهو انهن کي سندن دشمنن جي هٿان ڇڏائيندو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
فارس جو بادشاهہ خورس هيئن ٿو فرمائي تہ خداوند، آسمان جي خدا دنيا جون سڀ بادشاهتون مون کي عطا ڪيون آهن؛ ۽ هن مون کي حڪم ڪيو آهي تہ يروشلم، جو يهوداہ ۾ آهي، تنهن ۾ سندس لاءِ هڪڙو گهر جوڙيان. تنهنڪري انهيءَ جي ساريءَ قوم مان جيڪو بہ ماڻهو اوهان ۾ هجي، تنهن سان خداوند سندس خدا شل همراهہ ٿئي، ۽ اهو ڀلي موٽي وڃي.