ميڪاہ 3:7 - Sindhi Bible7 ۽ غيب دان شرمندا ٿيندا، ۽ فالون وجهندڙ لڄي ٿيندا؛ هائو، هو سڀ پنهنجا چپ ڍڪيندا، ڇالاءِ جو خدا وٽان جواب ڪونہ ايندو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Muslim Sindhi Bible7 سو اي غيبدانو ۽ فالون وجھندڙؤ! هاڻ اوهين پنهنجي ناڪاميءَ سبب ذليل ۽ خوار خراب ٿيندا، ڇاڪاڻ تہ منهنجي طرفان اوهان جي منٿن جو ڪو جواب نہ ملندو.“ အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
۽ سموئيل سائول کي چيو تہ تو ڇو منهنجو آرام ڦٽايو آهي، جو مون کي مٿي آندو اٿيئي؟ ۽ سائول ورندي ڏني تہ آءٌ ڏاڍو تنگ آيو آهيان؛ ڇالاءِ جو فلستي مون سان جنگ ٿا ڪن، ۽ خدا مون کي ڇڏي ڏنو آهي، ۽ مون کي ڪابہ ورندي نٿو ڏئي، نہ نبين جي وسيلي، ۽ نہ خوابن جي رستي: تنهنڪري مون توکي سڏيو آهي تہ مون کي ٻڌاءِ تہ آءٌ ڇا ڪريان.