Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ميڪاہ 3:6 - Sindhi Bible

6 تنهنڪري اوهان جي لاءِ رات ٿيندي، ۽ اوهين ڪوبہ رويا ڪونہ ڏسندا، ۽ اوهان جي لاءِ اونداهي ٿيندي، تہ اوهين ڪابہ فال نہ وجهو؛ ۽ نبين تان سج لهي ويندو، ۽ انهن جي مٿان ڏينهن ڪارو ٿي ويندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 سو هاڻي اڳتي اوهين اهڙيون رويائون نہ ڏسي سگھندا، ۽ نہ وري ڪا اڳڪٿي ڪري سگھندا. هائو، جنهن کي اوهين روحاني روشني چئو ٿا سا اوهان کي ڏسڻ ۾ نہ ايندي ۽ ڏينهن ۾ بہ اوهان کي رات واري اونداهي نظر ايندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ميڪاہ 3:6
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اسين پنهنجا نشان نٿا ڏسون: اسان وٽ ڪو نبي بہ ڪونہ بچيو آهي؛ نڪو ڪو اهڙو ماڻهو آهي جنهن کي خبر هجي تہ هي حال ڪيستائين هلندو.


ڇالاءِ جو خداوند اوهان تي گهاٽيءَ ننڊ جو روح موڪليو آهي، ۽ اوهان جون اکيون بند ڪيون اٿس: ۽ اوهان جي نبين، ۽ سردارن، ۽ غيب ڏسندڙن کي ڍڪي ڇڏيو اٿس.


اسين انڌن وانگي ڀت لاءِ هٿوراڙيون ٿا هڻون، هائو، انهن وانگي هٿوراڙيون ٿا هڻون جن کي اکيون ڪينهن: اسين ٻنپهرن جو ائين ٿاٻا ٿا کائون جيئن اونداهيءَ ۾؛ اسين تازن توانن جي وچ ۾ مئلن وانگي آهيون،


خداوند پنهنجي خدا کي جلال ڏيو انهيءَ کان اڳي تہ هو اونداهي ڪري ۽ اوهان جا پير اوندهہ وارن جبلن تي آٿڙن؛ ۽ جڏهن اوهين روشنائيءَ لاءِ منتظر رهو تڏهن هو انهي کي ڦيرائي موت جو پاڇو ڪري، ۽ ڀڀ اونداهي ڪري وجهي.


جنهن ست ڄڻيا آهن سا ماندي ٿي وڃي ٿي؛ انهي ساهہ ڏنو آهي؛ انهي جو سج ڏينهن بيٺي لهي ويو آهي؛ هوءَ شرمندي ۽ پشيمان ٿي آهي، ۽ انهن مان جيڪي باقي بچندا، تنهنجي نسبت ۾، خداوند ٿو فرمائي تہ آءٌ انهن کي سندن دشمنن اڳيان ترار جي حوالي ڪندس.


تڏهن هنن چيو تہ اچو تہ يرمياہ جي برخلاف ڪي منصوبا ٺاهيون؛ ڇالاءِ جو شريعت ڪاهنن وٽان ٽري نہ ويندي، نہ صلاح مصلحت ڏاهي وٽان، ۽ نہ ڪلام نبيءَ وٽان. اچو تہ هن کي زبان سان ڌڪ هڻون، ۽ هن جي ڪنهن بہ ڳالهہ تي ڌيان نہ ڏيون.


۽ منهنجو هٿ انهن نبين جي برخلاف ٿيندو جي باطل شيون ٿا ڏسن، ۽ ڪوڙيون فالون ٿا وجهن: اُهي منهنجي قوم جي جماعت ۾ شامل نہ ٿيندا، نڪي اُهي اسرائيل جي گهراڻي جي دفتر ۾ لکيا ويندا، ۽ نہ اُهي اسرائيل جي زمين ۾ داخل ٿيندا؛ ۽ اوهين ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند آهيان.


نقصان تي نقصان ايندو، ۽ افواهہ تي افواهہ هوندي؛ ۽ هو نبيءَ جي رويا ڳوليندا، پر شريعت ڪاهنن کان نڪري ويندي ۽ صلاح مصلحت بزرگن کان.


خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ ڏس اُهي ڏينهن اچن ٿا، جڏهن آءٌ هن ملڪ ۾ ڏڪار موڪليندس، نہ مانيءَ جو ڏڪار، ۽ نہ پاڻيءَ جي اُڃ، پر خداوند جي ڪلام ٻڌڻ جو ڏڪار آڻيندس.


بڪواسي چون ٿا تہ بڪواس نہ ڪريو، انهن ڳالهين بابت بڪواس نہ ڪريو: اهڙن شخصن تان مهڻو نہ لهندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ