3 جي منهنجي اُمت جو گوشت ٿا کائو ۽ هنن جي کل لاهي ٿا وٺو ۽ هنن جا هڏا ڀڃي ٿا ڇڏيو: هائو، بلڪ هنن کي وڍي ٽڪر ٽڪر ٿا ڪريو، جيئن رڌڻ جي ٿانوَ لاءِ ڪبو آهي، ۽ ديڳ ۾ گوشت ٿيندو آهي.
سڀني بدڪارن کي ڪوبہ علم ڪونهي ڇا؟ اهي منهنجن ماڻهن کي ائين ٿا کائين، جيئن ماني کائبي آهي ۽ خداوند کي نٿا سڏين.
جڏهن بدڪار ماڻهو، جي منهنجا دشمن ۽ ويري آهن، منهنجو ماس کائڻ لاءِ مون تي ڪاهي آيا، تڏهن اهي ٿاٻا کائي ڪري پيا.
ڪا پيڙهي اهڙي آهي جنهن جا ڏند ترارين جهڙا آهن، ۽ جنهن جون ڏاٺون ڪاتين جهڙيون آهن، انهي لاءِ تہ غريبن کي زمين تان، ۽ محتاجن کي ماڻهن منجهان ڳڙڪائي وڃن.
خداوند پنهنجي قوم جي بزرگن جي، ۽ انهن جي اميرن جي عدالت ڪندو. خداوند، لشڪرن جو خداوند، فرمائي ٿو تہ اهي اوهين آهيو جن ڊاک جو منهہ کائي چٽ ڪري ڇڏيو آهي؛ غريبن جو لٽ جو مال اوهان جن گهرن ۾ آهي:
اوهين ڇو منهنجي قوم کي پيڙيو ٿا، ۽ غريبن جي منهن کي پيهو ٿا؟
جو چون ٿا تہ وقت ويجهو ڪونهي تہ گهر ٺاهيون: هي شهر ديڳ آهي ۽ اسين گوشت آهيون.
۽ هن جا ٽڪر گڏي انهي ۾ وجهہ، يعني سڀڪو چڱو ٽڪر، ران ۽ ڪلهو؛ انهي کي چونڊيل هڏن سان ڀر.
اوهين جي مسڪينن کي ڳهڻ ۽ ملڪ جي غريبن کي تباهہ ڪرڻ ٿا گهرو، سي هي ٻڌو.
پر هنن ڏينهن ۾ منهنجي قوم منهنجي دشمن ٿي اُٿي آهي، اوهين راهہ مسافر ۽ صلح پسند ماڻهوءَ جو چوغو لاهي ٿا رکو.
سندس امير انهن جي وچ ۾ گجندڙ شينهن آهن؛ ان جا قاضي رات جي بگهڙ وانگر آهن: اُهي صبح تائين ڪي بہ ڪين ٿا ڇڏين.