Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ميڪاہ 2:8 - Sindhi Bible

8 پر هنن ڏينهن ۾ منهنجي قوم منهنجي دشمن ٿي اُٿي آهي، اوهين راهہ مسافر ۽ صلح پسند ماڻهوءَ جو چوغو لاهي ٿا رکو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 پر خداوند انهن بني اسرائيل جي اميرن کي فرمائي ٿو تہ ”اوهين لهڻيدار منهنجي قوم جي غريبن تي دشمن وانگر حملو ٿا ڪريو. جڏهن جنگ تان موٽندڙ سپاهي اهو سوچيندي پنهنجي گھر اچن ٿا تہ اتي هو امن ۽ سلامتيءَ سان هوندا، تڏهن اوهين سندن تاڙ ۾ آهيو تہ قرض ۾ انهن جا ڪپڙا بہ لاهي وٺو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ميڪاہ 2:8
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ آءٌ انهن مان آهيان جي اسرائيل ۾ صلح پسند ۽ ديانت دار آهن: تون اسرائيل ۾ هڪ شهر بلڪ ماءُ کي برباد ڪرڻ جي خواهش ٿو رکين: تون خداوند جي ميراث کي ڳڙڪائڻ ٿو گهرين؟


هن اهڙن تي پنهنجا هٿ کنيا آهن جي ساڻس ٺهي ٿي هليا: هن پنهنجو عهد ڀڳو آهي.


منسي ۽ افرائيم؛ ۽ افرائيم ۽ منسي: ۽ اهي ٻئي گڏجي يهوداہ جي برخلاف ٿيندا. ايتري هوندي بہ هن جي ڪاوڙ لهي نہ وئي آهي، پر هن جو هٿ اڃا ڊگهيريل آهي.


منهنجي ميراث منهنجي لاءِ اهڙي ٿي آهي جهڙو ٻيلي ۾ شينهن: هن مون تي وڏي آواز سان گوڙ ڪيو آهي؛ تنهن ڪري مون هن کي ڌڪاريو آهي.


اوهين جي نيڪيءَ کي ڌڪاريو ٿا، ۽ بڇڙائيءَ کي پسند ٿا ڪريو، جي انهن جي کل پَٽي لاهي ٿا وٺو، ۽ انهن جو گوشت سندن هڏن تان روڙي ٿا وٺو؛


جي منهنجي اُمت جو گوشت ٿا کائو ۽ هنن جي کل لاهي ٿا وٺو ۽ هنن جا هڏا ڀڃي ٿا ڇڏيو: هائو، بلڪ هنن کي وڍي ٽڪر ٽڪر ٿا ڪريو، جيئن رڌڻ جي ٿانوَ لاءِ ڪبو آهي، ۽ ديڳ ۾ گوشت ٿيندو آهي.


ديندار ماڻهو زمين مان مارجي نڪري ويو آهي، ۽ ماڻهن ۾ ڪوبہ سچو ڪونهي؛ هو سڀ خون جي لاءِ لڪي ويٺا آهن؛ هنن مان هرڪو پنهنجي ڀاءُ جي شڪار ڪرڻ لاءِ ڄار ٿو وجهي.


هنن جا هٿ خراب ڪم ڪرڻ لاءِ چالاڪ آهن؛ حاڪم گهري ٿو وٺي ۽ قاضي رشوت وٺڻ لاءِ تيار آهي: ۽ جيڪو وڏو ماڻهو آهي سو پنهنجي روح جي خرابي ظاهر ٿو ڪري: ۽ انهي طرح هو بڇڙائيءَ لاءِ ٻڌي ٿا ڪن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ