ميڪاہ 2:7 - Sindhi Bible7 اي يعقوب جا گهراڻا، ڪڏهن ائين چوڻ ۾ ايندو ڇا تہ خداوند جو روح تنگ ٿي ويو آهي. هي انهي جا ڪم آهن ڇا؟ جيڪو سچائي تي هلي ٿو، تنهن کي منهنجي ڪلام مان فائدو نٿو رسي ڇا؟ အခန်းကိုကြည့်ပါ။Muslim Sindhi Bible7 اسان يعقوب جي اولاد بابت تو کي اهڙي ڳالهہ نہ چوڻ گھرجي. ڇا خداوند ڪاوڙ ڪرڻ ۾ ڍرو ناهي؟ ڇا اهڙو عمل خدا جي لائق آهي؟ ڇا هن سچارن کي هميشہ پنهنجي برڪتن سان نہ نوازيو آهي؟“ အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
جڏهن آءٌ آيس تڏهن ڇو ڪو ماڻهو ڪونہ هو؟ جڏهن مون سڏيو تڏهن ڇو ڪنهن بہ جواب نہ ڏنو؟ منهنجو هٿ اهڙو ننڍو ٿي ويو آهي ڇا جو ڇڏائي نٿو سگهي؟ يا مون کي ڇڏائڻ جي سگهہ ڪانهي ڇا؟ ڏسو، آءٌ پنهنجيءَ ڌمڪيءَ سان سمنڊ کي سڪايان ٿو، ۽ ندين کي بيابان ڪري ٿو ڇڏيان: انهن جي مڇي پاڻي نہ هئڻ جي ڪري ڪِني بانس ڪري ٿي، ۽ اُڃ جي ڪري مري ٿي.