Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ميڪاہ 2:6 - Sindhi Bible

6 بڪواسي چون ٿا تہ بڪواس نہ ڪريو، انهن ڳالهين بابت بڪواس نہ ڪريو: اهڙن شخصن تان مهڻو نہ لهندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 اهي امير مون کي ڇينڀيندي چون ٿا تہ ”اسان کي نہ ڊيڄار! هائو، اڳڪٿيون ڪري اهڙيون ڳالهيون نہ ڪر، خداوند اسان کي خوار خراب نہ ڪندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ميڪاہ 2:6
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اسين پنهنجا نشان نٿا ڏسون: اسان وٽ ڪو نبي بہ ڪونہ بچيو آهي؛ نڪو ڪو اهڙو ماڻهو آهي جنهن کي خبر هجي تہ هي حال ڪيستائين هلندو.


ڇالاءِ جو خداوند اوهان تي گهاٽيءَ ننڊ جو روح موڪليو آهي، ۽ اوهان جون اکيون بند ڪيون اٿس: ۽ اوهان جي نبين، ۽ سردارن، ۽ غيب ڏسندڙن کي ڍڪي ڇڏيو اٿس.


اُهي غيب ڏسڻ واري کي چون ٿا تہ غيب نہ ڏسو، ۽ نبين کي چون ٿا تہ اسان کي نبوت جون سچيون ڳالهيون نہ ٻڌايو؛ اسان کي وڻندڙ ڳالهيون ٻڌايو، ۽ ڪوڙي نبوت ڪريو.


اي آدمزاد، پنهنجو منهن ڏکڻ ڏانهن ڪر، ۽ پنهنجو ڪلام ڏکڻ ڏانهن ڪڍ، ۽ ڏکڻ جي ميدان واري ٻيلي جي برخلاف نبوت ڪر؛


اي آدمزاد، پنهنجو منهن يروشلم ڏانهن ڪر ۽ پاڪ مڪان ڏانهن پنهنجو ڪلام ڪڍ، ۽ اسرائيل جي ملڪ جي برخلاف نبوت ڪر؛


آءٌ تنهنجي زبان تنهنجي تارونءَ سان چنبڙائي ڇڏيندس، جنهنڪري تون گونگو ٿيندين، ۽ هنن کي نصيحت ڪري نہ سگهندين: ڇالاءِ جو اُهو باغي گهراڻو آهي.


پر اوهان نذيرين کي شراب پياريو؛ ۽ نبين کي حڪم ڏيئي چيو تہ نبوت نہ ڪريو.


پر بيت ايل ۾ وري اڳتي نبوت نہ ڪج، ڇالاءِ جو هي بادشاهہ جو پاڪ مڪان آهي، ۽ هي هڪڙو شاهي گهر آهي.


تنهنڪري تون هاڻي خداوند جو ڪلام ٻڌ: تون چوين ٿو تہ اسرائيل جي برخلاف نبوت نہ ڪر، ۽ پنهنجو ڪلام اسحاق جي گهراڻي جي برخلاف نہ ٻڌاءِ؛


تنهنڪري اوهان جي لاءِ رات ٿيندي، ۽ اوهين ڪوبہ رويا ڪونہ ڏسندا، ۽ اوهان جي لاءِ اونداهي ٿيندي، تہ اوهين ڪابہ فال نہ وجهو؛ ۽ نبين تان سج لهي ويندو، ۽ انهن جي مٿان ڏينهن ڪارو ٿي ويندو.


ڇالاءِ جو عمريءَ جا قاعدا، ۽ اخي اب جي گهراڻي جا سڀ ڪم اوهين ڪريو ٿا، ۽ اوهين انهن جي صلاح مصلحتن تي هلو ٿا: انهي لاءِ تہ آءٌ توکي ويران ڪريان، ۽ ان جي رهاڪن کي شوڪار جو باعث بنايان؛ ۽ اوهين منهنجي قوم جي ملامت کڻندا.


پر متان اها ڳالهہ ماڻهن ۾ زيادہ پکڙجي وڃي، تنهنڪري اچو تہ هنن کي دڙڪو ڏيون، تہ اڳتي انهي نالي جو ڪنهن سان بہ ذڪر نہ ڪن.


تہ اسان اوهان کي سخت تاڪيد ڪئي هئي تہ انهي نالي تعليم نہ ڏيو: پر ڏسو، اوهان سڄي يروشلم کي پنهنجيءَ تعليم سان ڀري ڇڏيو آهي، ۽ ڀانئيو ٿا تہ انهي جو خون اسان جي سر تي هڻو.


هنن سندس ڳالهہ مڃي ۽ رسولن کي پاڻ وٽ سڏي ڦٽڪا هڻايائون، ۽ سخت تاڪيد ڪيائون تہ يسوع جي نالي تي ڪي بہ ڪين چئجو، ۽ پوءِ ڇڏي ڏنائون.


اوهين جي ضدي، ۽ دل ۽ ڪَنن جا نامختون آهيو، سي هميشہ پاڪ روح جو مقابلو ٿا ڪريو، جيئن اوهان جا ابا ڏاڏا ڪندا هئا، تيئن اوهين بہ ٿا ڪريو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ