Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ميڪاہ 2:3 - Sindhi Bible

3 تنهنڪري خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ هن قبيلي جي برخلاف هڪڙي خرابي ٿو رٿيان، جنهن مان اوهين پنهنجون ڳچيون نہ بچائيندا، نڪي اوهين مغروري سان هلندا، ڇالاءِ جو اُهو خراب وقت آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 اهو ئي سبب آهي جو خداوند پاڻ بہ انهن جي خلاف منصوبا جوڙي فرمائي ٿو تہ ”ڏسو، آءٌ اوهان اميرن تي آفت نازل ڪرڻ وارو آهيان، جنهن مان اوهين بچي ڪين سگھندا. هائو، اوهان تي اهڙو تہ برو وقت اچڻ وارو آهي، جو اوهين اڳتي مغروريءَ سان هلي نہ سگھندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ميڪاہ 2:3
29 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇالاءِ جو خوفناڪ ماڻهو نابود ٿي ويندو، ۽ ٺٺولي ڪندڙ فنا ٿي ويندو، ۽ جيڪي بدڪاري ڪرڻ لاءِ اکيون وجهيو ويٺا آهن سي تباهہ ٿي ويندا.


هيترو بہ وڌيڪ خداوند فرمايو، ڇالاءِ تہ صيون جون ڌيئرون مغرور آهن، ۽ ڳچيون ڊگهيون ڪري شوخ چشم ٿي هلن ٿيون، ۽ هلندي ناز نخرا ٿيون ڪن ۽ پيرن سان گهنگهرو ٿيون وڄائن:


جي چون ٿا تہ ڀلي تہ هو جلدي ڪري، ڀلي تہ هو تڪڙو ٿي پنهنجو ڪم ڪري تہ اسين اهو ڏسون: ۽ ڀلي تہ اسرائيل جي پاڪ خدا جي عدالت ويجهي ٿئي ۽ اچي پهچي، تہ اسين اها معلوم ڪريون!


تنهن ڪري هاڻي وڃي يهوداہ جي ماڻهن ۽ يروشلم جي رهاڪن کي مخاطب ٿي چئُہ، تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏسو، آءٌ اوهان جي برخلاف خرابي ٿو آڻيان ۽ اوهان جي برخلاف هڪڙي تجويز ٿو رٿيان: اوهان مان هرڪو پنهنجي بڇڙي رستي کان باز اچي، ۽ پنهنجي رستن ۽ ڪمن کي سڌاري.


۽ مون انهن سڀني ڳالهين بابت يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ کي چيو تہ اوهين پنهنجون ڳچيون بابل جي بادشاهہ جي پاڃاريءَ ۾ آڻي وجهو، ۽ انهي جي ۽ سندس قوم جي خدمت ڪريو تہ جيئرا رهو.


تنهن ڪري خداوند، هيئن ٿو فرمائي، تہ ڇالاءِ جو اوهان منهنجو حڪم نہ ٻڌو آهي، ۽ سڀ ڪنهن ماڻهوءَ پنهنجي ڀاءُ کي، ۽ سڀ ڪنهن ماڻهوءَ پنهنجي پاڙيسريءَ کي پڌري طرح آزاد ڪري نہ ڇڏيو آهي: ڏسو، خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ اوهان کي ترار جي، ۽ مرض جي، ۽ ڏڪار جي آزاديءَ جي خبر ٿو ڏيان؛ ۽ آءٌ اوهان کي زمين جي سڀني بادشاهتن ۾ هيڏي هوڏي رلائيندس:


۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن يهودي ٽي يا چار ورق پڙهي ويو تهن بادشاهہ ڪپ سان انهن کي وڍي اڳيٺيءَ ۾ باهہ ۾ اُڇلائي وڌا، جيسين ڪ اها سڄي ويڙهي اڳيٺيءَ ۾ باهہ ۾ سڙي چٽ ٿي وئي.


تڏهن عزرياہ بن هوسعياہ، ۽ يوحنان بن قريحہ، ۽ سڀني مغرور ماڻهن يرمياہ کي مخاطب ٿي چيو تہ تون ڪوڙ ٿو ڳالهائين: خداوند اسان جي خدا توکي ڪونہ موڪليو آهي تہ چوين تہ اوهين مصر ۾ نہ وڃي رهو.


لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي تہ انهي خراب گهراڻي مان جيڪي باقي بچندا، ۽ جيڪي انهن سڀني هنڌن تي رهندڙ هوندا جتي مون هنن کي هڪالي ڪڍي ڇڏيو آهي، سي سڀيئي حياتيءَ کان موت کي وڌيڪ پسند ڪندا.


منهنجن گناهن جي پاڃاري هن جي هٿ جي ٻڌل آهي؛ اُهي پاڻ ۾ ڳنڍيا ويا آهن، اُهي منهنجي گردن تي چڙهي آيا آهن؛ هن منهنجو زور گهٽائي ڇڏيو آهي: خداوند مون کي انهن جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيو آهي، جن جي سامهون آءٌ بيهي نٿي سگهان.


خداوند ائين ڪيو آهي جيئن هن رٿيو هو؛ قديم ڏينهن ۾ هن جيڪو ڪلام ڪيو سو پورو ڪيو اٿس؛ هن ڊاهي وڌو آهي ۽ قياس ڪونہ ڪيو اٿس: ۽ هن دشمن کي توتي خوش ڪرايو آهي، هن تنهنجن ويرين جو سڱ مٿي ڪيو آهي.


اسان جا پٺيان پوندڙ اسان جن ڪنڌن تي آهن: اسين ٿڪجي پيا آهيون، ۽ ڪوبہ آرام ڪونہ اٿئون.


هاڻي آءٌ نبوڪدنضر انهي آسمان جي بادشاهہ جي تعريف ۽ ساراهہ ٿو ڪريان، ۽ انهي کي تعظيم ٿو ڏيان؛ ڇالاءِ جو هن جا سڀ ڪم سچا آهن، ۽ هن جون عدالتون سچيون آهن: ۽ جيڪي مغرور آهن تن کي هو ذليل ڪري سگهي ٿو.


تکي ڊوڙڻ واري کان ڀڄڻ جي طاقت هلي ويندي، ۽ زوراور پنهنجو زور لڳائي نہ سگهندو، نڪي بهادر پاڻ کي بچائي سگهندو:


اي بني اسرائيل، هي ڪلام ٻڌ، جو خداوند اوهان جي برخلاف فرمايو آهي، ۽ انهن سڀني قبيلن جي برخلاف، جن کي هن مصر جي زمين مان ڪڍي آندو:


زمين جي سڀني قبيلن مان رڳو اوهان کي مون سڃاتو آهي: تنهنڪري آءٌ اوهان کي اوهانجن سڀني گناهن جي سزا ڏيندس.


تنهنڪري جيڪو سياڻو هوندو، سو اهڙي وقت ماٺ ۾ گذاريندو؛ ڇالاءِ جو اُهو خراب وقت آهي.


ويل آهي انهن سان، جي بڇڙائي جون رٿون ٿا رٿين، ۽ پنهنجي هنڌن تي خراب ڪم ٿا ڪن! ۽ جڏهن صبح جي روشنائي ٿي ٿئي، تڏهن اُهي پورا ٿا ڪن، ڇالاءِ جو اهو هنن جي هٿ وسيڪو آهي.


جي منهنجي حياتيءَ جي لاءِ پنهنجو سر ڏيڻ لاءِ تيار هئا، تن جو نہ فقط آئون شڪرگذار آهيان، پر غير قومن جو سڀ ڪليسيائون بہ.


وقت جو قدر سڃاڻو، ڇالاءِ جو زمانو خراب آهي.


تنهنڪري بک ۾، اُڃ ۾، اوگهڙ ۾، ۽ سڀني شين جي محتاجيءَ ۾ بہ، جيڪو دشمن خداوند توتي موڪليندو، تنهن جي تون خدمت ڪندين: ۽ جيسين هو توکي برباد نہ ڪندو، تيسين تنهنجيءَ ڳچيءَ ۾ لوهہ جي پاڃاري وجهندو.


ڇالاءِ جو جنهن پاڻ رحم نہ ڪيو آهي، تنهن جو انصاف بہ رحم کانسواءِ ٿيندو: رحم انصاف تي غالب ٿو پوي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ