Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ميڪاہ 2:10 - Sindhi Bible

10 اوهين اُٿو، ۽ هليا وڃو؛ ڇالاءِ جو هيءَ اوهان جي آرام جي جاءِ ناهي: ڇالاءِ جو ناپاڪائي جا ناس ٿي ڪري ۽ نهايت چٽ ڪيو ڇڏي اُتي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

10 سو اي ظالمؤ! نڪرو، هن ملڪ مان هليا وڃو! ڇاڪاڻ تہ اوهان جي ڪڌن ڪرتوتن جي ڪري هن ملڪ ۾ سخت بربادي اچڻي آهي، جنهن ڪري هتي ڪو امن وَ سڪون نہ رهندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ميڪاہ 2:10
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تہ آءٌ اسرائيل کي اُنهيءَ ملڪ مان ڪڍي ڇڏيندس جو مون هنن کي ڏنو آهي؛ ۽ هيءُ گهر، جنهن کي مون پنهنجي نالي لاءِ پاڪ ڪيو آهي، سو پنهنجي نظر مان ڪڍي ڇڏيندس؛ ۽ اسرائيل سڀني قومن ۾ هڪڙو مثل ۽ پهاڪو ٿي ويندو:


اسرائيل جي بادشاهہ فقح جي ڏينهن ۾ تگلت پلاسر، اسور جي بادشاهہ، ڪاهي اچي ايون، ۽ ابيل ۽ بيت معڪہ، ۽ ينوحہ، ۽ قادس، ۽ حصور، ۽ جلعاد، ۽ گليل، ۽ نفتاليءَ جي ساري زمين ورتي؛ ۽ انهن کي گرفتار ڪري اسور ڏانهن وٺي ويو.


هوسيع جي نائين ورهيہ ۾ اسور جي بادشاهہ سامريہ ورتو، ۽ اسرائيلين کي قيد ڪري اسور ڏانهن وٺي ويو، ۽ انهن کي جوزان نديءَ تي، خلحہ ۽ خابور شهرن ۾، ۽ مادين جي شهرن ۾ رکيائين.


تہ جيڪا زمين مون هنن کي ڏني آهي تنهن مان، آءٌ هنن جون پاڙون پٽي ڪڍندس ۽ هيءُ گهر، جو مون پنهنجي نالي لاءِ پاڪ ڪيو آهي سو آءٌ پنهنجي نظر کان پاسي ڪري ڇڏيندس، ۽ انهن کي سڀني قومن ۾ ضرب المثل ۽ هڪڙو مثال ڪري ڇڏيندس.


۽ بيگناهن جو، يعني پنهنجي پٽن ۽ ڌيئرن جو رت وهايائون، جن کي انهن ڪنعان جي بتن جي اڳيان قربان ڪيو؛ ۽ ملڪ کي رت سان پليت ڪيائون.


سو مون پنهنجيءَ ڪاوڙ ۾ قسم کنيو تہ اهي منهنجي آرام ۾ داخل نہ ٿيندا.


ڇالاءِ جو خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ ڏس، آءٌ هن وقت هن ملڪ جي رهاڪن کي کانڀاڻيءَ سان اُڇلائي ڇڏيندس، ۽ انهن کي اهڙو تنگ ڪندس جو پاڻهي ياد ڪندا،


اُگهاڙين ٽڪرين ڏانهن پنهنجون اکيون مٿي کڻي نهاري ڏس؛ ڪٿي توسان ڪو نہ ستو آهي؟ رستن جي ڪناري، بيابان جي عرب وانگي تون هنن جي لاءِ ويٺي آهين؛ ۽ تو هن ملڪ کي پنهنجن زناڪارين سان، ۽ پنهنجي بدڪاريءَ سان ناپاڪ ڪيو آهي.


ڇالاءِ جو صيون منجهان هڪڙو واويلا جو آواز ٿو ٻڌجي تہ اسين ڪيئن نہ لٽجي ويا آهيون! اسين تمام گهڻو شرمندا ٿيا آهيون، جو اسان اها زمين ڇڏي ڏني آهي، ۽ اسان جا گهر ڊاهي ڪيرائي وڌا اٿن.


اي آدمزاد، جڏهن اسرائيل جي گهراڻي وارا پنهنجي ملڪ ۾ رهندا هئا، تڏهن هنن پنهنجين راهن ۽ پنهنجن ڪمن سان انهي کي ناپاڪ ڪيو: هنن جي راهہ منهنجي اڳيان اهڙي ناپاڪ هئي جهڙي حيض واري زال جي ناپاڪي.


۽ مون هنن کي قومن ۾ پکيڙي ڇڏيو، ۽ هو ملڪن ۾ ٽڙي پکڙي ويا: هنن جي راهن، ۽ هنن جي ڪمن موافق مون سندن عدالت ڪئي.


ڇالاءِ جو اوهين اڃا انهي آرام ۽ انهي ميراث واري هنڌ نہ پهتا آهيو، جيڪو خداوند تنهنجو خدا توکي ڏئي ٿو.


تہ پوءِ آءٌ اڄوڪي ڏينهن اوهان کي چتايان ٿو، تہ اوهين ضرور تباهہ ٿي ويندا؛ ۽ جنهن ملڪ تي قبضو ڪرڻ لاءِ اوهين يردن جي پار ٿا وڃو، تنهن ۾ اوهان جي عمر گهٽجي ويندي.


تہ آءٌ اڄوڪي ڏينهن آسمان ۽ زمين کي اوهان تي شاهد ٿو ڪريان، تہ جنهن ملڪ کي هٿ ڪرڻ لاءِ اوهين يردن جي پار ٿا وڃو، تنهن ۾ اوهين جلد ئي پوريءَ طرح تباهہ ٿي ويندا؛ اوهين اتي گهڻا ڏينهن ڪين گذاريندا، پر بلڪل ئي برباد ٿي ويندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ