Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ميڪاہ 2:1 - Sindhi Bible

1 ويل آهي انهن سان، جي بڇڙائي جون رٿون ٿا رٿين، ۽ پنهنجي هنڌن تي خراب ڪم ٿا ڪن! ۽ جڏهن صبح جي روشنائي ٿي ٿئي، تڏهن اُهي پورا ٿا ڪن، ڇالاءِ جو اهو هنن جي هٿ وسيڪو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 ويل آهي منهنجي قوم جي انهن اميرن لاءِ! جيڪي بڇڙائيءَ جون رٿون ٿا رٿين. اهي رات جو پنهنجي بستري تي ليٽندي بہ بڇڙائيءَ جا منصوبا ٿا جوڙين. پوءِ صبح ٿيندي ئي اهي انهن کي عمل ۾ ٿا آڻين، ڇاڪاڻ تہ اهو سڀ ڪجھہ سندن هٿ وس ۾ آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ميڪاہ 2:1
40 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

توکي ايذاءُ رسائڻ منهنجي هٿ ۾ آهي، پر ڪالهہ رات تنهنجي پيءُ جي خدا مون سان ڳالهايو ۽ چيائين تہ خبردار متان يعقوب کي ڪي گهٽ وڌ چوين.


تڏهن سندس زال ايزبل چيس تہ تون اسرائيل جي بادشاهت تي هاڻي حڪم هلائين ٿو يا نہ؟ اُٿي ماني کاءُ ۽ پنهنجي دل خوش ڪر: آءٌ توکي نبوت يزرعيليءَ جو ڊاک جو منهہ ڏينديس.


۽ هامان بادشاهہ اخسويرس کي چيو تہ هڪڙي قوم آهي، جا بادشاهت جي سڀني پرڳڻن ۾ ۽ ٻين قومن ۾، گڏيل ۽ پري پري پکڙيل آهي؛ ۽ انهن جا قاعدا ٻين سڀني قومن جي قاعدن کان علحدا آهن؛ هو بادشاهہ جي قاعدن تي نٿا هلن: تنهنڪري انهن کي ائين ڇڏي ڏيڻ مان بادشاهہ کي ڪوبہ فائدو ڪونهي.


تڏهن سندس زال زرش ۽ ٻين سڀني دوستن چيس تہ پنجاهہ هٿن جي هڪڙي وڏي سوري جوڙاءِ، ۽ سڀاڻي صبح جو بادشاهہ کي چئُہ تہ مردڪئي کي اُنهيءَ تي لٽڪائي ڇڏي: پوءِ خوشيءَ سان بادشاهہ سان گڏجي مهماني تي وڃج. اها ڳالهہ هامان کي وڻي؛ ۽ هن سوري ٺهرائي.


پر جڏهن اها ڳالهہ بادشاهہ جي اڳيان پيش ٿي، تڏهن هن خطن لکڻ سان حڪم ڏيئي هن جي شرارت واري رٿ، جا يهودين جي برخلاف سٽي هئائين، سا خود سندس گردن تي موٽائي آندي؛ ۽ هن کي سندس پٽن سميت سوريءَ تي چاڙهيو.


شرارت هنن جي پيٽ ۾ آهي ۽ هو بدڪاري ڄڻين ٿا، ۽ هنن جي پيٽ ۾ ٺڳي پيئي نسري.


خوني پرهہ ڦٽيءَ جو اٿي ٿو ۽ هو غريب محتاج کي ڪهي ٿو؛ ۽ رات جي وقت هو چور وانگر آهي.


هو پنهنجي هنڌ تي ليٽي بڇڙائيءَ جون رِٿون ٿو رٿي: ۽ خراب رستي تي وڃي ٿو بيهي: ۽ برائيءَ کان نفرت نٿو ڪري.


اي خداوند تنهنجي ٻاجهہ آسمانن ۾ آهي: ۽ تنهنجي سچائي جهان ۾ پکڙيل آهي.


بدڪار پنهنجي ماءُ جي پيٽان ئي گمراهہ ٿين ٿا: اُهي ڄمندي ئي ڪوڙ ڳالهائيندا وتن.


چڱو ماڻهو خداوند جي مهرباني حاصل ڪندو: پر خراب تجويزن واري ماڻهوءَ کي هو ڏوهي ٺهرائيندو.


جي برائيءَ جي رٿ ڪن ٿا سي گمراهہ نہ آهن ڇا؟ پر رحم ۽ سچ انهن لاءِ هوندو جي چڱائيءَ جي رٿ ٿا ڪن.


جن سان ڀلائي ڪرڻ حق آهي، تن کان اُها متان روڪين، جڏهن اها تنهنجي هٿ وسيڪي آهي.


ڇالاءِ جو حرڪت ڪرڻ کان سواءِ هو سمهن نٿا؛ ۽ جيستائين هو ڪنهن کي نٿا ڪيرائين تيستائين هنن کي ننڊ نٿي اچي.


ڇالاءِ جو خوفناڪ ماڻهو نابود ٿي ويندو، ۽ ٺٺولي ڪندڙ فنا ٿي ويندو، ۽ جيڪي بدڪاري ڪرڻ لاءِ اکيون وجهيو ويٺا آهن سي تباهہ ٿي ويندا.


خداوند پنهنجي قوم جي بزرگن جي، ۽ انهن جي اميرن جي عدالت ڪندو. خداوند، لشڪرن جو خداوند، فرمائي ٿو تہ اهي اوهين آهيو جن ڊاک جو منهہ کائي چٽ ڪري ڇڏيو آهي؛ غريبن جو لٽ جو مال اوهان جن گهرن ۾ آهي:


اناڙيءَ جا هٿيار بہ بڇڙا آهن: هو بڇڙائيءَ جون رٿون ٿو رٿي، تہ جڏهن محتاج سچ ڳالهائي، تڏهن بہ ڪوڙين ڳالهين سان کيس برباد ڪري.


افسوس انهن تي جي گهر سان گهر ٿا ملائين ۽ ٻنيءَ سان ٻني، تان جو ڪابہ جاءِ نٿي بچي، تہ هو ملڪ ۾ اڪيلا رهن:


ڇالاءِ جو اوهان جا هٿ رت سان، ۽ اوهان جون آڱريون بدڪاريءَ سان ڀريل آهن؛ اوهان جي چپن ڪوڙ ڳالهايا آهن، ۽ اوهان جي زبان شرارت جون ڳالهيون ڪيون آهن.


تڏهن هنن چيو تہ اچو تہ يرمياہ جي برخلاف ڪي منصوبا ٺاهيون؛ ڇالاءِ جو شريعت ڪاهنن وٽان ٽري نہ ويندي، نہ صلاح مصلحت ڏاهي وٽان، ۽ نہ ڪلام نبيءَ وٽان. اچو تہ هن کي زبان سان ڌڪ هڻون، ۽ هن جي ڪنهن بہ ڳالهہ تي ڌيان نہ ڏيون.


۽ هن مون کي چيو تہ اي آدمزاد، هي اُهي ماڻهو آهن جي بدڪاريءَ جون رٿون ٿا رٿين، ۽ هن شهر ۾ خراب صلاح مصلحت ٿا ڏين:


اوهين پنهنجي ترار تي بيهو ٿا، اوهين ڪراهت جهڙا ڪم ڪريو ٿا، ۽ اوهان مان هرڪو پنهنجي پاڙيسريءَ جي زال کي خراب ڪري ٿو: پوءِ بہ اوهين انهي زمين جا مالڪ ٿيندا ڇا؟


خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ انهي ڏينهن هيئن ٿيندو، تہ ڪي ڳالهيون تنهنجي دل ۾ اينديون، ۽ تون هڪڙي خراب رٿ رٿيندين.


تنهن کانسواءِ بادشاهہ رعيت جو ورثو نہ وٺندو، جنهنڪري هو پنهنجي موروثي ملڪيت کان خارج ٿي وڃن؛ هو پنهنجن پٽن کي خود پنهنجي ملڪيت مان ورثو ڏيندو: انهي لاءِ تہ منهنجي قوم مان ڪوبہ ماڻهو پنهنجي موروثي ملڪيت کان خارج ٿي نڪري نہ وڃي.


اُن جا دولتمند ماڻهو ظلم سان ڀريل آهن، ان جي رهاڪن ڪوڙ ڳالهايا آهن، ۽ انهن جي زبان سندن وات ۾ دغاباز آهي.


تو مان هڪڙو نڪتو آهي، جنهن خداوند جي برخلاف برو منصوبو ٻڌو آهي، ۽ شرارت جي رٿ ڪئي اٿس.


۽ بيوهہ زال، ۽ يتيم، ۽ مسافر، ۽ مسڪين تي ظلم نہ ڪريو؛ ۽ اوهان مان ڪوبہ پنهنجي ڀاءُ جي برخلاف دل ۾ برو خيال نہ رکي.


۽ سردار ڪاهنن صبح ٿيڻ شرط بزرگن ۽ فقيهن ۽ سڄي صدر مجلس سان صلاح مشورت ڪئي، ۽ يسوع کي ٻَڌي وٺي ويا، ۽ پلاطس جي حوالي ڪيائونس.


۽ اوڏيءَ ئي مهل فقيهن ۽ سردار ڪاهنن ڪوشش ڪئي تہ جهليونس، ڇالاءِ جو اُنهن سهي ڪيو تہ هن هيءُ مثال اسان تي آندو آهي؛ پر ماڻهن کان ڊنا ٿي.


يسوع جواب ڏنس تہ جيڪڏهن توکي اُها مٿان نہ ملي ها، تہ تنهنجي مون تي ڪابہ اختياري ڪانہ هلي ها، تنهنڪري جنهن مون کي تنهنجي حوالي ڪيو آهي، تنهن تي زيادہ گناهہ آهي.


۽ جڏهن ڏينهن ٿيو، تڏهن يهودين پاڻ ۾ ٻَڌي ڪئي ۽ لعنت وجهي چيائون، تہ جيسين پولس کي ماري نہ وجهنداسين، تيسين نڪي کائينداسين، نڪي پيئنداسين.


تنهنڪري هاڻي اوهين صدر مجلس وارن سان گڏجي پلٽڻ جي سردار کي چئو تہ هن کي اوهان وٽ وٺي اچي، ڄڻ تہ اوهان جي مرضي آهي تہ سندس معاملي جي اڃا بہ وڌيڪ تپاس ڪريو؛ ۽ اڃا هو پهچندو ئي ڪين تہ اسين ماري وجهنداسونس.


گلاخور، خدا جي نظر ۾ نفرتي، بي ادب، مغرور، ٻٽاڪي، خراب ڳالهيون بنائيندڙ، ماءُ پيءُ جا نافرمان،


تنهنجا پٽ ۽ تنهنجون ڌيون ٻين ماڻهن کي ڏنيون وينديون، ۽ تنهنجون اکيون پيون نهارينديون، ۽ سارو ڏينهن انهن جو انتظار ڪندي رهجي وينديون: ۽ تنهنجو ڪوبہ وس ڪونہ پڄندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ