Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ميڪاہ 1:7 - Sindhi Bible

7 ۽ ان جون سڀ اُڪريل مورتون ڀڃي پرزا پرزا ڪيون وينديون ۽ اُن جون سڀ انعامي شيون باهہ ۾ ساڙيون وينديون، ۽ ان جا سڀ بُت آءٌ ويران ڪري ڇڏيندس: ڇالاءِ جو هن ڪڃريءَ جي ڀاڙي مان اهي سڀ گڏ ڪيا آهن، ۽ اُهي موٽي بہ ڪڃريءَ جي انعام لاءِ ويندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 آءٌ سامريہ جي قيمتي بتن کي ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيندس. هائو، انهيءَ جي سڀني بتن کي ڀڃي ڍير ڪيو ويندو، ۽ انهيءَ جي پوڄا گھرن جي ڪڃرين کي ڏنل هر شيءِ ساڙي رک ڪئي ويندي. سامريہ وارن پوڄا گھرن جي ڪڃرين جي اجرت مان جيڪي سون ۽ چاندي گڏ ڪيا آهن، سي سڀيئي ڌاريا ماڻهو کڻي ٻين ڪڃرين کي اجرت طور ڏيڻ ۾ استعمال ڪندا.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ميڪاہ 1:7
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هاڻي جڏهن سڀ ڪم پورو ٿيو، تڏهن جي اسرائيلي حاضر هئا، سي نڪري يهوداہ جي شهرن ڏي ويا، ۽ ٿنڀ ڀڃي پرزا پرزا ڪري ڇڏيائون، ۽ يسيرتن کي وڍي ڪيرائي ڇڏيائون، ۽ مٿانهيون جايون ۽ قربانگاهون ساري يهوداہ ۽ بنيمين مان، بلڪ افرائيم ۽ منسي مان بہ، ڀڃي ڇڏيائون، ۽ اهي سڀيئي چٽ ڪري ڇڏيائون. تنهن کانپوءِ سڀ بني اسرائيل موٽي پنهنجي پنهنجي ملڪيت تي پنهنجن پنهنجن شهرن ۾ آيا.


۽ ستر سالن جي پوري ٿيڻ کان پوءِ هيئن ٿيندو تہ خداوند صور جي خبر لهڻ ايندو، ۽ هوءَ پنهنجي خرچي ڪڍڻ لاءِ موٽندي، ۽ زمين جي سطح تي جيڪي دنيا جون بادشاهتون آهن تن سڀني سان هوءَ زناڪاري ڪندي.


انهي جي ڪري يعقوب جي خطا ميٽجي ويندي، ۽ اهو سڀ هن جي گناهہ ميٽجڻ جو نتيجو آهي: جڏهن هو قربانگاهہ جا سڀ پٿر چن جي نرم ڳنڍن جهڙا ٿو ڪري، جي ڀڄي ڀري ٿا وڃن، تڏهن اتي يسيرتون ۽ سج جون مورتون وري قائم نہ ٿينديون.


اوهانجن سڀني رهڻ وارن هنڌن جا شهر ويران ڪيا ويندا، ۽ مٿانهان مڪان سڃا ڪيا ويندا؛ تہ اوهانجون قربانگاهون ويران ۽ سُڃيون ٿي وڃن، ۽ اوهان جا بُت ڀڄي پون ۽ نابود ٿي وڃن، ۽ اوهان جون سج جون مورتون وڍجي ڪِري پون، ۽ اوهان جي ڪاريگريءَ جا ڪم ناس ٿي وڃن.


۽ آءٌ هن جون ڊاکون، ۽ هن جا انجير جا وڻ برباد ڪري ڇڏيندس، جنهن جي نسبت ۾ هن چيو آهي تہ اهي منهنجن سينڌن جي ڏنل خرچي آهن: ۽ آءٌ انهن کي ٻيلو ڪري ڇڏيندس، ۽ جهنگ جا مرون اُنهن کي پيا کائيندا.


تنهنڪري ڏس، آءٌ هن کي ڌتاري بيابان ۾ آڻيندس، ۽ دلاسو ڏيئي ساڻس ڳالهائيندس.


ڇالاءِ جو هنن جي ماءُ ڪڃري ٿي گذاريو آهي: جنهن جي پيٽ ۾ هو هئا، تنهن خواريءَ جهڙو ڪم ڪيو آهي: ڇالاءِ جو هن چيو تہ آءٌ پنهنجن يارن جي پٺيان وينديس، جي مون کي ماني ۽ پاڻي، اُن ۽ سڻي، تيل ۽ شراب ٿا ڏين.


اي سامريہ، هنن تنهنجو گابو اُڇلائي ڇڏيو آهي. منهنجي ڪاوڙ هنن تي ڀڙڪي آهي: هو ڪيستائين گناهہ کان پاڪ نہ ٿيندا


ڇالاءِ جو هي بہ اسرائيل کان آهي؛ ڪاريگر انهي کي جوڙيو آهي، ۽ اُهو خدا ناهي: هائو، سامريہ جو گابو ڀڃي پرزا پرزا ڪيو ويندو.


۽ هنن منهنجي قوم لاءِ ڪُڻا وڌا آهن: ۽ هڪ ڪڃري لاءِ هڪ ڇوڪر ڏنو اٿن، ۽ شراب پيئڻ جي لاءِ ڇوڪري وڪڻي اٿن.


۽ آءٌ اوهان جون مٿانهيون جايون ڊاهي ڇڏيندس، ۽ اوهان جون سج جون مورتون وڍي ڇڏيندس، ۽ اوهان جا لاش اوهان جي معبودن جي لاشن تي اُڇلائيندس؛ ۽ منهنجو روح اوهان کان نفرت ڪندو.


تون ڪنهن ڪسبياڻيءَ جي يا لونڊي جي ڪمائيءَ مان نذرانو ڪري، خداوند پنهنجي خدا جي گهر ۾ متان آڻين: ڇالاءِ جو انهن ٻنهي کان خداوند تنهنجي خدا کي نفرت آهي.


۽ مون اوهان جو گناهہ، يعني جيڪو گابو اوهان جوڙيو هو، تنهن کي کڻي باهہ ۾ ساڙي ڇڏيو، ۽ انهي کي ڪُٽي پيهي، ڌوڙ جهڙو سنهو ڪيم: ۽ انهي جي رک مون انهيءَ نهر ۾ کڻي اُڇلائي جا جبل مان ٿي نڪتي.


ڇالاءِ جو هن جي ناپاڪائيءَ جي شراب جي ڪري سڀ قومون مست ٿي پيون آهن؛ ۽ زمين جي بادشاهن انهي سان زناڪاري ڪئي، ۽ دنيا جا سوداگر انهي جي عيش عشرت جي گهڻائيءَ ڪري دولتمند ٿي پيا.


۽ جن زمين جي بادشاهن ساڻس زناڪاري ۽ عيش عشرت ڪئي، سي جڏهن هن جي سڙڻ جو دونهون ڏسندا، تڏهن سندس لاءِ روئندا ۽ پِٽيندا.


۽ جڏهن وري ٻئي ڏينهن صبح جو سوير اُٿيا تڏهن ڏسن تہ دجون خداوند جي صندوق اڳيان منهن ڀر زمين تي ڪريو پيو آهي؛ ۽ دجون جي سسي ۽ سندس هٿن جون ٻئي تريون در جي چانئٺ تي وڍيون پيون آهن؛ رڳو دجون جو ڌڙ باقي بچيل هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ