Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ميڪاہ 1:3 - Sindhi Bible

3 ڇالاءِ جو ڏس، خداوند پنهنجي جاءِ تان نڪري اچي ٿو، ۽ هيٺ اچي زمين جي مٿانهن مڪانن کي لتاڙيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 ڏسو، خداوند پنهنجي انهيءَ جاءِ مان نڪري هيٺ اچي ٽڪر تي ٺهيل پوڄا گھرن کي پنهنجي پيرن هيٺان لتاڙي ڇڏيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ميڪاہ 1:3
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪو مغرور آهي تنهن ڏي نظر ڪر ۽ انهيءَ کي لاهي هيٺ ڪر؛ ۽ جتي شرير بيٺا آهن اُتي هنن کي لتاڙي ڇڏ.


اسان جو خدا آسمان ۾ آهي: هن کي جيڪي وڻيو سو سڀ ڪيائين.


ڇالاءِ جو هن جبل تي خداوند جو هٿ رهندو، ۽ موآب پنهنجي جاءِ تي ائين لتاڙيو ويندو، جيئن ڪک لتاڙبا آهن.


ڇالاءِ جو، ڏس، خداوند پنهنجي مڪان مان زمين جي رهاڪن کي سندن بدڪاريءَ جي سزا ڏيڻ لاءِ اچي ٿو: زمين بہ اُنهي رت کي ظاهر ڪندي جو منجهس آهي، ۽ جيڪي مٿس قتل ٿيا آهن تن کي نہ لڪائيندي.


تڏهن روح مون کي مٿي کنيو ۽ مون پنهنجي پٺيان هڪڙو وڏو سٽڪي جهڙو آواز ٻڌو، جنهن چيو تہ شل خداوند جو جلال پنهنجي جاءِ تي مبارڪ هجي.


ڇالاءِ جو ڏس، جيڪو جبل جوڙي ٿو، ۽ واءُ پيدا ڪري ٿو، ۽ ماڻهوءَ کي سندس دل جي ڳالهہ ٻڌائي ٿو، جو صبح کي ڦيرائي اونداهي ڪري ٿو، ۽ زمين جي مٿانهين جاين تي هلي ٿو؛ خداوند، لشڪرن جو خدا انهي جو نالو آهي.


ڇالاءِ جو خداوند، لشڪرن جو خدا، زمين کي ڇُهي ٿو ۽ اُها پگهرجي ٿي وڃي، ۽ اُها نديءَ وانگي اُٿلي مٿي چڙهي ٿي ۽ وري مصر جي نديءَ وانگي هيٺ لهي ٿي وڃي، ۽ جيڪي انهيءَ تي رهن ٿا، سي سڀ ماتم ڪندا.


يهوواہ، خداوند منهنجي طاقت آهي؛ اُهو منهنجا پير هرڻي جي پيرن جهڙا ٿو ڪري، ۽ مون کي منهنجين مٿانهين جاين تي هلائيندو.


۽ انهيءَ ڏينهن هو زيتون جي جبل تي، جو يروشلم جي اڳيان اڀرندي ڏانهن آهي، ان تي اُٿي بيهندو، ۽ زيتون جو جبل وچ مان ڦاٽي پوندو، ۽ انهيءَ ۾ اُڀرندي کان اُلهندي تائين هڪڙي وڏي وادي ٿي پوندي، ڇو جو اڌ جبل اُتر ڏانهن ۽ اڌ ڏکڻ ڏانهن کڄي ويندو.


هن انهي کي زمين جي مٿانهين جاين تي سوار ڪيو، ۽ هن انهيءَ زمين جي پيداوار کاڌي، ۽ هن انهي کي ٽڪريءَ مان ماکي، ۽ چقمق جي جبل مان تيل چوسايو؛


اي اسرائيل، تون مبارڪ آهين: خداوند توکي بچايو آهي، تو جهڙي ٻي ڪهڙي قوم آهي، خداوند تنهنجي مدد جي ڍال، ۽ تنهنجيءَ وڏائيءَ جي ترار آهي! تنهنجا دشمن اچي تو وٽ پيش پوندا؛ ۽ تون اُنهن جا مٿانهان مڪان لتاڙي ڇڏيندين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ