Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ميڪاہ 1:13 - Sindhi Bible

13 اي لڪيس جا رهاڪو، تکي گهوڙي جي گاڏي تيار ڪريو. تو شروع کان صيون کي گناهہ ڪرايو، ڇالاءِ جو اسرائيل جا قصور بہ تو ۾ لڌا ويا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

13 اي لڪيس شهر جا رهاڪؤ! اوهين جنگي گھوڙي گاڏيون تيار ڪري ڀڄي وڃو. شروعات ۾ اوهان اسرائيل وارن جا گناهہ ڏسي ڪري يروشلم وارن کي بہ گمراهہ ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ميڪاہ 1:13
27 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن هو کين ٻاهر ڪڍي آيا، تڏهن چيائينس تہ هاڻي پنهنجو ساهہ بچائي اٿي ڀڄ؛ پنهنجي پٺيان اصل نہ نهارج، نڪي هن ساري ميدان ۾ ڪٿي ترسج؛ پر جبل ڏانهن ڀڄي وڃ، متان تون بہ برباد ٿين.


۽ جيڪي گناهہ يربعام ڪيا آهن، ۽ جيڪي هن اسرائيل کان ڪرايا آهن، تن جي ڪري خداوند اسرائيل کي ڇڏي ڏيندو.


۽ هيئن ٿيو تہ ڄڻ يربعام بن نباط جي گناهن تي هلڻ هن کي هلڪي ڳالهہ نظر ٿي آئي، جو هن صيدونين جي بادشاهہ اتبعل جي ڌيءَ ايزبل سان شادي ڪئي، ۽ وڃي بعل جي خدمت ڪيائين، ۽ اُنهيءَ کي سجدو ڪيائين.


انهن مان هرهڪ پنهنجي مليل حڪم موجب گهوڙن ۽ تکن وهٽن جي لاءِ، جَوَ ۽ گاهہ بہ، انهيءَ هنڌ ٿي آندو، جتي اُهي هوندا هئا.


۽ ماڻهن يروشلم ۾ هن جي برخلاف منصوبو ڪيو؛ ۽ هو لڪيس ڏانهن اُٿي ڀڳو: پر هنن انهيءَ جي پٺيان لڪيس ڏانهن ماڻهو موڪليا، جن اُتي وڃي قتل ڪيس.


پوءِ اسور جي بادشاهہ ترتان، ۽ رب سارس ۽ ربشاقيءَ کي لڪيس مان وڏو لشڪر ساڻ ڏيئي بادشاهہ حزقياہ ڏانهن يروشلم ۾ موڪليو. ۽ هو روانا ٿيا ۽ يروشلم ۾ آيا. ۽ جڏهن هو اُتي پهتا تڏهن مٿين ڍنڍ، جا ڌوٻي گهاٽ جي شاهي رستي تي آهي، تنهن جي موريءَ تي اچي بيهي رهيا.


۽ هو اسرائيل جي بادشاهن جي رستي تي هليو، جيئن ڪ اخي آب جو گهراڻو هليو هو: ڇالاءِ جو اخي آب جي ڌيءَ هن جي زال هئي: ۽ هن اُهي ڪم ڪيا جي خداوند جي نظر ۾ خراب هئا.


۽ ادوريم، ۽ لڪيس، ۽ عزيقہ،


تنهن کانپوءِ اسور جي بادشاهہ سنحيرب پنهنجا نوڪر يروشلم ڏي موڪليا (هاڻي لڪيس جي سامهون هو ۽ سندس سارو لشڪر ساڻس هو،) ۽ يهوداہ جي بادشاهہ حزقياہ ۽ ساري يهوداہ جا ماڻهو جي يروشلم ۾ هئا، تن ڏي چوائي موڪليائين،


تون ڪو جهنگلي ڏاند کي رسي کان وٺي کيڙيءَ ۾ هلائي سگهندين ڇا؟ يا هو تنهنجي پٺيان وادين ۾ ڏانداري هلائيندو ڇا؟


۽ موسيٰ هارون کي چيو تہ هنن ماڻهن تو سان ڇا ڪيو جو تو ههڙو گناهہ هنن جي مٿان آندو آهي؟


مدمينہ ڀڳو وتي: جيبيم جا رهاڪو ڀڄڻ لاءِ پيا گڏ ٿين.


۽ اسور جي بادشاهہ، ربشاقيءَ کي لڪيس مان هڪڙي وڏي لشڪر سان، حزقياہ بادشاهہ وٽ يروشلم ڏانهن موڪليو، ۽ هو ميٽ جي کاڻ واري شاهي رستي تي مٿئين تلاءَ جي موريءَ وٽ اچي بيٺو.


تڏهن ربشاقي موٽي ويو، ۽ اسور جي بادشاهہ کي لبناہ سان وڙهندو ڏٺائين: ڇالاءِ جو هن ٻڌو هو تہ هو لڪيس مان هليو ويو آهي.


۽ جڏهن هن ڏٺو تہ بي وفا اسرائيل جي زنا ڪرڻ تي مون هن کي ڪڍي ڇڏيو هو ۽ طلاق نامو ڏنو هومانس، انهي هوندي بہ سندس ڀيڻ دغاباز يهوداہ ڊني ڪين؛ پر پاڻ بہ وڃي ڪسب ڪرڻ لڳي.


تڏهن بابل جي بادشاهہ جو لشڪر يروشلم سان ۽ يهوداہ جي باقي رهيل سڀني شهرن سان، يعني لڪيس ۽ عزيقہ سان وڙهيو؛ ڇالاءِ جو يهوداہ جي شهرن مان فقط اِهي ڪوٽن وارا شهر باقي وڃي بچيا هئا.


سڄو شهر گهوڙيسوارن ۽ ڪماندارن جي هل کان ڀڄي ٿو وڃي؛ هو گهاٽن جهنگن ۾ گهڙي ٿا وڃن، ۽ ٽڪرن تي چڙهي ٿا وڃن: سڀڪو شهر ڇڏي ڏنو ويو آهي، ۽ هڪڙو بہ ماڻهو اُنهي ۾ نٿو رهي.


۽ سندس ڀيڻ اهوليبہ اهو حال ڏٺو، پر اُها هن کان بہ وڌيڪ پنهنجي عشقبازيءَ ۾ خراب هئي، ۽ پنهنجين زناڪارين ۾ بہ، جي سندس ڀيڻ جي زناڪارين کان وڌيڪ هيون.


ڇالاءِ جو اهو سڀ يعقوب جي قصور ۽ اسرائيل جي گهراڻي جي گناهن ڪري آهي. يعقوب جو قصور ڪهڙو آهي؟ اهو سامريہ ناهي ڇا؟ ۽ يهوداہ جا مٿانهان مڪان ڇا آهن؟ اُهي يروشلم ناهن ڇا؟


تنهنڪري يروشلم جي بادشاهہ ادوني صدق حبرون جي بادشاهہ هوهام کي، ۽ يرموت جي بادشاهہ پيرام کي، ۽ لڪيس جي بادشاهہ يافيع کي، ۽ عجلون جي بادشاهہ دبير کي چوائي موڪليو تہ


پر مون کي تنهنجي برخلاف ڪي ٿوريون ڳالهيون چوڻيون آهن، ڇالاءِ جو تو وٽ ڪي اهڙا ماڻهو آهن جي بلعام جي تعليم تي ٿا هلن، جنهن بلق کي سيکاريو تہ بني اسرائيل جي واٽ ۾ ٿاٻي کائڻ جهڙي شيءِ رکي، تہ هو بُتن جي قربانيءَ جون شيون کائين ۽ زنا ڪن.


پر تنهنجي برخلاف مون کي هي چوڻو آهي تہ اها زال ازبيل، جا پاڻ کي نبياڻي ٿي سڏائي، تنهن جي تون برداشت ٿو ڪرين؛ ۽ اها منهنجن ٻانهن کي زنا ڪرڻ، ۽ بُتن جي قربانيءَ جي شين کائڻ جي تعليم ڏيئي گمراهہ ٿي ڪري.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ