Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 9:9 - Sindhi Bible

9 ۽ جڏهن يسوع اُتان اڳتي هليو، تڏهن متي نالي هڪڙو ماڻهو اڪٽ تي ويٺل ڏٺائين: ۽ هن کي چيائين تہ منهنجي پٺيان اچ؛ ۽ هو اُٿي سندس پٺيان هليو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

9 يسوع اتان روانو ٿيو ۽ رستي سان هلندي هن متيءَ نالي هڪ شخص کي پنهنجي ٽيڪس اُڳاڙڻ واري اڏي تي ويٺل ڏٺو. يسوع هن کي سڏي چيو تہ ”منهنجي پٺيان هل.“ تنهن تي متي اٿيو ۽ سندس پٺيان هلڻ لڳو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 عيسيٰ اتان روانو ٿيو ۽ رستي سان هلندي هن متيءَ نالي هڪ شخص کي پنهنجي ٽيڪس اُڳاڙڻ واري اڏي تي ويٺل ڏٺو. عيسيٰ هن کي سڏي چيو تہ ”منهنجي پٺيان هل.“ تنهن تي متي اٿيو ۽ سندس پٺيان هلڻ لڳو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

9 عيسيٰ اتان روانو ٿيو ۽ رستي سان ھلندي ھن متيءَ نالي ھڪ شخص کي پنھنجي محصولي اڏي تي ويٺل ڏٺو. عيسيٰ ھن کي سڏي چيو تہ ”منھنجي پٺيان ھل.“ تنھن تي متي اٿيو ۽ سندس پٺيان ھلڻ لڳو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 9:9
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هاڻي بادشاهہ کي معلوم هجي، تہ جيڪڏهن اهو شهر جڙندو ۽ ڀتيون پوريون ٿينديون، تہ هو ڍل، محصول، يا چونگي نہ ڏيندا، ۽ نيٺ بادشاهن کي نقصان پوندو.


فلپس، ۽ برتلمئي، توما، ۽ متي محصولي ٺيڪيدار؛ حلفيءَ جو پٽ يعقوب، ۽ ٿدئي،


۽ انهن کي چيائين تہ اوهين بہ ڊاک جي باغ ۾ وڃو، ۽ جيڪي حق هوندو سو آئون اوهان کي ڏيندس، ۽ اُهي ويا.


پر يسوع چيس تہ منهنجي پٺيان اچ؛ ڀلي تہ مردا پنهنجن مردن کي دفن ڪن.


پوءِ هيئن ٿيو جو جڏهن هن گهر ۾ ماني ويٺي کاڌي، تڏهن ڏسو، گهڻا محصولي ٺيڪيدار ۽ گنهگار اچي يسوع ۽ سندس شاگردن سان گڏ ويٺا.


۽ اندرياس، ۽ فلپس، ۽ برتلمئي، ۽ متي، ۽ توما، ۽ حلفيءَ جو پٽ يعقوب، ۽ ٿدي، ۽ شمعون ڪنعاني،


۽ متي ۽ ٿوما، حلفيءَ جو پٽ يعقوب ۽ شمعون جنهن کي زيلوتيس ڪري سڏيندا هئا،


۽ جڏهن اتي پهتا، تڏهن اُنهيءَ ماڙيءَ تي چڙهي ويا، جتي پطرس، ۽ يوحنا، ۽ يعقوب، ۽ اندرياس، ۽ فلپس، ۽ توما، ۽ برتلمئي، ۽ متي، ۽ حلفي جو پٽ يعقوب، ۽ شمعون زلوتيس، ۽ يعقوب جو پٽ يهودا، اهي سڀيئي رهندا هئا.


تہ پنهنجي فرزند کي مون ۾ ظاهر ڪري، تہ آئون غير قومن ۾ انهي جي پڌرائي ڪريان، تڏهن مون ڪنهن انسان کان صلاح نہ ورتي:


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ