Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 9:8 - Sindhi Bible

8 پر جڏهن خلق هيءُ حال ڏٺو، تڏهن سڀ ڊڄي ويا، ۽ خدا جي وڏائي ڪرڻ لڳا، جنهن انسان کي اهڙي طاقت ڏني آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

8 جڏهن ماڻهن هي ڏٺو تہ ڊڄي ويا ۽ ايشور جي مهما ڪرڻ لڳا تہ هُن انسان کي ڪيڏي نہ اختياري بخشي آهي!

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 جڏهن ماڻهن هي ڏٺو تہ ڊڄي ويا ۽ خدا جي واکاڻ ڪرڻ لڳا تہ هُن انسان کي ڪيڏي نہ اختياري بخشي آهي!

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

8 جڏھن ماڻھن ھي ڏٺو تہ عجب ۾ پئجي ويا ۽ خدا جي واکاڻ ڪرڻ لڳا تہ انسان کي ھن ڪيڏي نہ طاقت ڏني آھي!

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 9:8
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ ساري خلق حيران ٿي ويئي ۽ چوڻ لڳي، تہ ڇا هي دائود جو پٽ آهي؟


ايتري قدر جو جڏهن ماڻهن گونگن کي ڳالهائيندو، ۽ ٽُنڊن کي سڄو ٿيندو، ۽ منڊن کي هلندو، ۽ انڌن کي ڏسندو ڏٺو، تڏهن عجب لڳي وين، ۽ هو اسرائيل جي خدا جي وڏائي ڪرڻ لڳا.


۽ يسوع وٽن اچي ساڻن ڳالهايو ۽ چيائين تہ آسمان ۽ زمين تي سڀ اختياري مون کي ڏني ويئي آهي.


ساڳيءَ طرح اوهان جي روشني بہ ماڻهن اڳيان چمڪي، تہ اهي اوهان جا چڱا ڪم ڏسي، اوهان جو پيءُ جو آسمان ۾ آهي تنهن جي وڏائي ڪن.


۽ هو اُٿيو ۽ هڪدم پنهنجو کٽولو کڻي انهن سڀني جي اڳيان هليو ويو؛ ۽ انهي تي سڀيئي حيرت ۾ پئجي ويا، ۽ خدا جي وڏائي ڪري چوڻ لڳا تہ اسان ههڙو عجب رنگ ڪڏهن ڪونہ ڏٺو.


۽ هنن کي بيحد عجب لڳو، ۽ چوڻ لڳا تہ هن سڀ جيڪي ڪيو آهي سو چڱو آهي: بلڪ هو ٻوڙن کي ٻڌڻ جي، ۽ گونگن کي ڳالهائڻ جي بہ طاقت ٿو ڏئي.


۽ مٿس هٿ رکيائين، تہ اُمالڪ سنئين ٿي پيئي، ۽ خدا جي وڏائي ڪرڻ لڳي.


پوءِ اُنهن مان هڪڙي جڏهن ڏٺو تہ آئون چڱو ڀلو ٿيو آهيان، تڏهن وڏي آواز سان خدا جي تعريف ڪندو موٽي آيو،


ڇا، هن ڌارئي بنا ڪوبہ ڪونہ موٽيو، جو اچي خدا جي تعريف ڪري؟


۽ يڪدم هو ڏسڻ وائسڻ لڳو، ۽ خدا جي وڏائي ڪندو هن جي پٺيان هلڻ لڳو: ۽ سڀيئي ماڻهو هي ڏسي خدا جي تعريف ڪرڻ لڳا.


۽ ريڍار سڀ ڪجهہ، جيئن کين چيو ويو هو، تيئن ڏسي خدا جي وڏائي ۽ واکاڻ ڪندا موٽي ويا.


۽ هي جيڪي ٿيو، سو صوبيدار ڏسي خدا جي تعريف ڪري چوڻ لڳو تہ بيشڪ هيءُ ماڻهو راستباز هو.


۽ سڀني کي ڊپ وٺي ويو، ۽ خدا جي وڏائي ڪري چوڻ لڳا تہ اسان ۾ هڪڙو وڏو نبي جاڳيو آهي: ۽ خدا پنهنجي اُمت تي نظر ڪئي آهي.


هن ڳالهہ ۾ منهنجي پيءُ جو جلال ظاهر ٿو ٿئي، تہ اوهين گهڻو ڦل پيدا ڪريو؛ پوءِ اوهين منهنجا شاگرد ٿيندا.


۽ جڏهن هنن اهي ڳالهيون ٻُڌيون، تڏهن کڻي ماٺ ڪيائون ۽ خدا جي تعريف ڪري چيائون تہ تڏهن خدا غير قومن کي بہ زندگيءَ جي لاءِ توبهہ جي توفيق بخشي آهي.


۽ جڏهن انهن اهو ٻُڌو، تڏهن خدا جي تعريف ڪرڻ لڳا، ۽ چيائونس، تہ ادا، توکي خبر آهي تہ يهودين منجهان ڪيترائي هزار آهن جن ايمان آندو آهي؛ ۽ اهي سڀ شريعت بابت ڏاڍا جوشيلا آهن:


۽ هنن وري بہ دڙڪا ڏيئي ڇڏي ڏنن؛ ڇالاءِ جو ماڻهن جي سببان کين سُجهيو ئي ڪين ٿي تہ ڪهڙيءَ طرح سزا ڏيون؛ جو جيڪي ٿي گذريو هو، تنهن جي ڪري سڀني ماڻهن خدا جي وڏائي پئي ڪئي.


انهيءَ خدمت سان اوهان جي آزمائش ٿي ٿئي، تہ ڪيئن اوهين مسيح جي خوشخبري قبول ڪري تابعداري ٿا ڏيکاريو، ۽ هنن کي ۽ سڀني کي مدد ڏيئي سخاوت ٿا ڪريو، تنهنڪري هو خدا جي وڏائي ظاهر ٿا ڪن.


۽ اُهي منهنجي سبب خدا جي وڏائي ظاهر ڪندا هئا.


۽ غير قومن ۾ پنهنجي هلت چلت چڱي رکو، تہ جن ڳالهين ڪري هو اوهان کي بدڪار ڄاڻي اوهان جي گلا ٿا ڪن، تن ۾ اوهان جا چڱا ڪم ڏسي عدالت جي ڏينهن خدا جي وڏائي ظاهر ڪن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ