Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 8:9 - Sindhi Bible

9 ڇالاءِ جو آئون بہ ٻئي جي هٿ هيٺ آهيان، ۽ خود منهنجي هٿ هيٺ سپاهي آهن: ۽ آئون هڪڙي کي چوان تہ وڃ، تہ وڃي ٿو، ۽ ٻئي کي چوان تہ اچ تہ اچي ٿو. ۽ پنهنجي نوڪر کي چوان تہ هي ڪر تہ ڪري ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

9 ڏسو، آءٌ بہ ڪنهن ٻئي جي حڪم هيٺ آهيان ۽ منهنجي هيٺان پڻ سپاهي آهن، سو جيڪڏهن ڪنهن کي چوان ’وڃ،‘ تہ هو ويندو ۽ ڪنهن کي چوان ’اچ،‘ تہ هو ايندو ۽ جي پنهنجي نوڪر کي چوان تہ ’هي ڪم ڪر،‘ تہ هو ڪندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 ڏسو، آءٌ بہ ڪنهن ٻئي جي حڪم هيٺ آهيان ۽ منهنجي هيٺان پڻ سپاهي آهن، سو جيڪڏهن ڪنهن کي چوان ’وڃ،‘ تہ هو ويندو ۽ ڪنهن کي چوان ’اچ،‘ تہ هو ايندو ۽ جي پنهنجي نوڪر کي چوان تہ ’هي ڪم ڪر،‘ تہ هو ڪندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

9 آءٌ ٻين جو زيردست آھيان ۽ منھنجي ھيٺان بہ سپاھي آھن. جيڪڏھن ڪنھن کي چوان ’وڃ،‘ تہ ھو ويندو ۽ ڪنھن کي چوان ’اچ،‘ تہ ھو ايندو ۽ جي نوڪر کي چوان تہ ’ھي ڪم ڪر،‘ تہ ھو ڪندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 8:9
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اهي تنهنجي حڪم موجب اڄوڪي ڏينهن تائين قائم آهن؛ ڇو جو سڀ شيون تنهنجيءَ خدمت لاءِ آهن.


باهہ ۽ ڳڙا، برف ۽ بخارا؛ ۽ واچوڙا جي هن جي ڪلام تي عمل ٿا ڪريو؛


جڏهن يسوع هي ٻڌو تڏهن عجب لڳس، ۽ جيڪي پٺيان ٿي آيس تن کي چيائين تہ آئون اوهان کي سچ ٿو چوان، تہ هيڏو ايمان مون ڪونہ ڏٺو آهي، بلڪ اسرائيل ۾ بہ نہ.


پوءِ صوبيدار ورندي ڏيئي چيو تہ اي خداوند، آئون انهيءَ لائق نہ آهيان تہ تون منهنجي پکي هيٺ اچين، پر تون رڳو واتان کڻي ڪلام ڪڍ، تہ منهنجو نوڪر ڇُٽي چڱو ڀلو ٿي پوندو.


تنهن تي اُهي سڀيئي حيران ٿي ويا، ايتري قدر جو پاڻ ۾ پڇڻ لڳا تہ هي ڇا آهي؟ هيءَ نئين تعليم آهي! هو ڀوتن تي بہ اختياريءَ سان حڪم ٿو هلائي، ۽ اُهي کيس مڃين ٿا.


تڏهن هو اُنهيءَ وٽ اچي بيٺو، ۽ تپ کي جهڻڪيائين، تہ تپ ڇڏي ويس، ۽ هوءَ اُمالڪ اُٿي کڙي ٿي، ۽ سندن خدمت ڪرڻ لڳي.


ڇالاءِ جو آئون بہ ٻئي جي هٿ هيٺ آهيان، ۽ سپاهي منهنجي حڪم ۾ آهن، ۽ هڪڙي کي چوان تہ وڃ، تہ وڃي ٿو؛ ۽ ٻئي کي چوان تہ اچ، تہ اچي ٿو؛ ۽ پنهنجي نوڪر کي چوان تہ هي ڪر، تہ ڪري ٿو.


۽ هن پنهنجن ٻارهن شاگردن کي سڏي کين طاقت بخشي تہ هو سڀني ڀوتن تي اختياري رکن ۽ بيمارن کي شفا ڏين.


اي نوڪرو، جيڪي جسماني طور اوهان جا ڌڻي آهن، تن جو سڀني ڳالهين ۾ حڪم مڃو؛ ڏيکاءَ جي نوڪري نہ ڪريو، جيئن خوشامدڙيا ڪندا آهن، پر صاف دل ٿي خداوند کان ڊڄي نوڪري ڪريو:


نوڪرن کي نصيحت ڪر تہ پنهنجن مالڪن جا تابعدار ٿي گذارين، ۽ سڀني ڳالهين ۾ انهن کي خوش رکن، انهن جي حڪمن جي انحرافي نہ ڪن؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ