Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 8:5 - Sindhi Bible

5 ۽ جڏهن هو ڪفرناحوم ۾ آيو، تڏهن وٽس هڪڙو صوبيدار آيو، ۽ منٿ ڪري چوڻ لڳس تہ

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

5 جڏهن يسوع ڪفرناحوم شهر ۾ داخل ٿيو تہ رومي فوج جو هڪ صوبيدار وٽس آيو ۽ منٿ ڪندي چيائينس تہ

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 جڏهن عيسيٰ ڪفرناحوم شهر ۾ داخل ٿيو تہ رومي فوج جو هڪ صوبيدار وٽس آيو ۽ منٿ ڪندي چيائينس تہ

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

5 جڏھن عيسيٰ ڪفرناحوم ۾ داخل ٿيو تہ وٽس ھڪ فوجي صوبيدار آيو ۽ منٿ ڪري چيائينس تہ

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 8:5
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اي ڪفرناحوم، تون آسمان تائين چاڙهيو ويندين ڇا؟ تون هيٺ مئلن جي عالم ۾ لهي اچي پوندين، ڇالاءِ جو جيڪي معجزا تو ۾ ڪيا ويا آهن، سي جيڪڏهن سدوم ۾ ڪيا وڃن ها تہ جيڪر اڄ تائين اُهو قائم رهي ها.


هاڻي صوبيدار، ۽ ٻيا جن ساڻس گڏ يسوع تي نگهباني پئي ڪئي، تن جڏهن زلزلو ۽ ٻيو جيڪي ٿيو هو سو ڏٺو، تڏهن ڏاڍا ڊڄي ويا، ۽ چوڻ لڳا تہ سچ پچ هي خدا جو فرزند هو.


۽ ناصرت ڇڏي اچي ڪفرناحوم ۾ رهڻ لڳو، جو سمنڊ جي ڪناري تي زبولون ۽ نفتاليءَ جي حدن اندر آهي:


۽ هو هڪڙي ٻيڙيءَ ۾ چڙهي هن ڀر لنگهي پنهنجي شهر ۾ آيو.


۽ صوبيدار جو سندس سامهون اتي بيٺو هو، تنهن جڏهن ڏٺو تہ هن انهيءَ طرح ساهہ ڏنو، تڏهن چوڻ لڳو تہ سچ پچ هي ماڻهو خدا جو فرزند هو.


۽ ڪن ڏينهن کانپوءِ جڏهن وري هو ڪفرناحوم ۾ آيو، تڏهن هل پئجي ويو تہ هو گهر آيو آهي.


جڏهن چم جي وڍين سان ٻَڌي رهيس، تڏهن جو صوبيدار پاسي ۾ بيٺو هوس، تنهن کي پولس چيو تہ اهو ڪو باقاعدي ڪم ٿا ڪريو ڇا، تہ جيڪو ماڻهو رومي آهي، ۽ جنهن تي ڪو ڏوهہ ثابت ڪونہ ٿيو آهي، تنهن کي چهبڪ ٿا هڻو؟


تنهن تي پولس صوبيدارن مان هڪڙي کي پاڻ وٽ سڏي چيو، تہ هن جوان کي پلٽڻ جي سردار وٽ وٺي وڃو، جو کيس ڪجهہ چوڻو اٿس.


پوءِ ٻن صوبيدارن کي پاڻ گهُرائي چيائين تہ ٻہ سؤ سپاهي، ۽ ستر گهوڙي سوار، ۽ ٻہ سؤ نيزي بردار تيار ڪريو تہ پهر رات گذري قيصريہ ۾ وڃن.


۽ جڏهن ڏکڻ جو واءُ آهستي آهستي لڳڻ شروع ٿيو، تڏهن هنن ڀانئيو تہ هاڻ اسان جو مطلب پورو ٿيو، تنهنڪري لنگر کڻي ڪريتيءَ جو ڪنارو ڏيئي هليا.


تڏهن پولس صوبيدار ۽ سپاهين کي چيو، تہ جيڪڏهن هي جهاز تي نہ رهندا تہ اوهان جو بچڻ ڪونهي.


پر صوبيدار جي مرضي هئي تہ پولس کي بچايان، سو هنن کي انهي ارادي کان روڪيائين؛ ۽ حڪم ڏنائين تہ جيڪي تري سگهن، سي پهرين جهاز مان ٽپو ڏيئي پاڻيءَ ۾ پون ۽ ڪناري تي وڃي پهچن:


جيئن تہ لدہ يافا جي ويجهو هو، شاگردن ٻُڌو تہ پطرس اتي آهي، تڏهن ٻہ ماڻهو وٽس موڪلي منٿ ڪيائونس تہ اسان وٽ جلدي هليو اچ.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ