Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 8:4 - Sindhi Bible

4 ۽ يسوع چيس، تہ ڏس، متان ڪنهن کي ٻڌايو اٿيئي؛ پر وڃي ڪاهنن کي پاڻ ڏيکار، ۽ اُهو نذرانو جنهن جو موسيٰ حڪم ڪيو آهي، سو وڃي ڏي، تہ سندن لاءِ شاهدي ٿئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

4 پوءِ يسوع هن کي چيو تہ ”ڏس، اها ڳالهہ ڪنهن کي نہ ٻڌائجانءِ. پر سڌو وڃي ڪاهن کي پاڻ ڏيکار ۽ موسيٰ جي نيم موجب پنهنجي پوِتر ٿيڻ لاءِ ٻليدان ڪر، تہ جيئن هر ڪنهن لاءِ شاهدي ٿئي تہ تون هاڻي ڇٽي پوِتر ٿيو آهين.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 پوءِ عيسيٰ هن کي چيو تہ ”ڏس، اها ڳالهہ ڪنهن کي نہ ٻڌائجانءِ. پر سڌو وڃي ڪاهن کي پاڻ ڏيکار ۽ موسيٰ جي شريعت موجب پنهنجي پاڪ ٿيڻ لاءِ قرباني ڪر، تہ جيئن هر ڪنهن لاءِ شاهدي ٿئي تہ تون هاڻي ڇٽي پاڪ صاف ٿيو آهين.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

4 پوءِ عيسيٰ ھن کي چيو تہ ”ٻڌ، متان ڪنھن کي اھا ڳالھہ ٻڌائين. پر سڌو وڃي ڪاھن کي پاڻ ڏيکار ۽ موسيٰ جي شريعت موجب پنھنجي پاڪ ٿيڻ لاءِ قرباني ڪر، تہ جيئن ھر ڪنھن لاءِ شاھدي ٿئي تہ تون ھاڻي ڇٽي پاڪ صاف ٿيو آھين.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 8:4
31 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

خداوند کي اهو پسند آيو تہ پنهنجيءَ راستبازيءَ جي خاطر شريعت جو اقبال وڌائي ۽ انهيءَ کي سرفراز ڪري.


جيڪڏهن مرض جو داغ ڪپڙي ۾، يا چم ۾، يا تاڃيءَ ۾، يا پيٽي ۾، يا چم جي ڪنهن شيءِ ۾، سائيرو يا ڳاڙهيرو هجي؛ تہ اهو ڪوڙهہ جو مرض آهي، ۽ ڪاهن کي ڏيکاريو وڃي؛


هائو، ۽ منهنجي ڪري اوهان کي حاڪمن ۽ بادشاهن جي اڳيان وٺي ويندا، انهي لاءِ تہ سندن لاءِ، ۽ غير قومن لاءِ شاهدي ٿئي.


تڏهن هن شاگردن کي تاڪيد ڪري چيو تہ اوهين ڪنهن بہ ماڻهوءَ کي متان چئو تہ هي مسيح آهي.


۽ جڏهن اُهي جبل تان هيٺ لٿا، تڏهن يسوع حڪم ڏيئي چين تہ جيسين ابن آدم مئلن مان جي نہ اُٿي، تيسين جيڪي ڏٺو اٿوَ سو ڪنهن کي متان ٻڌايو.


مگر يسوع ورندي ڏيئي چيس هاڻي تہ ائين ڪر، ڇالاءِ جو اسان کي ائين ئي سڀ راستبازي پوري ڪرڻي آهي. تنهن کانپوءِ هن سندس ڳالهہ قبول ڪئي.


ائين نہ ڀانئيو تہ آئون توريت يا نبين جي لکيت کي منسوخ ڪرڻ لاءِ آيو آهيان. آئون منسوخ ڪرڻ لاءِ نہ، پر پوري ڪرڻ لاءِ آيو آهيان.


خبردار ٿيو، متان ماڻهن کي ڏيکارڻ جي لاءِ انهن جي اڳيان چڱا ڪم ڪريو، نہ تہ اوهان جو پيءُ جو آسمان ۾ آهي تنهن کان اجر ڪونہ ملندوَ:


تڏهن هنن جون اکيون کُلي پيون، ۽ يسوع تاڪيد ڪري چين، تہ ڏسو، متان ڪنهن کي خبر پوي.


پر اوهين پنهنجي خبرداري ڪجو، ڇالاءِ جو هو اوهان کي عدالتن جي حوالي ڪندا؛ ۽ عبادتگاهن ۾ اوهان کي ماريندا ڪُٽيندا؛ ۽ منهنجي خاطر اوهان کي حاڪمن ۽ بادشاهن جي اڳيان کڙو ڪندا، تہ ڀلي اُنهن لاءِ شاهدي ٿئي.


۽ هن بلڪل سخت تاڪيد ڪين تہ مون کي پڌرو نہ ڪريو.


پوءِ هن انهن کي سخت تاڪيد ڪئي تہ هن ڳالهہ جي ڪنهن کي بہ خبر نہ پوي: ۽ چيائين تہ ڪجهہ کائڻ لاءِ ڏيوس.


۽ جنهن هنڌ جا ماڻهو اوهان کي قبول نہ ڪن، ۽ اوهان جي نہ ٻُڌن، تن وٽان رواني ٿيڻ مهل اوهين پنهنجن پيرن جي مٽي اُتي ڇنڊي ڇڏجو، تہ ڀلي مٿن شاهدي ٿئي.


پوءِ هن کين تاڪيد ڪئي تہ ڪنهن سان بہ ڳالهہ متان ڪريو: پر جيترو هن وڌيڪ جهلين، اوترو ئي وڌيڪ هنن وڃي اها ڳالهہ پڌري ڪئي.


تنهن تي هن تاڪيد ڪري ڇڏين تہ ڪنهن کي بہ مون بابت نہ ٻڌائجو.


۽ جڏهن اُهي جبل تان ٿي لٿا، تڏهن هن تاڪيد ڪري چين تہ جيسين ابن آدم مئلن مان جي نہ اُٿي، تيسين جيڪي ڏٺو اٿوَ، سو ڪنهن کي نہ ٻڌائجو.


هنن کي ڏسي چيائين، تہ وڃو ۽ وڃي ڪاهنن کي پاڻ ڏيکاريو. ۽ هيئن ٿيو، تہ اُهي ويندي ويندي ڇُٽي پاڪ صاف ٿي پيا.


انهي جو نتيجو اوهان لاءِ شاهدي ڏيڻ جو موقعو ٿيندو.


۽ ڪيترن مان ڀوت پڻ نڪتا، جن واڪو ڪري پئي چيو تہ تون خدا جو فرزند آهين. پر هن دڙڪو ڏيئي ڳالهائڻ کان روڪين: ڇالاءِ جو اُنهن کي خبر هئي تہ هو مسيح آهي.


تڏهن تاڪيد ڪري چيائينس تہ ڪنهن سان بہ چپ نہ چورج، پر وڃي ڪاهن کي پاڻ ڏيکار، ۽ موسيٰ جي حڪم موجب پنهنجي پاڪ ٿيڻ لاءِ نذرانو ڏي، تہ ڀلي اُنهن لاءِ شاهدي ٿئي.


۽ هن جي ماءُ پيءُ کي حيراني وٺي ويئي: پر هن تاڪيد ڪري چين تہ هي جيڪي ٿيو آهي، تنهن جي ڪنهن سان بہ ڳالهہ نہ ڪجو.


پر هن کين تاڪيد ڪري حڪم ڏنو تہ اها ڳالهہ ڪنهن سان نہ ڪجو؛


مون کي ماڻهن کان وڏائي ڪانہ گهرجي.


جو پاڻو ٿو چوي، سو پنهنجي وڏائي ٿو ڳولي: پر جيڪو انهيءَ جي وڏائي ٿو ڳولي، جنهن کيس موڪليو آهي، سو ئي سچو آهي ۽ منجهس کوٽ ڪونهي.


مگر آئون پنهنجي وڏائي نٿو ڳوليان: هڪڙو آهي جو ڳولي ٿو ۽ فيصلو ٿو ڪري.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ