Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 8:3 - Sindhi Bible

3 سو هن پنهنجو هٿ ڊگهيري کيس ڇُهي چيو، تہ منهنجي مرضي آهي تہ تون ڇُٽي پاڪ صاف ٿيءُ. ۽ يڪدم هن جو ڪوڙهہ لهي ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

3 تنهن تي يسوع پنهنجو هٿ انهيءَ ماڻهوءَ تي رکندي کيس چيو تہ ”آءٌ چاهيان ٿو تہ تون ڇٽي پوِتر ٿيءُ.“ تڏهن هڪدم هن جو ڪوڙهہ جهڙو مرض لهي ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 تنهن تي عيسيٰ پنهنجو هٿ انهيءَ ماڻهوءَ تي رکندي کيس چيو تہ ”آءٌ چاهيان ٿو تہ تون ڇٽي پاڪ صاف ٿيءُ.“ تڏهن هڪدم هن جو ڪوڙهہ جهڙو مرض لهي ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

3 تنھن تي عيسيٰ پنھنجو ھٿ ڊگھيريو ۽ کيس لائيندي چيائين تہ ”آءٌ چاھيان ٿو تہ تون ڇٽي پاڪ صاف ٿيءُ.“ تڏھن ھڪدم ھن جو ڪوڙھہ جھڙو مرض لھي ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 8:3
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ خدا چيو تہ سوجهرو ٿئي: ۽ سوجهرو ٿيو.


پر نعمان ڪاوڙجي هليو ويو ۽ چوڻ لڳو تہ ڏس، مون دل ۾ چيو هو تہ هو ضرور مون وٽ ايندو، ۽ بيهي خداوند پنهنجي خدا جو نالو وٺي سڏيندو، ۽ انهيءَ جاءِ جي مٿان پنهنجو هٿ لوڏيندو ۽ ڪوڙهہ کي ڇُٽائيندو.


تڏهن هو هيٺ لهي ويو ۽ يردن ۾ ست ٽُٻيون ڏنائين، جيئن ڪ خدا جي مرد چيو هو: ۽ ننڍي ٻار جي ماس وانگر هن جو ماس موٽي هن وٽ آيو، ۽ هو پاڪ ٿيو.


جو اڃا هن فرمايو تہ اُها پيدا ٿي؛ هن حڪم ڏنو ۽ اُها قائم ٿي بيٺي.


پوءِ چيائينس تہ وري پنهنجو هٿ ڇاتيءَ تي رک. (هن وري پنهنجو هٿ ڇاتيءَ تي رکيو، ۽ جڏهن اهو پنهنجيءَ ڇاتيءَ تان ٻاهر ڪڍيائين تڏهن ڏسي تہ اهو بدلجي اهڙو ٿي پيو جهڙو سندس باقي بدن هو.)


تڏهن هن اُنهي ماڻهوءَ کي چيو تہ پنهنجو هٿ ڊگهير. ۽ هن اُهو ڊگهيريو تہ ٻئي هٿ جهڙو صحيح سالم ٿي پيو.


تنهن تي هن کي رحم آيو ۽ هن پنهنجو هٿ ڊگهيري ڇهي چيس تہ منهنجي مرضي آهي، تہ تون ڇُٽي پاڪ صاف ٿيءُ.


تنهن تي هو جاڳيو، ۽ واءُ کي جهڻڪيائين، ۽ سمنڊ کي چيائين، تہ بس، ماٺو ٿيءُ. پوءِ واءُ بيهي ويو ۽ ڏاڍي نوائي ٿي ويئي.


۽ ڇوڪريءَ کي هٿ کان وٺي چوڻ لڳو، تہ ”تليتا قُومي؛“ جنهن جو ترجمو آهي، اي نينگر، آئون توکي چوان ٿو تہ اُٿ.


۽ آسمان ڏانهن نهاري ٿڌو ساهہ کنيائين، ۽ هن کي چيائين تہ افتح، يعني کُلي پئُہ.


پوءِ جڏهن يسوع ڏٺو تہ ماڻهو ڊوڙندا پيا اچن ۽ گڏ ٿيندا ٿا وڃن، تڏهن ڀوت کي دڙڪو ڏيئي چيائين، تہ اي گونگا ۽ ٻوڙا ڀوت، آئون توکي حڪم ٿو ڏيان تہ هن مان نڪري وڃ، ۽ وري هن ۾ ڪڏهن بہ نہ گهڙج.


۽ اليشع نبيءَ جي ڏينهن ۾ اسرائيل ۾ گهڻيئي ڪوڙهيا هئا، پر منجهانئن سوريہ جي ويٺل نعمان کانسواءِ ڪنهن بہ شفا ڪانہ پاتي.


۽ هن پنهنجو هٿ ڊگهيري، کيس هٿ لائي چيو تہ منهنجي مرضي آهي، تہ تون ڇُٽي پاڪ صاف ٿيءُ، ۽ يڪدم ڪوڙهہ لهي ويس.


۽ ويجهو اچي جنازي کي هٿ لاتائين، تہ ڪانڌي بيهي رهيا. تڏهن چيائين، تہ اي جوان، آئون تو کي چوان ٿو تہ اُٿ.


ائين چئي وڏي سڏ پڪاري چيائين، تہ اي لعزر، نڪري اچ.


جيڪڏهن آئون منجهن اهڙا ڪم نہ ڪريان ها، جي ٻئي ڪنهن بہ نہ ڪيا آهن، تہ مٿن ڏوهہ ڪونہ هجي ها: پر هاڻي تہ مون کي ۽ منهنجي پيءُ کي ڏٺو بہ اٿن، ۽ اسان ٻنهي سان نفرت ڪئي اٿن.


ڇالاءِ جو جيئن پيءُ مُردن کي اُٿاري ٿو ۽ جيارين ٿو، تيئن پٽ بہ جن کي وڻيس، تن کي جياري ٿو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ