Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 8:2 - Sindhi Bible

2 ۽ ڏسو، هڪڙو ڪوڙهيو وٽس آيو ۽ کيس سجدو ڪري چوڻ لڳو، تہ اي خداوند، جي تنهنجي مرضي هجي تہ تون مون کي ڇُٽائي پاڪ صاف ڪري ٿو سگهين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

2 ايتري ۾ هڪڙو ڪوڙهہ جهڙي مرض وارو ماڻهو يسوع وٽ آيو، جنهن سندس اڳيان سيس نوائي چيس تہ ”اي سوامي! جيڪڏهن اوهين چاهيو تہ مون کي ڇٽائي پوِتر ڪري سگھو ٿا.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 ايتري ۾ هڪڙو ڪوڙهہ جهڙي مرض وارو ماڻهو عيسيٰ وٽ آيو، جنهن کيس سجدو ڪري چيس تہ ”اي سائين! جيڪڏهن اوهين چاهيو تہ مون کي ڇٽائي پاڪ صاف ڪري سگھو ٿا.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

2 ايتري ۾ ھڪڙو ڪوڙھہ جھڙي مرض وارو عيسيٰ وٽ آيو، جنھن کيس سجدو ڪري چيو تہ ”اي سائين! جيڪڏھن اوھين چاھيو تہ مون کي ڇٽائي پاڪ صاف ڪري سگھو ٿا.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 8:2
37 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ آءٌ اڄوڪي ڏينهن، جيتوڻيڪ مسح ڪيل بادشاهہ آهيان، تہ بہ ضعيف آهيان؛ هي ماڻهو، ضروياہ جا پٽ مون کان ڏاڍا آهن: خداوند شل شرير کي سندس شرارت موجب بدلو ڏئي.


۽ خداوند بادشاهہ کي ڌڪ هنيو، جنهنڪري هو مرڻ جي ڏينهن تائين ڪوڙهيو ٿي پيو، ۽ ڌار گهر ۾ رهندو آيو. ۽ بادشاهہ جو پٽ يوتام گهر جي ڪم ڪار تي هوندو هو، ۽ ملڪ ۾ ماڻهن جو انصاف ڪندو هو.


هاڻي ارام جي بادشاهہ جو سپهہ سالار نعمان وڏو ماڻهو هو، ۽ پنهنجي ڌڻيءَ جي اڳيان عزت وارو هو، ڇالاءِ جو انهيءَ جي وسيلي خداوند ارام کي فتح ڏني هئي: هو همت وارو بهادر مرد بہ هو، مگر هو ڪوڙهيو هو.


تنهنڪري نعمان جو ڪوڙهہ توکي ۽ تنهنجي اولاد کي هميشہ لاءِ چُهٽندو؛ ۽ هو هن وٽان ڪوڙهيو ٿي نڪتو، اهڙو اڇو جهڙي برف.


پوءِ اهو ڪڪر تنبوءَ تان هٽجي ويو، ۽ ڏسو، مريم هڪدم ڪوڙهي ٿي پيئي، بلڪل اڇي جهڙي برف، ۽ هارون مريم ڏانهن نهاريو، ۽ ڏٺائينس تہ ڪوڙهي ٿي پيئي آهي.


بيمارن کي شفا ڏجو، مئلن کي جيئارجو، ڪوڙهين کي ڇُٽائي صاف ڪجو، ڀوت ڪڍجو، مفت مليو اٿوَ، مفت ڏجو.


۽ هنن جي بي اعتقاديءَ ڪري هن اُتي گهڻا معجزا نہ ڪيا.


۽ جيڪي ٻيڙيءَ ۾ هئا، تن اچي پيرين پئي چيس تہ سچ پچ تون خدا جو فرزند آهين.


پر هن زال اچي پيرين پئي چيس تہ خداوند، منهنجي مدد ڪر.


تنهن تي نوڪر پيرين پيس، ۽ سجدو ڪري چيائينس، تہ اي خداوند، مون کي مهلت ڏي تہ آئون تنهنجو سمورو قرض ادا ڪندس.


۽ هو انهي گهر ۾ آيا ۽ ننڍي ٻار کي سندس ماءُ مريم وٽ ڏٺائون، ۽ پيرين پئي کيس سجدو ڪيائون؛ ۽ پنهنجون ڳوٿريون کولي، سون ۽ لوبان ۽ مر هن جي اڳيان نذرانو رکيائون.


تنهن کانپوءِ زبديءَ جي پٽن جي ماءُ پنهنجن پٽن سميت وٽس آئي ۽ پيرين پئي هن کي عرض ڪرڻ لڳي.


هاڻي جڏهن يسوع بيت عنياہ ۾ شمعون ڪوڙهيءَ جي گهر ۾ هو، ۽ ماني ويٺي کاڌائين،


۽ جڏهن کيس ڏٺائون، تڏهن سجدو ڪيائونس، پر ڪي شڪ ۾ هئا.


۽ ڏسو، يسوع کين گڏيو، ۽ چيائين تہ سلام، ۽ هنن اچي پيرن تي ڪِري کيس سجدو ڪيو.


۽ چيائينس، تہ جي تون پيرين پئي مون کي سجدو ڪندين، تہ آئون توکي هي سڀ شيون ڏيندس.


۽ جڏهن هو جبل تان لهي آيو، تڏهن وڏا ميڙاڪا اچي سندس پٺيان هلڻ لڳا.


۽ هنن اچي جاڳائي چيس تہ اي خداوند بچاءِ، اسين چٽ ٿا ٿيون.


اڃا هن اُنهن سان هي ڳالهيون پئي ڪيون، تہ ڏسو، هڪڙي سردار اچي کيس سجدو ڪري چيو، تہ منهنجي ڌيءَ اِجهو هينئر مئي آهي، پر تون اچي هن تي پنهنجو هٿ رک تہ هوءَ بچي پوي.


۽ اليشع نبيءَ جي ڏينهن ۾ اسرائيل ۾ گهڻيئي ڪوڙهيا هئا، پر منجهانئن سوريہ جي ويٺل نعمان کانسواءِ ڪنهن بہ شفا ڪانہ پاتي.


تڏهن هن چيو، تہ اي خداوند، آئون ايمان آڻيان ٿو. پوءِ کيس سجدو ڪيائين.


پر پطرس چيو تہ اي خداوند، هرگز نہ؛ ڇالاءِ جو مون ڪڏهن بہ ڪا حرام يا ناپاڪ شيءِ نہ کاڌي آهي.


۽ هيئن ٿيو جو جڏهن پطرس اندر گهڙڻ لڳو، تہ ڪرنيليس وڃي گڏيس ۽ پيرين پئي سجدو ڪيائينس.


۽ سندس دل جا ڳُجهہ ظاهر ٿي پوندا، ۽ نيٺ هو گوڏا کوڙي خدا کي سجدو ڪندو، ۽ قبول ڪندو تہ تحقيق خدا اوهان ۾ آهي.


۽ آئون کيس سجدي ڪرڻ لاءِ سندس پيرن تي ڪِري پيس. ۽ هن مون کي چيو تہ ڏس، متان ائين ڪرين: آئون تو سان ۽ جيڪي تنهنجا ڀائر يسوع جي شاهديءَ تي قائم آهن، تن سان گڏ خدمت ڪرڻ وارو آهيان؛ خدا کي سجدو ڪر: ڇالاءِ جو يسوع جي شاهدي نبوت جو روح آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ