Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 7:6 - Sindhi Bible

6 جيڪي پاڪ آهي سو ڪتن کي نہ ڏيو، نڪي پنهنجا موتي سوئرن جي اڳيان اُڇلائي وجهو، تہ متان هو اُنهن کي پنهنجن پيرن هيٺ لتاڙين ۽ ڦري اچي اوهان کي ڏارين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

6 اوهين پوِتر شيون ڪتن اڳيان نہ اڇلايو، نڪي پنهنجا موتي سوئرن اڳيان ڦٽا ڪريو. اهي تہ انهن کي رڳو لتاڙي ڇڏيندا ۽ ڦري اوهان کي چيري ڦاڙي وجھندا.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 اوهين پاڪ شيون ڪتن اڳيان نہ اڇلايو، نڪي پنهنجا موتي سوئرن اڳيان ڦٽا ڪريو. اهي تہ انهن کي رڳو لتاڙي ڇڏيندا ۽ ڦري اوهان کي چيري ڦاڙي وجھندا.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

6 پاڪ شيون ڪتن ڏانھن نہ اڇلايو ۽ موتي سوئرن اڳيان ڦٽا نہ ڪريو. اھي تہ رڳو انھن کي لتاڙي ڇڏيندا ۽ ڦري اوھان کي ڏاڙھيندا.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 7:6
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيئن ڪو سونو زيور سوئر جي نڪ ۾، تيئن اُها خوبصورت زال جنهن کي تميز ڪونهي:


بيوقوف جي ٻڌندي ڪجهہ بہ نہ ڳالهاءِ؛ ڇالاءِ جو هو تنهنجين ڳالهين جي ڏاهپ کي ڌڪاريندو.


جيئن ڪو ڪتو پنهنجي ڪيل قئي تي موٽي اچي ٿو، تيئن اُهو بي عقل آهي جو وري وري پنهنجي بي عقلي ظاهر ڪري ٿو.


بي عقل کي سندس بيعقليءَ موجب جواب نہ ڏي، تہ متان تون بہ انهيءَ جهڙو ٿي پوين.


هن وراڻي ڏيئي چيو تہ ائين واجب ناهي تہ ٻارن جي ماني کڻي ڪتن کي اُڇلائي ڏجي.


تڏهن گهڻا ئي گمراهہ ٿيندا، ۽ هڪ ٻئي کي جهلائيندا، ۽ هڪ ٻئي سان عداوت رکندا.


اي رياڪار پهرين تون پنهنجي اک مان شهتير ڪڍ، تہ پوءِ صاف ڏسي پنهنجي ڀاءُ جي اک مان ڪٽر ڪڍي سگهندين.


ٽي ڀيرا جهاز ڀڄڻ جي مصيبت ۾ ڦاٿس، هڪ رات ۽ هڪ ڏينهن سمنڊ ۾ ڪاٽيم؛ گهڻائي ڀيرا مسافرين ۾ رهيو آهيان، درياهن جي خطرن ۾، ڌاڙيلن جي خطرن ۾، بيابانن جي خطري ۾، سمنڊ جي خطرن ۾، ڪوڙن ڀائرن جي خطرن ۾؛


ڪتن کان خبردار رهجو، بدڪارن کان خبردار رهجو؛ جيڪي ختنو ڪرائڻ لاءِ زور ٿا ڪن، تن کان خبردار رهجو؛


تڏهن اوهين خيال ڪريو تہ اُهو شخص ڪيتري نہ وڌيڪ سزا جو لائق ٿيندو، جنهن خدا جي فرزند کي پيرن هيٺ لتاڙيو آهي. ۽ جنهن عهد جي رت سان هو پاڪ ڪيو ويو، تنهن کي هن هڪڙي ناپاڪ شيءِ ليکيو آهي، ۽ فضل جي روح کي بي عزت ڪيو اٿس.


۽ پوءِ ڦري ويا، تن کي توبهہ جي لاءِ نئون بنائڻ ناممڪن آهي؛ ڇالاءِ جو اُهي خدا جي فرزند کي پاڻ لاءِ نئين سر صليب تي چاڙهي ظاهر ظهور هن کي ذليل ٿا ڪن.


هي سچو پهاڪو ساڻن لاڳو ٿو ٿئي تہ ”ڪتو قئي ڪري وري انهي ڏانهن موٽي ٿو، ۽ سوئر غسل کانپوءِ وري وڃيو گپ ۾ ليٽي.“


پر ڪتا، ۽ جادوگر، ۽ زناڪار، ۽ خوني، ۽ بُت پرست ۽ اهي سڀيئي جيڪي ڪوڙ کي پسند ٿا ڪن ۽ ڪوڙ ٿا ٺاهين، سي ٻاهر هوندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ